APP21-270123 ISLAMABAD: January 27 – Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif addresses the inaugural ceremony of Greenline Express Train Service. APP/MOS/ZID

اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مشڪلاتن جو ڄمي مقابلو ڪندڙ قومون ئي ترقي ڪن ٿيون، ملڪ کي موجوده ڌُٻڻ مان ڪڍنداسين، اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدو هلندڙ مهيني ٿي ويندو، گذريل حڪومت پاران ادارن تي بي بنياد الزام بازي ۽ چيني ڪمپنين تي ڪرپشن جي الزامن سان چيني عملدارن کي تڪليف پهتي، انهن لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ لاءِ برف وگهِري رهي آهي، ايم ايل ون منصوبي کي مڪمل ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، ڏينهن رات محنت ڪري دنيا ۾ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪنداسين، دنيا ۾ حڪومتون گورننس جي ذميوار آهن اهي ادارا ناهن هلائينديون، اسان پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي نظر ۾ رکي پنهنجي ترجيحن جو تعين ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گرين لائين ٽرين سروس جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گرين لائين جنهن جو بنياد نواز شريف جي گذريل دور ۾ رکيو ويو هو ۽ بدقسمتي سان بيشمار ٻين منصوبن وانگر اهو منصوبو به بعد جي حڪومت ۾ دم ٽوڙي ويو، اسان ان سروس کي نئين سر جاري ڪرڻ تي اسان الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريون ٿا ۽ ريلوي واري وزير ۽ چيني ڪمپنين کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته هينئر ويگنز جو معائنو ڪيو اهي جديد سهولتن سان ليس آهن، ريلوي وارو وزير آئوٽ سورسنگ تي يقين رکي ٿو ۽ موجوده دور ۾ ترقي جي سيڙهي اهائي آهي، ان سان ريلوي ۾ بهتري ايندي ۽ پاڪستان ريلوي کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته حڪومتن جو ڪم ادارا هلائڻ نه آهي پر گورننس هوندو آهي. هن چيو ته حڪومتون اينديون وينديون رهنديون آهن پاڪستان اڄ ان ٻه واٽي تي بيٺو آهي، جتي هڪ هڪ پئسو بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي صورتحال ڏسي اسان ترجيحون مقرر ڪيون آهن، جنهن ۾ خوراڪ ۽ دوائن جي درآمد کي اولين ترجيح ڏني وئي آهي، پوري اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان هن مهيني معاهدو ٿي ويندو ۽ انهن مشڪلاتن مان نڪري وينداسين. هن چيو ته هي مشڪل وقت آهي، پاڪستان دنيا ۾ ماحولياتي آلودگي ۾ رڳو هڪ سيڪڙو حصو هجڻ جي باوجود ان جو شڪار ٿيو ۽ بدترين ٻوڏ آئي، اتحادي حڪومت ڏينهن رات ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. خواجه سعد رفيق ميرٽ جي بالادستي تي يقين رکي ٿو، ريلوي کي ٻين ادارن وانگر مشڪلاتون درپيش آهن. قومن جي زندگي ۾ مشڪلاتون اينديون رهنديون آهن، انهن کي منهن ڏئي اڳتي وڌندڙ قومون ئي ترقي ڪنديون آهن، اهو ئي هن حڪومت جو ويزن آهي ۽ ان تي پوري طرح عمل پيرا آهيون. هن چيو ته ايم ايل ون اسان جي ترجيحي ايجنڊا ۾ شامل آهي، چين جي حڪومت ان منصوبي کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، گذريل حڪومت ۾ ادارن تي بي بنياد الزام بازي ۽ چيني ڪمپنين تي ڪرپشن جا الزام هڻڻ سان چيني عملدارن کي تڪليف ۽ اذيت پهتي، تازي چين جي دوري تي چين اسان جو ڀرپور ۽ گرمجوشي سان استقبال ڪيو. چيني اڳواڻ ۽ عوام پاڪستان سان والهاڻي محبت ڪن ٿا. گذريل چئن سالن ۾ لاڳاپن کي جيڪو نقصان پهتو ان کي واپس آڻڻ سولو ڪم نه آهي، جيتوڻيڪ برف وِگهِري رهي آهي. چيني حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون ته اهي پاڪستاني عوام جي لاءِ بي پناهه محبت جا جذبا رکن ٿا، اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لاءِ ان روش کي تبديل ڪرڻو پوندو، محبت کي پنهنجو شعار بڻائڻو پوندو، اسان ڪيستائين ٻين جي سهاري تي رهنداسين، هي سفر مشڪل ضرور آهي پر اسان ڏينهن رات محنت ڪري ملڪ کي اڳتي وڌائينداسين ۽ ملڪ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪندو.