APP08-100223 LAHORE: February 10-Prime Minister Muhannad Shehbaz Sharif talking to media on the occasion of seeing off a plane carrying relief goods for the earthquake victims of Turkiye; Federal Minister for Economic Affairs Sardar Ayaz Sadiq , Chief Minister of the Punjab Syed Mohsin Naqvi and Turkish Consul General H.E. Emir Ozbay are also present at the occasion . APP/SSH

لاهور – 10 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ترڪ ڀائرن جي مدد لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو، هنن حالتن ۾ ڪڏهن به ترڪيه کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، ترڪيه جي عوام سان همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، اميد ڪريون ٿا ته ترڪيه جلد ان مشڪل مان نڪري ايندو، 2010ع جي بدترين ٻوڏ ۾ ترڪيه پاڪستان ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ آباد ڪيا، نيون اسپتالون ٺاهيون، ترڪيه جي خاتون اول پنهنجو قيمتي هار به عطيي طور ڏنو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي امدادي سامان جي روانگي جي موقعي تي لاهور ايئرپورٽ تي ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي، ترڪيه جي قونصل جنرل ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين به موجود هُئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته زلزلي سان ترڪيه ۽ شام ۾ هزارين قيمتي جانين جو نقصان ٿيو. اسان جي ڀائر ملڪن ترڪيه ۽ شام ۾ خوفناڪ زلزلي جيڪا تباهي مچائي جنهن سان هزارين ماڻهو جن ۾ بزرگ، ڀينرون، ڀائر ۽ ٻار شامل آهن، الله کي پيارا ٿي ويا ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا، جڏهن ته هزارين ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ماڻهو بنا سامان جي پنهنجي پيارن کي ڳولي رهيا آهن. هن چيو ته ايتري تباهي موجوده دور ۾ اسان جي اکين ڪڏهن به نه ڏٺي هوندي، ترڪيه ۽ شام ۾ هر طرف هولناڪ منظر ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، اسان کي پوري اميد آهي ته ترڪيه جي عوام پنهنجي اڳواڻ صدر طيب اردوان جي سربراهي ۾ ان مشڪل حالتن مان ضرور نڪرندو ۽ اهڙي طرح شام جي عوام به دليري سان حالتن جو مقابلو ڪندي مشڪلاتن مان نڪرندي. وزيراعظم چيو ته هن وقت پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام ترڪيه جي ڀينرن ڀائرن سان گڏ آهي ۽ انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. ترڪيه ۾ زلزلي کانپوءِ مون فوري طور تي ترڪ صدر طيب اردوان کي فون ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جي عوام توهان سان گڏ بيٺل آهي ۽ ان کي هر قسم جي مدد جي خاطري ڪرائي. پاڪستان ترڪيه کي ڪڏهن به انهن حالتن ۾ اڪيلو نه ڇڏيندو. محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جا ترڪيه سان تمام پراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ۾ 2005ع جي زلزلي ۾ اٽڪل هڪ لک ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ هر طرف تباهي هئي، جڏهن ته 2010ع جي بدترين ٻوڏ ۾ ترڪيه جي صدر طيب اردوان پاڻ پاڪستان آيو ۽ ان سان گڏ سندس گهرواريءَ به هئي، ان ٻوڏ ۾ ترڪيه پاڪستان ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ آباد ڪيا ۽ نيون اسپتالون ٺاهيون ۽ ترڪيه جي عوام ۽ صدر ان وقت تائين رابطو برقرار رکيو جيستائين پاڪستان جو آخري ماڻهو پنهنجي گهر ۾ ٻيهر بحال نه ٿيو. ان وقت ترڪيه جي خاتون اول ترڪيه جي سرنديءَ وارن ماڻهن ۽ واپارين سان پاڪستان جي مالي امداد جي لاءِ اپيل ڪئي ۽ پنهنجو قيمتي هار به عطيي طور پيش ڪيو. هن چيو ته تازي زلزلي ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ترڪ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ اسان پنهنجي وسيلن جي اندر رهندي ترڪيه جي عوام جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. محمد شهباز شريف چيو ته تازي ٻوڏ ۾ به ترڪيه پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ اسان به ترڪيه ۽ شام جي ڀائرن جي امداد کي جاري رکنداسين. جنهن ڏينهن ترڪيه ۾ زلزلو آيو انهي ڏينهن پنهنجي ڀائرن جي امداد لاءِ پاڪستان آرمي ۽ ريسڪيو جون ٽيمون روانيون ڪري ڇڏيون. محمد شهباز شريف چيو ته شديد سرديءَ سبب ترڪيه جي عوام کي گرم ڪپڙن ۽ بسترن جي ضرورت آهي. پاڪستان مان 100 ٽن امدادي سامان ترڪيه موڪليو پيو وڃي، جڏهن ته مجموعي طور تي 142 ٽن امدادي سامان ترڪيه موڪليو ويندو. ترڪيه ۽ شام ۾ ايندڙ زلزلي سان ٿيندڙ تباهي گذريل 100 سالن ۾ به نه ڏٺي. ترڪيه ۽ شام ۾ ماڻهو پنهنجي پيارن کي ڳولي رهيا آهن، اسان جون دعائون ۽ همدرديون ترڪيه عوام سان گڏ آهن. هن چيو ته ڀائر ملڪن ترڪيه ۽ شام ۾ وڏو خوفناڪ زلزلو آيو، جنهن سان هزارين قيمتي جانين جو نقصان ٿيو. پاڪستاني عوام ترڪ ڀائرن جي ان ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ترڪيه جي عوام سان هر قسم جي امداد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ريسڪيو ٽيمن پاران زندهه بچي ويندڙن جي ڳولا جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان جي هر ضلعي ۾ پنهنجي ڀائر ملڪن ترڪيه ۽ شام جي امداد لاءِ عطيو جمع ڪرڻ جي لاءِ سينٽرز قائم ڪيا پيا وڃن ۽ سڄي ملڪ جي سڀني تعليمي ادارن ۾ به عطيو جمع ڪيو ويندو. پاڪستان آرمي ۽ ريسڪيو جون ٽيمون ترڪيه پهچي ويون آهن. محمد شهباز شريف چيو ته ترڪيه ۾ زلزلي کانپوءِ مون ترڪ صدر طيب اردوان کي فون ڪئي ۽ هر قسم جي مدد جي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ترڪيه کي ڪڏهن به انهن حالتن ۾ اڪيلو نه ڇڏيندو. جمعته المبارڪ جي مبارڪ ڏينهن جي موقعي تي ترڪيه جي عوام جا جيڪي ماڻهو الله کي پيارا ٿي ويا آهن انهن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ عطيي جي اپيل ڪئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان پاران ترڪيه جي امداد جو سلسلو هر ڏينهن جاري رهندو. هن عوام، واپارين ۽ فلاحي ادارن پاران امداد ڏيڻ لاءِ وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي اپيل ڪئي. ان موقعي تي ترڪيه قونصل جنرل پاڪستان حڪومت ۽ عوام جو ترڪيه سان يڪجهتي جي اظهار تي ساراهيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جا پاڻ ۾ لاڳاپا مضبوط بنيادن تي قائم آهن.