پشاور – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جو پروگرام خوشي سان قبول ناهي ڪيو، پاڪستان جلد پنهنجي پيرن تي بيهندو، غربت جو خاتمو ٿيندو، جيڪڏهن اسان کي قرضن مان جان ڇڏرائڻي آهي، پنڻ واري روش ختم ڪرڻي آهي ته مُلڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو پوندو، جيڪڏهن ايندڙ چونڊن ۾ عوام اسان کي موقعو ڏنو ته نوجوانن کي وڌيڪ موقعا ڏينداسين، زرعي شعبو پاڪستان جي تقدير بدلائي سگهي ٿو، زرعي شعبي جي ترقي ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ اسان ٺوس منصوبو تيار ڪيو آهي، سفارش ۽ ڪرپشن ملڪ کي نقصان پهچايو آهي، هڪ به ليپ ٽاپ سفارش ۽ پنهنجا نوازي جي بنياد تي نه ڏنو ويندو، پاڪستان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ خطي ۾ خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪ هوندو، سعودي عرب مشڪل ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، 2 ارب ڊالر جي فراهمي تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورائتا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن فاٽا يونيورسٽي جي فيز ون جي افتتاح ۽ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر حاجي غلام علي، نگران وڏو وزير اعظم خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه، وزيراعظم جو خاص معاون انجنيئر امير مقام، خاص معاون عطا تارڙ ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ان جي لاءِ خوشي جوڳو ۽ اطمينان جو ڏينهن آهي ته پشاور ۾ ليپ ٽاپ اسڪيم جي شروعات ڪئي وئي آهي. هي صوبو رحمان بابا، خوشحال خان خٽڪ جي ڌرتي، دلير، بهادر ۽ غيرتمند ماڻهن جي سرزمين آهي. هن صوبي پاڪستان کي دهشتگردي کان بچائڻ جي لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي رت سان بزرگن، ٻارن، عورتن ۽ هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن قربانيون ڏنيون آهن. انهن قربانين کانسواءِ دهشتگردي جي لعنت ختم نه ٿي سگهي ها. وزيراعظم چيو ته هڪ لک ليپ ٽاپ هوشيار شاگردن ۾ پوري ملڪ ۾ ميرٽ تي ورهايا پيا وڃن، ڪا سفارش ۽ پنهنجا نوازي نه ٿيندي. ليپ ٽاپ حاصل ڪندڙ شاگردن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. قوم جي هوشيار ٻارن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا. ڪوويڊ – 19 جي عالمي وبا دوران اهو سلسلو بند ٿي ويو هو پر هاڻي اهو ٻيهر شروع ڪيو پيو وڃي. شاگردن ڪوويڊ – 19 جي عالمي وبا ۾ ليپ ٽاپ ذريعي آن لائين تعليم مان فائدو کنيو. پنجاب مان ليپ ٽاپ ورهائڻ جي شروعات ٿي هئي ان سان ليپ ٽاپ حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. منهنجو وس هلي ته هڪ لک بدران 10 لک ليپ ٽاپ ڏيان پر گذريل هڪ سال ۾ تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏنو. وزيراعظم چيو ته اسان کي ٻيهر مجبوري ۾ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. آءِ ايم ايف جو پروگرام اسان خوشي سان قبول ناهي ڪيو. انشاءَ الله پاڪستان جلد پنهنجي پيرن تي بيهندو، غربت جو خاتمو ٿيندو. ڪالهه اسان غذائي تحفظ ۽ زراعت بابت هڪ سيمينار ڪرايو آهي، جيڪڏهن اسان کي قرضن مان جان ڇڏرائڻي آهي، پنڻ واري روش ختم ڪرڻي آهي ته پنهنجي پيرن تي ملڪ کي بيهارڻو پوندو. ملڪ کي الله تعاليٰ معدنيات ۽ قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي. بس ڪم ڪرڻ جو جذبو هجڻ گهرجي. سعودي عرب کان به اسان کي 2 ارب ڊالر ملي ويا آهن. سعودي عرب جي حڪومت، فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جا ٿورا مڃون ٿا ته هنن مشڪل ۾ اسان جو ساٿ ڏنو. پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير جا به ٿورا مڃان ٿو ته هن تمام گهڻو ڪم ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جي جدوجهد ۾ لکين ماڻهن قربانيون ڏنيون، ريفرنڊم ۾ خيبرپختونخواهه جي عوام قائداعظم جو ساٿ ڏنو هو پر اڄ انهن جا روح اهو سوال ڪن ٿا ته هي اهو پاڪستان ته نه آهي جنهن جي لاءِ اسان قربانيون ڏنيون هيون. اشرافيه ۽ جن ماڻهن کي الله تعاليٰ وسيلا ڏنا آهن انهن کي ملڪ جي لاءِ پنهنجا وسيلا فراهم ڪرڻا پوندا. زرعي شعبي جي ترقي ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ اسان ٺوس منصوبو تيار ڪيو آهي. ماضي ۾ تمام گهڻيون دعوائون ڪيُون ويُون پر عمل ڪجهه نه ٿيو. سڀ متحد ٿي ڪم ڪن ته پاڪستان خوشحال ٿيندو. زراعت پاڪستان جي تقدير بدلائي سگهي ٿي. ملڪ جون معاشي حالتون بهتري طرف گامزن آهن. روڄ راڙي سان نه مسلسل محنت ۽ جدوجهد سان ملڪ ترقي ڪن ٿا. قائداعظم ۽ علامه اقبال جي فرمانن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان کي پنهنجو هٿ مٿي رکڻو آهي يا ڪستو کڻڻو آهي. ملڪ ۾ وسيلن جي ڪا کوٽ نه آهي. مون کي يقين آهي ته اسان جا نوجوان تعليم حاصل ڪري ملڪ جي قسمت سنواريندا. اسان کي زرعي شعبي ۾ انقلاب آڻڻو آهي ۽ ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي. انشاءَ الله ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان خطي ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ بڻجي ويندو. هن چيو ته ليپ ٽاپ رڳو ميرٽ تي ملندا، سفارش تي هڪ ليپ ٽاپ نه ڏنو ويندو. جيڪڏهن ايندڙ چونڊن ۾ عوام اسان کي موقعو ڏنو ته آبادي جي حساب سان هر صوبي ۾ هر سال ليپ ٽاپ ورهائينداسين. ان سان زراعت، صنعت ۽ ٻين شعبن جون حالتون بدلجي وينديون. زراعت، آءِ ٽي، معدنيات ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ٺوس پاليسيون ٺاهيون پيون وڃن. وزيراعظم چيو ته ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ جو ڪم بند پيل آهي. اهو دل جي سچائي سان ڪم نه پيو ڪيو وڃي جنهن سان قومون ترقي ڪنديون آهن. جيڪڏهن اسان وقت ضايع ڪرڻ بند ڪري ڇڏيون ۽ 9 مئي جهڙن واقعن کي اڳتي سدائين جي لاءِ روڪي ڇڏيون ته پاڪستان وڌيڪ ترقي جون منزلون طئي ڪندو. هن چيو ته سفارش ۽ ڪرپشن ملڪ کي نقصان پهچايو آهي. محنت ۽ ميرٽ سان اسان ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهون ٿا. محنت ڪريون ته الله تعاليٰ ضرور صلو ڏي ٿو. وزيراعظم چيو ته نئين يونيورسٽي جو نالو فاٽا يونيورسٽي نه هجڻ گهرجي. ان جو ڪو ٻيو نالو به تجويز ڪري سگهجي ٿو. مشاورت سان يونيورسٽي جو نالو رکي سگهجي ٿو. تقريب کي خيبرپختونخواهه جي گورنر، وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه ۽ وزيراعظم جي خاص معاون انجنيئر امير مقام پڻ خطاب ڪيو.