اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايوان مون تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، گهر موڪلڻ چاهين ٿا ته هزار ڀيرا وڃڻ لاءِ تيار آهيان پر هن ايوان جو مان نه ٽوڙيندس، آئين ٺاهڻ ۽ ان ۾ ترميم ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي، عدليه کي آئين ٻيهر لکڻ جو ڪو اختيار نه آهي، توهين عدالت جو وار ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، اسان ٽي رڪني بئنچ جو فيصلو نه ٿا مڃون، اسان چار ٽي جو فيصلو مڃون ٿا، ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ ظلم ۽ زيادتي جي بنياد تي شهيد ڪيو ويو، پارليامينٽ جي عزت، توقير، احترام ۽ آئيني اختيار دنيا جي ڪا طاقت نه ٿي کسي سگهي، قانونسازي پارليامينٽ جو اختيار آهي ۽ عوام جي چونڊيل ايوان وٽ اهو اختيار سدائين رهندو، پارليامينٽ جي ان اختيار کي چئلينج ڪرڻ ڏاڍ مُڙسي آهي، سياسي ڳالهه ٻولهه جي ايجنڊا پوري پاڪستان ۾ هڪ ئي ڏينهن صاف ۽ شفاف چونڊن جو انعقاد هوندو، اسان کي هن ملڪ جي تعمير جي جيڪا ذميواري ملي آهي اها پوري ڪرڻ ڏني وڃي. قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ کانپوءِ وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته الله تعاليٰ جا لک لک شڪر ادا ڪريان ٿو ته هن معزز ايوان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي قرارداد تي مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر عزت بخشي آهي ۽ 180 ميمبرن مون تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته هو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، جي يو آءِ (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان، مولانا اسعد محمود، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، سردار اختر مينگل، خالد مگسي، چوڌري شجاعت حسين، چوڌري سالڪ حسين، ايمل ولي خان، امير حيدر خان هوتي، نوابزاده شاهه زين بگٽي، محسن داوڙ، اسلم ڀوتاڻي، پروفيسر ساجد مير، ڊاڪٽر عبدالمالڪ، آفتاب شيرپائو، محمود اچڪزئي، علي نواز شاهه ۽ شاهه اويس نوراني سميت سمورن ميمبرن جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃان ٿو ۽ يقين ڏياريان ٿو ته ايوان مون تي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي توهان جو مان رکندس ۽ ان کي ڪڏهن به ٺيس نه پهچائيندس. وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ ملڪ جي معيشت تيزي سان ترقي ڪري رهي هئي، ان کانپوءِ هڪ هٿ ٺوڪي ۽ فراڊ اليڪشن ٿي، سازش ڪهڙي طرح ڪئي وئي، هاڻي سڀ سامهون اچي رهيو آهي، خواجه طارق رحيم ۽ ثاقب نثار جي مبينا آڊيو جي ذريعي سازش کلي سامهون اچي وئي آهي، 2018ع ۾ پي ٽي آءِ کي اليڪشن کٽرائڻ لاءِ بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي، پاڻمرادو نوٽيسز جي ذريعي ملڪ جي شڪل ئي بگاڙي ڇڏي، هزارين مريض جن جي گڙدي جي پيوندڪاري ٿي سگهي پئي اهي موت جي منهن ۾ هليا ويا. وزيراعظم چيو ته ان وقت جي وزيراعظم واعدو ڪيو هو ته 2018ع ۾ چونڊن جي ڌانڌلي جي جاچ ڪرائي ويندي پر اڄ تائين جاچ نه ڪئي وئي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کان مطالبو ڪريان ٿو ته ان جي ڌانڌلي جي جاچ ڪرائي ته جيئن قوم کي خبر پئجي سگهي ته ڪهڙي طرح عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته جڏهن آءِ ايم ايف سان اسان جي ڳالهه ٻولهه اڳتي وڌي رهي هئي ته ان وقت به عمران نيازي جي اشاري تي ٻن صوبائي وزيرن 22 ڪروڙ عوام ۽ ملڪ جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ جي لاءِ لکي ڇڏيو ته اسان شرطون نه ٿا مـڃون، سائفر بابت به سڀ ڄاڻن ٿا، آمريڪا کي نشانو بڻايو ويو ته ان سازش سان حڪومت تبديل ڪرائي آهي، چين ۽ روس جي حوالي سان به واڳون وارا ڳوڙها وهايا ويا، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ۽ باقي وزارتن جي محنت سان روس کان سستي تيل جو جهاز جلد پاڪستان پهچندو، جيڪڏهن ملڪ ۾ امپورٽيڊ حڪومت هجي ها ته ڇا روس اسان کي سستو ڏي ها. وزيراعظم چيو ته اڄ پارليامينٽ جي فيصلن کي چئلينج ڪيو پيو وڃي، مون کي هن ايوان چونڊيو آهي، اڄ پارليامينٽ هتي فيصلو ڪري ٿي ۽ ڪابينا کي پابند ڪري ٿي ته منهنجو فرض آهي ته هن پارليامينٽ جي فيصلن جو احترام ڪريان. وزيراعظم اعلان ڪيو ته هو هر صورت ۾ پارليامينٽ جي فيصلن سان گڏ بيٺل آهي، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته پارليامينٽ ڪو قانون ٺاهي ۽ عدليه ان قانون جي ڪا حتمي شڪل اختيار ڪرڻ کان اڳ ئي منع نامو جاري ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته آئين ٺاهڻ ۽ ان ۾ ترميم ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي، عدليه کي آئين ٻيهر لکڻ جو ڪو اختيار نه آهي، توهين عدالت جو وار ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي ۽ چيو ويو ته وزيراعظم ايوان جي اڪثريت جو اعتماد وڃائي ويٺو آهي ته اڄ هن ايوان پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ٽي رڪني بئنچ جو فيصلو نه ٿا مڃون، اسان چار ٽي جو فيصلو مڃون ٿا، ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ ظلم ۽ زيادتي جي بنياد تي شهيد ڪيو ويو، نواز شريف کي نااهل ڪيو ويو، يوسف رضا گيلاني کي نااهل ڪيو ويو ته هاڻي جيڪڏهن مون کي گهر موڪلين ٿا ته هزار ڀيرا وڃڻ لاءِ تيار آهيان پر آئون هن ايوان جو مانَ نه ٽوڙيندس. وزيراعظم چيو ته اسان کي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو، اسان سياستدان آهيون، اسان جي هٿ ۾ بندوق يا توپ ته پري لٺ تائين نه آهي، 12 آڪٽوبر ۽ ان کان اڳ ته لٺ گهمائيندا اچي ويندا هئا ته معاملو ختم ٿي ويندو هو، اسان پنهنجي اتحادي پارٽين کي قائل ڪيو ته ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڪو حرج نه آهي ان لاءِ اسان ڳالهه ٻولهه ڪنداسين ۽ اميد آهي ته ڳالهين جي اڄ ئي شروعات ٿي ويندي پر اصل سوال اهو آهي ته ڳالهين جي ايجنڊا ڇا هوندي؟ وزيراعظم واضح ڪيو ته ڳالهين جي ايجنڊا پوري پاڪستان ۾ هڪ ئي ڏينهن صاف شفاف چونڊن جو انعقاد هوندو. هن چيو ته عدالت هر ڀيري هڪ صوبي پنجاب ۾ اليڪشن جي ڳالهه ڪري ٿي، خيبرپختونخواهه انهن کي ياد نه آهي، اتي اليڪشن سان انهن جو ڪجهه اچي وڃي نٿو، جڏهن ته پاڪستان چار اڪائين سان ملي ٺهي ٿو. وزيراعظم چيو ته هڪ پارٽي جو ڪڌو ارادو اهو آهي ته جمهوريت جي آڙ ۾ فاش ازم ۽ ڊڪٽيٽرشپ لاڳو ڪئي وڃي، اسان انهن جو دور ڀوڳي ورتو ۽ جرئت سان انهن جو مقابلو ۽ منهن ڏنو ۽ هڪ ڏينهن به جيل وڃي رُناسين نه، هن ايوان ۾ اهڙا ماڻهو ويٺل آهن جن ڪيترائي سال جيل ڪاٽيون آهن، رڳو پنجاب ۾ اليڪشن سان باقي صوبن کي ڪهڙو پيغام ويندو ۽ ڪنهن به پارٽي جي پنجاب ۾ فتح سان ٻين صوبن تي ان جو اثر پوندو، ان لاءِ اسان چاهيون ٿا ته هڪ ئي ڏينهن پوري ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ٿين. هن چيو ته عمران نيازي کي پنهنجي اقتدار جي دور ۾ نيب جي ڳٺ جوڙ سان ٺاهيل ڪوڙن ڪيسن جو حساب ڏيڻو پوندو، پي ٽي آءِ اورنج ٽرين جي خلاف عدالت ۾ ڪيس ڪيو ۽ ڏينهن رات اهو ڪيس هلايو ويو، جڏهن اتان اسان سرخرو ٿياسين ته پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس ڪري ڇڏيو، ثاقب نٿار ان جو فيصلو روڪي رکيو ته جيئن (ن) ليگ کي ان جو ڪريڊٽ نه ملي، پاڪستان کي اربين رپين کانسواءِ چين جي اعتماد کي به نقصان پهتو، ٻئي طرف بي آر ٽي پشاور ۾ گهپلن جي ڪيس ۾ عدالت اسٽي آرڊر ڏئي نيب کي بيوس ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته مولوي تميزالدين جو ڪيس هجي يا ڀٽو، نواز شريف ۽ گيلاني جو، جيستائين ذميوارن کي ڪٽهڙي ۾ نه بيهارينداسين هن ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف اڻلڀ رهندو، هن ملڪ جي تعمير جي جيڪا ذميواري اسان تي آهي اهو ڪم اسان کي ڪرڻ ڏنو وڃي، اسان کي ”ڀمبل ڀوسون“ ۾ نه الجهايو وڃي، اسان کي بي بنياد ڪيسن ۾ جيلن ۾ وڌو ويو ۽ اسان عدالتن کي منهن ڏنو آهي پر جڏهن عمران نيازي جو وارو آيو ته هي ٽوپ پائي ڦري ٿو. وزيراعظم چيو ته عدليه جي لاءِ اهو هڪ تمام وڏو سوال آهي ته هڪ طرف 8، 8 منٽ ۾ 8، 8 ڪيسن ۾ ضمانتون ۽ وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جي رعايت ڏني پئي وڃي ۽ ٻئي طرف اسان هئاسين ته ڪجهه منٽ به دير جو شڪار ٿي ويندا هئاسين ته اسان جي خلاف عدالتي ڪارروائي شروع ٿي ويندي هئي، اهو عدل جو ٻٽو نظام آهي. هن چيو ته سياسي مخالفن کي عمران نيازي جي دور ۾ چنڊ رات تي گهرن مان کنڀيو ويندو هو، فريال ٽالپر کي عورت هجڻ جي ناطي به لحاظ نه ڪيو ويو، آئون عدليه کي چوان ٿو ته اسان کان سوال ڪرڻ کان اڳ پنهنجو به احتساب ڪن ته ڪيترن ججن کي ڪرپشن تي سزا ڏني، تڏهن ئي عدليه کي عزت ملندي، سڄي قوم ڄاڻي ٿي ته هن ملڪ ۾ جڏهن هڪ طرف سوين قيدي اهڙا آهن جن جي ضمانت جون درخواستون 8، 8 سال ٻڌڻي جي لاءِ مقرر نه ٿيون ٿين، اهڙي ۾ هڪ لاڏلي جي لاءِ سو موٽو ڇو اچي وڃي ٿو، هن نظام کي بدلائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم اعلان ڪيو ته پارليامينٽ جي عزت، توقير، احترام ۽ آئيني اختيار کي دنيا جي ڪا طاقت نه ٿي کسي سگهي، عوام جي چونڊيل هن ايوان وٽ اهو اختيار سدائين رهندو ۽ آئون هن پارليامينٽ سان گڏ بيٺل آهيان ۽ بيٺل رهندس.