اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هاڻي روڄ راڙي سان ڪم نه هلندو، اسان کي ماضي مان سبق حاصل ڪندي پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو، هڪ جاندار قوم وانگر اڳتي وڌڻو پوندو، قرض ڪيستائين وٺندا رهنداسين، اها قرضن واري زندگي ڪيستائين گذارينداسين، جيڪڏهن اسان کي عالمي دنيا ۾ پاڪستان کي مضبوط بڻائڻو آهي ته مردن ۽ عورتن کي گڏجي پاڪستان جي ترقي ۾ حصو وجهڻو پوندو، شهيدن جي خاندانن جي تڪريم جي لاءِ اسان جيترو به ڪريون اهو گهٽ هوندو. هو عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي پروگرام جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. انساني حقن وارو وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده، نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه، پارليامينٽ ميمبر، ناليوارين عورتن جو وڏو انگ تقريب ۾ شريڪ هو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان جي آبادي ۾ اڌ کان وڌيڪ عورتون آهن، ٻارن کي گهر ۾ تعليم کانسواءِ روايتن، تربيت، وڏن جو احترام ۽ معاشري ضرورتن بابت تربيت ۾ ماءُ جو هڪ اهم ڪردار آهي، عورت جو بطور ڀيڻ ۽ ڌيءَ معاشري ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته 75 سال گذري وڃڻ جي باوجود عورتن جا حق، انهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ موقعا فراهم نه ڪري سگهياسين، اسلامي دنيا يا اولهه ملڪن ۾ عورتن وڌي چڙهي معاشري جي بهتري، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو ته اهي قومون اڳتي وڌي چڪيون آهن، پاڪستان کي اڃا تمام گهڻو سفر طئي ڪرڻو آهي. هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ 5 ارب جا فنڊز ناڪافي آهن، جڏهن اسان پنجاب ۾ عورتن جي لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا، وظيفن ۾ بي پناهه اضافو ڪيو، اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام جي شروعات اسان ڏکڻ پنجاب کان ڪئي هئي. ٻارن ۽ ٻارڙين کي اسڪل ڊيولپمينٽ طرف وٺي وياسين، اسان عمارتون نه ٺاهيون ۽ نه ئي مشينون خريد ڪيون، اسان پنهنجي نئين نسل تي سيڙپڪاريڪ ئي. هن چيو ته وائلنس ايگنسٽ وومين جي شروعات به اسان پنجاب کان ڪئي، پٺتي پيل علائقن ۾ وومين جي لاءِ خصوصي سينٽر جو قيام عمل ۾ آندو ويو. هن چيو ته اڄ اسان جو سڀ کان وڏو چئلينج معاشي ترقي جو آهي، سعودي عرب 2 ارب ڊالر پاڪستان جي خزاني ۾ جمع ڪرايا، مون کي خبر پئي ته فوري طور تي مون انهن جا ٿورا مڃيا آهن. هن چيو ته قرض اسان ڪيستائين وٺندا رهنداسين، اها قرضن واري زندگي گذاريندا رهنداسين؟ هن چيو ته اسان جي اوڀر جي پاڙيسري ملڪ آءِ ايم ايف سان 1991ع ۾ آخري معاهدو ڪيو. هڪ وقت هو جڏهن اسان جي رپئي جو قدر ان کان وڌيڪ هو، اڄ ڪو مقابلو نه آهي. هن چيو ته هاڻي روڄ راڙي سان ڪم نه هلندو، اسان کي پنهنجي حالتن کي سنڀالڻ جي لاءِ ماضي مان سبق حاصل ڪندي پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو، اسان کي هڪ جاندار قوم وانگر اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جو نالو روشن ڪندڙ عورتن ملڪ جو نالو روشن ڪيو، ڪنهن دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو ته ڪنهن پاڪستان جي سياست ۾ پنهنجو نالو ڪمايو، عظيم ذهن رکندڙن کي موقعا ڏئي ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پوري پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ اسان جي ڌيئرن جو وڏو انگ پڙهي ٿو، سرڪاري ميڊيڪل اداري ۾ 8، 9 لک لڳندا هئا، هاڻي اها فيس 15 لک تائين پهچي چڪي آهي، ايتري مهانگي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه عورتون گهر ويهي رهن ٿيون، انهن کي به خدمت جي ميدان ۾ آڻڻو پوندو. هن چيو ته اڄ شهرن ۾ عورتون ملڪ جي هر شعبي ۾ آهن، اسان جي ڳوٺاڻي علائقن ۾ عورتون پنهنجي مردن سان گڏ بيٺل آهن، اهو مثبت ڪردار آهي، ان حوالي سان ڳوٺن جي عورتن جي قومي ترقي وارو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن عالمي دنيا ۾ پاڪستان کي مضبوط بڻائڻو آهي ته مردن ۽ عورتن کي گڏجي پاڪستان جي ترقي ۾ حصو وجهڻو پوندو، ان جي لاءِ سهولتون حڪومت فراهم ڪندي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي پروگرام ۾ شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ پڻ فنڊ رکيو ويو آهي، جيڪي ماڻهو پنهنجي گهرڀاتين کي اڪيلو ڇڏي ملڪ جو دفاع ڪندي شهيد ٿي وڃن ٿا ان کان وڏي بهادري جو ڪو مثال ناهي هوندو، شهيدن جي خاندانن جي تڪريم جي لاءِ اسان جيترو به ڪريون اهو گهٽ هوندو. هن چيو ته گذريل هڪ سال مالي طور تي انتهائي سخت گذريو آهي، ملڪ ۾ ٻوڏ، يوڪرائن جنگ سان پيٽروليم ۽ جنسن جي قيمتن ۾ اضافو ۽ ٻيا چئلينجز درپيش رهيا. هن چيو ته (سڀاڻي) 12 جولاءِ تي آءِ ايم ايف جي بورڊ جو اجلاس ٿيندو اميد آهي ته اسان جو معاملو منظور ٿي ويندو. هن چيو ته 1960ع ۾ پاڪستان ۾ سبز انقلاب آيو، ان ۾ زراعت تمام گهڻي ترقي ڪئي، ڪالهه اسان هڪ منصوبو ٺاهيو ان جي لاءِ اسان حڪمت عملي جوڙي آهي. هن چيو ته اسان وٽ معدنيات جي وڏي مقدار موجود آهي پر اسان ان مان فائدو حاصل نه ڪيو، بجاٰءِ ان شعبي مان ڪمائي ڪريون ها پر اسان کي عالمي سطح تي معاهدي جي خلاف ورزي تي ڏنڊ ادا ڪرڻو پيو. هن چيو ته ماضي ۾ ڏسڻ بدران ان مان سبق حاصل ڪندي اڳتي وڌنداسين ته ڪاميابي اسان جا قدم چُمندي. هن چيو ته اڄ اسان طئي ڪري وٺون ته پاڪستان اسان کي ٺاهڻو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان جو وڃايل مقام حاصل ٿي ويندو. تقريب کي خطاب ڪندي انساني حقن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده چيو ته عورتن کي برابر حيثيت ۽ حق ڏيڻ کانسواءِ ملڪي ترقي ممڪن نه آهي، وزيراعظم جو عورتن جي لاءِ پئڪيج تاريخ جو سڀ کان وڏو پئڪيج آهي، ان سان عورتن جون زندگيون بهتر ٿينديون. هن چيو ته ايس ڊي جيز 5 حاصل ڪرڻ ۾ پڻ اهو پروگرام ڪارائتو ثابت ٿيندو ۽ عورتن جي حقن جي لحاظ کان عالمي درجابندي ۾ پاڪستان جي پوزيشن وڌيڪ بهتر ٿيندي. هن چيو ته عورتن جي تعاون کانسواءِ ڪو ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، ان جي لاءِ ضروري آهي ته انهن جي زندگين کي بهتر بڻايو وڃي ۽ اهڙو ماحول فراهم ڪيو وڇي جتي اهي بهتر ۽ آزاداڻي طور تي ڪم ڪري سگهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه خواجه چيو ته وزيراعظم پاران خصوصي انيشي ايٽو عورتن جي لاءِ ورتو ويو آهي جنهن ۾ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ان سان عورتن جي تعليم، روزگار، ڪاروبار جا موقعا ۽ عورتن جي لاءِ اسڪالرشپ جهڙا پروگرام شروع ڪيا ويندا. هن چيو ته ان پروگرام تحت ايندڙ عورتون معاشري جي ٻين عورتن جي لاءِ مشعل راهه هونديون. هن چيو ته جيستائين عورتن کي انهن جا برابر حق نه ٿا ڏنا وڃن ملڪي ترقي ممڪن نه آهي. هن چيو ته ضروري آهي ته عورتن کي بهتر ڪم ڪرڻ جو ماحول فراهم ڪيو وڃي جتي اهي آزادي سان پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري سگهن.