APP47-100123 KARACHI: January 10 – The First Lady Samina Arif Alvi addressing to the certificate distribution ceremony for differently-abled children at DEWA Institute of Special and Inclusive Education. APP/SDQ/IQJ/ZID

ڪراچي / اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي معاشري جي سمورن شعبن ۾ معذور ماڻهن جي شموليت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معذور ماڻهن کي سماجي ۽ مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هو ڊيف ايجوڪيشن اينڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن (ڊي اي ڊبليو اي) ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ ديوا انسٽيٽيوٽ آف اسپيسل اينڊ انڪلوسيو ايجوڪيسن ۾ نيوٽيڪ ۽ ايس ايس سي انڪلوسيو گروپ جي ڪامياب شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هُئي. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته ملڪ جي پائيدار ترقي جي لاءِ اهو ضروري آهي ته شموليت کي فروغ ڏنو وڃي. پاڪستان جي 12 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي کي مختلف قسمن جي معذوري درپيش آهي. خاتون اول هڪ جامع تعليمي نظام تي پڻ زور ڏنو جيڪو عام اسڪولن ۾ ٻين ٻارن سان گڏ مختلف قسم جي معذور ٻارن کي سکڻ ۾ مدد ڪري ٿو ته جيئن اهي زندگي جي مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ سکي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته استادن کي تربيت ڏيڻ گهرجي ۽ نصاب کي بهتر بڻائڻ گهرجي ته جيئن معذور ٻارن جي لاءِ جامع تعليم کي پورو ڪري سگهجي. پهريون ۽ سڀ کان وڏو چئلينج جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي اهو عوامي ذهنيت ۽ معذور ماڻهن سان معاشري جو عام رويو آهي جيڪو انهن جي ترقي ۽ ڪيريئر جي تعمير جي امڪانن کي روڪي ٿو. هن چيو ته تعيلمي، سماجي ۽ معاشري سرگرمين ۾ معذور ماڻهن جي بي عزتي يا توهين ڪرڻ بدران انهن جي حوصلا افزائي ۽ حمايت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اعليٰ عدليه جي هدايت کانپوءِ مختلف قسم جي معذور ٻارن جي داخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عام تعليمي ادارن ۾ 3 سيڪڙو سيٽون رکڻ سان تعليمي شعبي ۾ شموليت کي فروغ ملندو. هن چيو ته ملڪ ۾ معذور ماڻهن جي لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ خصوصي ڪوٽا مخصوص آهي جڏهن ته ڪوٽا تي مڪمل عملدرآمد جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي خصوصي ٻارن کي مارڪيٽ تي ٻڌل فني ۽ پيشيواراڻي مهارتن ۽ پيشيواراڻي تربيت سان ليس ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ٻين تي دارومدار ڪرڻ بدران پنهنجي روزي ڪمائڻ جي قابل ٿي سگهن ۽ معاشري جو هڪ نتيجاخيز حصو بڻجي سگهن ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته معذور ماڻهن جي لاءِ سهولتن جي کوٽ ۽ ڪافي مسئلا آهن جيڪي انهن جي ڪيريئر، ترقي ۽ سماجي زندگي ۾ پڻ رڪاوٽ بڻجن ٿا. هن عمارتن، عوامي جاين ۽ چرپر جي سهولتن ۾ ريمپ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن معذور ماڻهن جي چرپر کي فروغ ڏئي سگهجي. خاتون اول اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اشارن جي زبان جي استعمال جي حوالي سان تازو ئي ٺاهيل ايڪٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته هي ايڪٽ سمورن اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز ۾ پروگرامن جي لاءِ سائن انٽرپريٽرون کي شامل ڪرڻ لازمي قرار ڏي ٿو ۽ پاڪستان ٽيليويزن ان تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن مستقبل ۾ انساني وسيلن جي طلب کي پورو ڪرڻ ۽ اشارن جي ترجمانن جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اشارن جي زبان جي تربيت تي ڪم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. خاتون اول ڊيف ايجوڪيشن اينڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ ديوا اڪيڊمي پاران مختلف معذور ٻارن جي تعليم ۽ بحالي خاص طور تي جامع تعليم جي فروغ لاءِ انهن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سڄي ملڪ جي ٻين تعليمي ادارن پاران به انهن ڪوششن کي ورجائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. خاتون اول آگاهي ڦهلائڻ ۽ معذور ماڻهن جي شموليت جي خيال کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ميڊيا جي ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته آگاهي مسئلن جي حل ۽ سماجي رويي ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ديوا جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر 50 سالن کان خصوصي ٻارن جي تعليم ۽ بحالي جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته ديوا انسٽيٽيوٽ ڏکڻ ايشيا جو پهريون ادارو آهي جنهن ٻڌڻ کان محروم شاگردن کي گريجوئيشن جي ڊگري فراهم ڪئي آهي. وڌيڪ اهو ته ديوا انسٽيٽيوٽ مختلف معذور ٻارن کي روزگار حاصل ڪرڻ جي لاءِ راندين جي سهولتن ۽ مدد پڻ فراهم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي سمورن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سيڪنڊري ۽ پرائمري سطح تي خصوصي يونيورسٽي، خصوصي تعليمي ادارا هجڻ گهرجن. ان کان اڳ شاگردن اشارن جي زبان ۾ ٽيبلو ۽ قومي ترانو پيش ڪيو. بيگم ثمينه عارف علوي خصوصي ٻارن جي لاءِ سهولتن جو جائزو وٺڻ لاءِ اداري جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ نيوٽيڪ جي ڪامياب شاگردن ۽ ايس ايس سي جو امتحان شامل ڪندڙ گروپ ۾ پاس ٿيندڙ شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا.