گڏيل قومون-21 جون (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ رجسٽرڊ 64 لک کان وڌيڪ فلسطيني پناهگير هاڻي به ڪيمپن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. سعودي خابرو اداري موجب پناهگيرن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي فلسطيني ڳڻپ واري مرڪزي اداري پاران جاري ڪيل پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته 28.4 سيڪڙو فلسطيني پناهگير گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (انروا) جي 58 سرڪاري ڪيمپن ۾ رهندڙ آهن. رپورٽ موجب فلسطيني پناهگيرن جا اردن ۾ 10 ڪيمپ، شام ۾ 9 ، لبنان ۾ 12، اولهندي ڪناري ۾ 19 ڪيمپ ۽ غزه جي پٽي ۾ 8 ڪيمپ آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 1948ع ۾ 800،000 کان وڌيڪ فلسطيني بي گهر ٿيا ۽ 200،000 کان وڌيڪ فلسطيني، جن ۾ اڪثريت اردن ۾ پناهه ورتي، جون 1967ع جي جنگ کانپوءِ بي گهر ٿيا هئا. رپورٽ موجب 2021ع جي آخر ۾ دنيا ۾ فلسطينين جو ڪل انگ تقريبن 14 ملين هو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته 1948ع جي نڪبه جي واقعن کانپوءِ فلسطينين جي انگ ۾ تقريبن ڏهوڻ تي اضافو ٿيو آهي جنهن مان تقريبن اڌ يعني 7 ملين تاريخي فلسطين ۾ آباد آهن. آبادي جي اندازن مان ظاهر ٿئي ٿو ته 2021ع جي آخر تائين اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين جي آبادي 3.2 ملين ۽ غزه جي پٽي ۾ تقريبن 2.1 ملين ماڻهن تائين پهچي وئي آهي. والاريل بيت المقدس ۾ 2021ع جي آخر ۾ فلسطيني آبادي تقريبن 477 هزار تائين پهچي وئي، انهن انگن اکرن جي بنياد تي فلسطيني (تاريخي فلسطين“ جي علائقي ۾ رهندڙ آباد جو 49.9 سيڪڙو آهي، جڏهن ته يهودي ڪل آبادي جو 50.1 سيڪڙو آهن جيڪي تاريخي فلسطين جي ڪل ايراضي جي 85 سيڪڙو کان وڌيڪ جو استحصال ڪن ٿا.