اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ذاتي اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ هر حربو استعمال ڪيو، پاڪ فوج ۽ ان جي قيادت کي ٻاهرئين ايجنٽن جي ذريعي بدنام ڪيو ويو، معاشري ۾ انتشار ۽ ورڇ پيدا ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وئي، ان سڀ ڪجهه جي باوجود اتحادي حڪومت ڳالهه ٻولهه جو دروازو بند نه ٿي ڪرڻ چاهي، پارلياماني ڪميٽي پارليامينٽ جي ذريعي گنجائش پيدا ڪري سگهي ٿي، هڪ ڏينهن اليڪشن جي تاريخ تي سڀني کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ اسان پنهنجي آخري ڪوشش ڪري ورتي، پارليامينٽ جيڪي فيصلا ڪندي انهن جو احترام ڪنداسين، سپريم ڪورٽ جو ڪم پنچائت يا ثالثي ڪرڻ نه آهي. هو اتحادي پارٽين جي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلاس ۾ شريڪ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن کي اجلاس ۾ ڀليڪار چوندي گذريل عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر اتحادي پارٽين جا اڳواڻ مشاورت جي لاءِ گڏ ٿيا آهن، ويجهي ماضي ۾ اتحادي اڳواڻن جون جيڪي ويهڪون ٿيون انهن ۾ ملڪ کي درپيش صورتحال، حالتن ۽ چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ان جي نتيجي ۾ قدم کنيا ويا، قومي اسيمبلي ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ به انهن چئلينجز تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اعليٰ عدليه جي حوالي سان معاملن تي آئيني ۽ قانوني قدم کنيا ويا. وزيراعظم چيو ته صورتحال اڃا به وڏي چئلينجنگ آهي، ڪالهه سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪن بئنچ جنهن کي پارليامينٽ قبول نه ڪيو ۽ اها هڪ متفقه راءِ ۽ فيصلو هو ته اسان چار ٽي جو فيصلو مڃون ٿا، پنج ٻه يا ٽي ٻه جو نه، ان تي پوري پختگي سان اسان پنهنجو موقف قائم ڪيو ۽ اڄ به اسان سڀ اهو سمجهون ۽ مڃون ٿا ته فيصلو چار ٽي جو آهي. وزيراعظم چيو ته پر سپريم ڪورٽ ان حوالي سان پنهنجي ٽي رڪني بئنچ سان معاملن کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهي ٿي ته ان بابت اسان اڄ ٻيهر گڏ ٿيا آهيون ته جيئن پنهنجي فيصلي جو ورجاءُ ڪريون. وزيراعظم چيو ته سڀاڻي انهي بئنچ اليڪشن جي لاءِ فنڊز جي فراهمي جي حوالي سان جواب گهريو آهي، ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جيڪي فيصلا ڏنا هئا انهن کي پارليامينٽ ڊيل ڪيو ۽ اڄ به آئون سمجهان ٿو ته پارليامينٽ جيڪي فيصلا ڏنا آهن ۽ قراردادون منظور ڪيون آهن هي معاملو به پارليامينٽ چاهيندي ته ان جي سامهون آندو وڃي ۽ اها قوم جي آڏو پنهنجي راءِ سامهون آڻي، اسان جو اهو اخلاقي ۽ سياسي فرض بڻجي ٿو ته پارليامينٽ جيڪي فيصلا ڏنا آهن انهن جو احترام ڪريون. وزيراعظم چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ان کان هٽي ڪري آئون نه ٿو سمجهان ته مون يا توهان کي اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي ته اسان سپريم ڪورٽ کي ضامن بڻايون يا ثالثي جو حق ڏيون، اهو انهن جو ڪم نه آهي، پنچائت انهن جو ڪم نه آهي، انهن جو ڪم قانون ۽ آئين موجب فيصلا ڏيڻ آهي تنهن ڪري ان بابت ته چونڊون هڪ ڏينهن ٿيڻ گهرجن ۽ ڪڏهن ٿيڻ گهرجن ان بابت اتحادي پارٽين جي اندر مڪمل ٻڌي ۽ اتفاق آهي ته چونڊون نومبر ۾، جيڪا به ان جي تاريخ بڻجي ٿي، تي ٿيڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته 13 آگسٽ تي پارليامينٽ جو مدو ختم ٿيڻو آهي، ان کانپوءِ جيڪڏهن 90 ڏينهن شامل ڪيا وڃن ته آڪٽوبر، نومبر جي تاريخ بڻجي ٿي پر قوم کي اهو باور ڪرائڻ جي لاءِ ته ملڪ اندر جي هن وقت جيڪي چئلينجز آهن ۽ جنهن کي پي ٽي آءِ جي قيادت، انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي ته حل ڪرڻ جي لاءِ تجويزون ڏيڻ بدران ايڪسپلائيٽ ڪيو، انهن پنهنجي صوبائي ناڻي وارن وزيرن کي چيو ته آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته جيئن ته آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ٿي سگهي، پي ٽي آءِ قيادت اهو چئي پاڪستان جي رستي ۾ وڌيڪ ڪنڊا وڇايا ته آمريڪا سازش ڪئي هئي ۽ پوءِ انتهائي ڍٽائي ۽ بي شرمي سان يوٽرن ورتو ۽ هڪ ڏينهن چيو ته اها سازش آمريڪا نه پر اها سازش پاڪستان جي اندر ئي تيار ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جنهن بري طرح اسان جي پرڏيهي لاڳپن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو ان جا تفصيل هو هتي بيان ڪرڻ کان قاصر آهي. هن چيو ته پرڏيهي وزير ۽ مون سميت اتحادي اڳواڻن معاملن کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪافي بهتري آئي آهي پر ان جي باوجود معاملن کي اطمينان جوڳو قرار ڏيڻ مشڪل آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي اندر انتشار پيدا ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وئي، معاشري ۾ ورڇ پيدا ڪئي وئي ۽ معاشري ۾ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ طبقن ۾ زهر وڌو ويو، استاد کي شآاگردن سان، آجر کي اجير سان، سياستدان کي ورڪر سان متنفر ڪيو ويو ۽ ملڪ ۾ انتشار پيدا ڪرڻ جي لاءِ هر طرح جا حربا ۽ سمورا موقعا استعمال ڪيا جيتوڻيڪ پاڪ فوج کي به نه بخشيو ويو، ان جي قيادت کي پاڪستان کان ٻاهر ڪجهه ايجنٽس جيڪي پي ٽي آءِ جي ايجنٽس آهن ۽ پاڪستان جا دشمن آهن انهن اهو ڪڌو ڪردار ادا ڪيو ته دشمن به شايد اهو ڪردار ادا نه ڪري سگهي ۽ اهڙي طرح جا ٽوئيٽس ۽ بيان جاري ڪيا ويا ۽ سوشل ميڊيا تي اهڙي گرافڪ پريزنٽيشنز ڏني وئي ته انسان حيران ٿي وڃي ٿو ته ذاتي اناءَ ۽ اقتدار جي لاءِ پاڪستان جي هر مقصد کي بري طرح قربان ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان جي آڏو ٽي چار معاملا اهڙا آهن جن تي پارليامينٽ پنهنجو فيصلو ڏئي چڪي آهي ۽ اهي ٻيهر جيئن ته اسان کي ٻڌايو ويو ته سڀاڻي توهان کي جواب ڏيڻو آهي ته پارليامينٽ کي ئي هاڻي ان جو فيصلو ڪرڻو آهي، مون کي ۽ اتحادي اڳواڻن کي ان جو فيصلو ناهي ڪرڻو. وزيراعظم چيو ته جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ڳالهه آهي ان بابت سڀني جي هڪ راءِ آهي ۽ اها غالب راءِ آهي ته اسان کي ڳالهه ٻولهه جو دروازو بند نه ڪرڻ گهرجي پر ان جي ڪهڙي شڪل هوندي ان جو فيصلو اسان مشاورت سان ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته هڪ راءِ اها به آهي ته اسان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ذريعي اها ڳالهه انهن تائين پهچايون ۽ پارلياماني ڪميٽي ان معاملي کي طئي ڪري سگهي ٿي ۽ پارليامينٽ ۾ پارلياماني ڪميٽي ان معاملي ۾ گنجائش پيدا ڪري سگهي ٿي ته جيئن قوم اهو ڄاڻي سگهي ته اتحادي حڪومت جي اڳواڻن هڪ ڏينهن چونڊن جي تاريخ تي سڀني کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي آخري ڪوشش ڪري ورتي ۽ ان معاملي کي اسان پنهنجي اناءَ جو مسئلو نه بڻايو جهڙي طرح ته اسان جي مخالفن ميثاق معيشت، آءِ ايم ايف، ڀارت جي حربن، ڪوويڊ ۽ ٻين قومي معاملن تي اهو مناسب نه سمجهيو ته قوم ۾ اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ جي لاءِ اهي پنهنجي ذاتي پسند ۽ ناپسند ۽ اناءَ کي هڪ طرف رکن.