اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو آهي ته بالٽي، دٻو ۽ ڊسٽ بن پائڻ سان تنهنجي شڪل ته لڪي سگهي ٿي تنهنجي نااهلي، نالائقي ۽ ڪرپشن نٿي لڪي سگهي، موجوده حڪومت جي پهرين 8 مهينن ۾ جي ڊي پي جي شرح سان مالياتي خسارو 3.4 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 2.8 سيڪڙو تي آيو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 74 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، واپاري خساري ۾ 36 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اتحادي حڪومت هڪ سال جي مختصر وقت ۾ معاشي تباهي جي سفر کي خوشحالي طرف موڙي ڇڏيو آهي، حڪمران پارٽين جي گذريل ڏينهن ٿيندڙ اجلاس ۾ ڳالهين جي معاملي تي غور جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، پي ٽي آءِ، ٽڪيٽ فروش“ پارٽي بڻجي چڪي آهي، عمران سان ملاقات جي قيمت هڪ ڪروڙ رپيا آهي، ملڪ ڦريندڙ هاڻي ٽڪيٽن جي نالي تي ڦرلٽ ڪري رهيا آهن. هو وزيراعظم جي معيشت ۽ توانائي معاملن بابت ڪوآرڊينيٽر بلال اظهر ڪياني سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي هن اتحادي حڪومت جي ڪارڪردگي تي ٻه خصوصي وڊيوز جاري ڪيون جن ۾ هڪ سال دوران معيشت، پرڏيهي معاملن سميت مختلف شعبن ۾ ٿيندڙ ڪاميابين جي ڀيٽ پيش ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مشڪل معاشي حالتن جي باوجود 1800 ارب جو آبادگار پئڪيج ڏنو. 3 مهينن ۾ 6.9 ارب جا قرض نوجوانن ۾ ورهايا ويا آهن. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نوجوانن کي زرعي قرض ڏنا ويا آهن. آءِ ٽي شعبي ۾ نوجوانن کي ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ ان کي وڌائڻ جي لاءِ قرض ڏنا ويا آهن. هن چيو ته مشڪل ترين معاشي حالتن جي باوجود وفاق ٻوڏ متاثرين ۾ 100 ارب رپيا ورهايا. 400 ارب رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ورهايا. هن چيو ته وزيراعظم 9 مهينن ۾ 1800 ميگاواٽ نئين بجلي جو نيشنل گرڊ ۾ اضافو ڪيو. 74 ارب رپين سان خصوصي رمضان پئڪيج ذريعي عوام کي مفت اٽو ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اتحادي حڪومت اڳوڻي حڪومت جي چار سالن ۾ آندل بدحالي جي سفر کي خوشحالي طرف موڙي ڇڏيو آهي. رياست جي لاءِ سياست نه رياست اسان جي ترجيح آهي. اسان رياست جا مفاد قربان نه ٿيڻ ڏنا. عمران خان جي چار سالا غلط پاليسين جي ڪري اڄ ملڪ ۾ مهانگائي آهي، اسان ڏينهن رات هڪ ڪري ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو. جيڪو شخص پنهنجي ڪيسز کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار هجي ان سان ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ سوچڻ ضروري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته غيرآئيني طور تي مڙهيل حڪومت کي اسان آئيني طور تي بي اعتمادي رٿ ذريعي ڪڍيو. موجوده حڪومت هڪ سال کان ماضي جو گند صاف ڪري رهي آهي، ماضي جي حڪومت معيشٽ تباهه ڪئي، عوام جو اٽو، کنڊ مهانگو ڪيو، روٽي، روزگار، ڪاروبار ختم ڪيو، ڪشمير جو سودو ڪيو، پوءِ به نڪ جي پڪائي سان هي نااهل ٽولو چوي ٿو ته آئون تمام گهڻو مقبول آهيان. هن چيو ته اپريل 2022ع ۾ جڏهن موجوده حڪومت آئي ته ان وقت ملڪ جي هر ماڻهو جي زبان تي هو ته ملڪ ڪجهه ڏينهن ۾ ڏيوالپڻو ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته معيشت جو ڪو آن يا آف سوئچ ناهي هوندو، موجوده مهانگائي ماضي جي چار سالا غلط حڪومتي پاليسين جي ڪري آئي آهي. 2018ع ۾ مهانگائي 3.8 سيڪڙو هئي جڏهن ته کاڌي پيتي جي مهانگائي 2.3 سيڪڙو جي تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي هئي جيڪا چار سالن ۾ تاريخ جي بلند ترين سطح تي وئي. هن چيو ته ماضي جي حڪومت جي چار سالا ناڪام پاليسين ۽ موجوده حڪومت جي هڪ سالا ڪارڪردگي جي ڀيٽ پاڻ عوام ڪري رهي آهي. هن چيو ته 2018ع تائين ملڪي معيشت مستحڪم هئي، ترقي جي شرح 6.2 سيڪڙو هئي. دنيا گواهي ڏئي رهي هئي ته پاڪستان جي معيشت ٽيڪ آف ڪري رهي آهي ۽ سندس ڳاڻيٽو دنيا جي 20 اڀرندڙ معيشتن ۾ ٿي رهيو هو. اسان دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ ختم ڪئي. بجلي جي رڪارڊ 18000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي. 5 سالن تائين اٽو 35 رپيا ۽ کنڊ 52 رپيا ڪلو برقرار رهي. چار سالن ۾ 35 رپين مان اٽو 100 رپيا ۽ 53 رپين مان کنڊ 120 رپيا ڪلو ٿي وئي. 2 ڪروڙ ماڻهو غريب ۽ 60 لک بيروزگار ٿيا. مريم اورنگزيب چيو ته مسلم ليگ آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪيو هو ۽ ان پروگرام جي باوجود عوام کي مهانگائي کان بچايو ۽ ملڪ کي ترقي جي بلند ترين شرح پڻ ڏني. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت چار سالن جي حڪومت ۾ تاريخ جي بلند ترين خسارا ڏنا. آخري ۾ سال 5200 ارب جو خسارو ڏنو. واپاري خسارو 40 ارب ڇڏي ويا. سخت ترين شرطن تي آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو ۽ پوءِ آءِ ايم ايف معاهدي جي خلاف ورزي ڪري ملڪ کي ڊيفالٽ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت رڳو چار سالن ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو 20 هزار ارب جو قرض ورتو. 75 سالن ۾ سڀ حڪومتن گڏجي جيڪو قرض ورتو، ان کان وڌيڪ 78 سيڪڙو پي ٽي آءِ چار سالن ۾ وٺي ملڪ کي قرض ۾ ٻوڙي ڇڏيو. اطلاعات واري وزير چيو ته 200 معاشي ماهر چار سالن تائين نامعلوم رهيا. 100 ڏينهن ۾ معيشت ٺيڪ ڪرڻ، مري وڃڻ آءِ ايم ايف نه وڃڻ جي دعويٰ ٿي هئي پر معيشت جو جنازو ڪڍي ويا. هن چيو ته چار سالن دوران جن دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي وئي هئي، انهن کي واپس گهرايو ويو، انهن سان ڊيلون ڪيون ويون. هن چيو ته چار سالن ۾ هلندڙ منصوبا بند ڪيا، ڀاڻ، گئس جي قيمت ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي هلي وئي. اطلاعات واري وزير چيو ته جڏهن ملڪ ڊيفالٽ جي ڪناري تي هو ته ان وقت وزيراعظم شهباز شريف هڪ ويزن ڏنو ۽ ملڪ کي ترقي جي سفر تي وڌو. کاڌي پيتي جي شين جي سستي اگهن تي فراهمي کي يقيني بڻايو. اٽي، کنڊ سميت کاڌي پيتي جي سمورين شين جي لاءِ سبسڊي ڏئي عوام کي ريليف ڏنو. اڳوڻي حڪومت جا چار سال آبادگار روئيندا رهيا، استاد رستن تي احتجاج ڪندا رهيا، سڀني طبقن کي ريليف بدران تشدد جو نشانو بڻايو ويو. مريم اورنگزيب چيو ته موجوده حڪومت موسمياتي تبديلي جي ڪيس کي عالمي دنيا آڏو پيش ڪيو. هن چيو ته مهانگائي تي اسان کي عوام جي مشڪلاتن جو سڀ کان وڌيڪ احساس آهي، اسان پنهنجا سمورا وسيلا ۽ صلاحيتون استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته بجلي جي شعبي جو گردشي قرض 1100 ارب رپيا هو جيڪو پي ٽي آءِ جي چار سالن ۾ 2500 ارب ٿي ويو جڏهن ته گئس جي شعبي ۾ ڪو گردشي قرض نه هو پر پي ٽي آءِ جي دور ۾ 1400 ارب جو گردشي قرض ڇڏي ويا. هن چيو ته 10 مهينن ۾ اتحادي حڪومت اڳوڻي حڪومت جي لاءِ قرضن جي ادائيگي جي مد ۾ 11 ارب ڊالر وقت سر ادا ڪيا. اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ ٽڪيٽ فروش پارٽي بڻجي چڪي آهي. هڪ ڪروڙ ملڻ جي فيس آهي جنهن کانپوءِ وڌيڪ ادائيگي ڪرڻي آهي ان جي ڪا حد مقرر نه آهي. هن چيو ته اسان عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. دوست ملڪ جيڪي ناراض هئا، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڏينهن رات هڪ ڪري اهي لاڳاپا بحال ڪيا. هن چيو ته سمورا بند منصوبا هڪ سال ۾ بحال ڪيا، غيرملڪي ڪمپنين کي ادائيگيون ڪيون، سي پيڪ، يوٿ پروگرام، ليپ ٽاپ اسڪيم، نوجوانن ۽ آبادگارن کي آسان قرضن جي فراهمي ٿي رهي آهي. هن چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ حڪومتون هجڻ جي باوجود هي شخص ٻوڏ متاثرين سان گڏ بيٺل نظر نه آيو، دهشتگردي واپس آئي ته هڪ لفظ نه ڳالهايو ۽ جڏهن لسٻيلا حادثو ٿيو ته پنهنجي اڪائونٽ تان ان جي خلاف مهم هلائي. اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب چيو ته جڏهنان جي حڪومت هئي ته سوال ڪندڙ صحافي، سياستدانن سان بدسلوڪي ڪئي ويندي هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جي خلاف سمورا ڪيسز عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، ادارن ثبوت سان گڏ ڪيس ٺاهيا آهن، چيو وڃي ٿو ته عمران خان کي هراسان نه ڪيو وڃي، ٻين جي ڀينرن کي گهيلي جيلن ۾ وڌو ويو، انهن کي ته ريليف نه مليو هو. انهن کي ته عدالتن ۾ ڪيسز جي باوجود ضمانت تي ضمانتون ملي رهيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پارليامينٽ جو فيصلو اچي چڪو آهي ته اقليت جو فيصلو اڪثريت تي حاوي نه ٿيندو، اهو شخص جيڪو ڳالهين جي معنيٰ نه ڄاڻندو هجي ۽ پنهنجي ڪيسز کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ ڳالهيون ڪندو هجي، ان کي پهرين انسانن بڻجڻو پوندو. هن چيو ته اتحادي حڪومت بابت شروع ڏينهن کان چوندا هئا ته هي اتحاد نه هلندو، الحمدالله عوام کي ريليف ڏيڻ جي نيت سان هي اتحاد قائم آهي ۽ قائم رهندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن اتحادي پارٽين جو اجلاس ٿيو ان ۾ ڪافي آپشن تي غور ٿيو، عمران خان جو پيغام آهي ته منهنجا ڪيسز ختم ڪري ڇڏيو ته ڳالهيون ڪندس، اهڙو شخص جنهن ملڪ سان ائين ڪيو هجي ان سان ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ هزار ڀيرا سوچڻو پوي ٿو. مشاورتي اجلاس ۾ هڪ ڪميٽي قائم ٿي آهي جيڪا اتحادي پارٽين جي اندر معاملن کي ڊسڪس ڪري رهيا آهن. حتمي فيصلو ٿي ويندو ته ميڊيا کي آگاهه ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪومتي بزنس کي اشتهارن سان ڳنڍيو ويو، پيمرا ۾ پي ايف يو جي کي شڪايت ڪائونسل ۽ اٿارٽي ۾ نمائندگي ڏني وئي. ان لاءِ جيڪو ادارو پگهار نه ٿيندو، ان کي بزنس نه ڏنو ويندو. اهو ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو، فيڪ نيوز، ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن تي پابندي هڻي قانونسازي جي ذريعي پيمرا ۾ شامل ڪيو ويو. هن چيو ته 11 سالن کانپوءِ ويج بورڊ لاڳو اسان ڪرايو هو، آءِ ٽي اين اي جو چيئرمين لڳايو جنهن ميڊيا ورڪرز کي 7 ڪروڙ جون رهتون ادا ڪرايون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ سان هڪ گروهه جيڪا راند کيڏي اهي 80 سيڪڙو گهيري ۾ آهن پر عدالتن مان ريليف وٺي رهيا آهن.