APP28-100123 GENEVA: January 10 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif addressing Pakistani Delegation and officers of Pakistani Mission. APP/IQJ/ZID/MOS

جنيوا – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ريزيليئنٽ پاڪستان عالمي ڪانفرنس جي ڪاميابي تي ٽيم پاڪستان کي مبارڪباد ڏيون ٿا، دنيا پاران 9 ارب ڊالر جا اعلان تاريخي ڪاميابي آهي، جيڪو توهان جي ايمانداري ۽ محنت سان پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن جو نتيجو آهي، هي پاڪستان جي حڪومت ۽ 22 ڪروڙ عوام جي لاءِ تاريخي اهميت رکندڙ آهي، جنيوا ڪانفرنس ۾ عالمي برادري پاڪستان سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو، جنيوا ڪانفرنس ۾ شريڪ وفد جي سمورن ميمبرن ۽ سفارتي مشن جي محنت سان دنيا اسان سان گڏ بيٺي، انهن اعلانن ۽ واعدن کي عملي جامعو پارائڻ جو مرحلو اهم آهي، ان جي لاءِ فني مدد ۽ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. انهي جذبي سان پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف جنيوا ۾ پاڪستاني وفد جي ميمبرن ۽ آفيسرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته وفد سان گڏ ايندڙ سمورن ميمبرن يا هتي خدمتون سرانجام ڏيندڙ سڀني آفيسرن کي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ انهن جا ٿورا مڃان ٿو ته انهن کان بهتر ”ٽيم پاڪستان“ ڳولڻ شايد مشڪل آهي. توهان سڀني انتهائي محنت ۽ مقصد کي سامهون رکي سڀني مرحلن کي طئي ڪيو، اسان چڱي ريت سمجهون ٿا ته ڪهڙي طرح هن ڪانفرنس جي حوالي سان پيپر ورڪ مڪمل ڪيو ويو، ڪيئن ان جي انتظامن ۾ مسئلا آيا هوندا ۽ ان کي وڏي مهارت سان حل ڪيو ويو. هن چيو ته ڪجهه وقت ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ڪٿي اسان کي شڪست نه ملي پر الله جو شڪر آهي ته ڏينهن رات محنت ڪرڻ جو ثمر گذريل ڪانفرنس ۾ سامهون آيو ۽ دنيا ڏٺو ته 9 ارب ڊالر جا اعلان ڪيا ويا، اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي، اها توهان جي ايمانداري سان پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوششن جو نتيجو آهي ۽ اهو توهان جي محنت، توهان جي پاڪستان سان خلوص جو ثبوت آهي، گذريل ڏينهن نه رڳو پاڪستان جي حڪومت پر 22 ڪروڙ عوام جي لاءِ تاريخي ڏينهن هو ته ڪيئن ٽيم پاڪستان پنهنجي عوام جي بهتري ۽ مسئلن جي حل لاءِ ان مقصد کي مڪمل ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان صوبن جي به حوصلا افزائي ڪئي ۽ انهن کي چيو ته اهي هن ڪانفرنس ۾ اسان سان گڏ هلن ۽ اتي دنيا آڏو پنهنجو ڪيس پيش ڪن. اهڙي طرح دنيا اتي هڪ اتحاد ۽ قومي يڪجهتي ڏٺي، ان ڪاميابي جو ڪريڊٽ توهان سڀني ڏانهن وڃي ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس ٽيم ڀرپور ذميواريون ادا ڪيون. پرڏيهي وزارت دنيا جو ٻوڏ متاثرين طرف ڌيان ڇڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وزير سردار اياز صادق، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ماحولياتي تبديلين واري وزير شيري رحمان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڀرپور ڪوششون ڪيون. اطلاعات واري وزير دنيا جي اسڪرينن تي توهان سڀني جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير وڏي محنت سان ڪم ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري، سفيرن ۽ ٻين سفارتڪارن سڀني ڏينهن رات محنت ڪئي، توهان سڀني جو پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران دل جي گهراين سان ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته اصل چئلينج انهن اعلانن ۽ واعدن کي عملي جامعو پارائڻ آهي، انهن منصوبن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي سگهه وڌائڻي آهي، پنهنجي فني مهارت کي استعمال ۾ آڻڻو آهي ۽ ان جي لاءِ جيڪا فني مدد گهربل هوندي اها فراهم ڪئي ويندي ته جيئن انهن اعلانن ۽ واعدن کي حتمي شڪل ڏني وڃي، هي مرحلو انتهائي اهم آهي. هن چيو ته ڪجهه ملڪن پاران اعلان اسان لاءِ تمام حيران ڪندڙ هئا، انهن جو ٿورائتو آهيان. الله جي مدد سان اهي معاملا اڳتي وڌيا. وفد جي ميمبرن ۽ آفيسرن پنهنجي سمورين صلاحيتن ۽ قابليت کي استعمال ۾ آڻي هي مشڪل ٽاسڪ حاصل ڪيو.