اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جنيوا ڪانفرنس کي ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير سان گڏوگڏ موسمياتي لحاظ کان پاڪستان کي هڪ مضبوط ملڪ بڻائڻ جي هڪ ڊگهي ۽ مشڪل سفر جي شروعات قرار ڏيندي چيو آهي ته ان جي نتيجن سان لکين ٻوڏ متاثرين کي يقين ملندو ته انهن کي فراموش ناهي ڪيو ويو، عالمي برادري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ مدد ڪندي، جنيوا ڪانفرنس اسان جي گڏيل انسانيت ۽ سخاوت جي جذبي جي علامت ۽ انهن سمورن ماڻهن ۽ ملڪن جي لاءِ اميد جو ذريعو بڻجندي جن کي مستقبل ۾ قدرتي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. برطانوي اخبار دي گارڊين ۾ شايع ٿيندڙ پنهنجي هڪ مضمون ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ برساتن ۽ ٻوڏ سان 1700 ماڻهن جون حياتيون ويون، 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جا وڏا حصا اڃان تائين پاڻي هيٺ آهن. پاڪستان ۾ غذائي عدم تحفظ جي شڪار ماڻهن جو انگ ٻيڻو ٿي 14 ملين ٿي ويو آهي، وڌيڪ 9 ملين ماڻهو انتهائي غربت جو شڪار ٿي ويا. هن چيو ته ٻوڏ سٽيل علائقا هاڻي مستقل ڍنڍن جي هڪ وڏ سلسلي وانگر نظر اچن ٿا، ان پاڻي کي هڪ سال کان گهٽ وقت ۾ نه ٿو ڪڍي سگهجي جڏهن ته ڳڻتي اها آهي ته انهن علائقن ۾ جولاءِ 2023ع تائين ٻيهر ٻوڏ اچي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان رڳو ٻوڏ سان ئي نه پر بار بار رونما ٿيندڙ آبهوا جي شدتن ۾ به ورتل آهي، ان کان اڳ 2022ع ۾ ملڪ هڪ هيٽ ويو جي لپيٽ ۾ رهيو جنهن سان سوڪهڙي ۽ ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جا واقعا ٿيا. شهباز شريف چيو ته پاڪستانين ان تازي آفت جو مثالي انداز ۾ مقابلو ڪيو. اڳ ۾ ئي شديد معاشي بحران جي باوجود حڪومت 20 لک کان وڌيڪ خاندانن کي 250 ملين ڊالر کان وڌيڪ جي سڌوسنئون روڪ رقم جي منتقلي جي لاءِ فنڊز جو انتظام ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪئي. مجموعي طور تي اسان پنهنجي محدود وسيلن سان هنگامي امداد ۾ اٽڪل 1.5 بلين ڊالر جمع ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. هن چيو ته اسان عالمي برادري ۽ پاڪستان جي دوستن جا ٿورائتا آهيون جن بدترين صورتحال کان بچڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي جڏهن ته صحت جي عالمي اداري ان صورتحال کي اعليٰ سطح جي صحت جي ايمرجنسي قرار ڏنو هو، پر اسان موثر ڪم جي ڪري مرضن کي پکڙجڻ کان روڪڻ سان گڏوگڏ شهرن ۽ ڳوٺن جي وچ ۾ تباهه ٿيل مواصلاتي نيٽ ورڪ کي پڻ تمام جلد بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب رهياسين. هن چيو ته 20 لک کان وڌيڪ گهر، 14000 ڪلوميٽر رستا ۽ 23000 اسڪول ۽ اسپتالون تباهه ٿي چڪا آهن. عالمي بئنڪ ۽ يورپي يونين جي تعاون سان ڪيل آفتن کانپوءِ جي ضرورتن جي ڪاٿي مان اندازو لڳايو ويو آهي ته ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصان 30 ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن جيڪي پاڪستان جي ڪل جي ڊي پي جي 10 هين حصي جي برابر آهي. هن چيو ته پاڪستان اڪيلو ان چئلينج کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ۽ آئون 9 جنوري تي جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان انٽرنيشنل ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني ڪري رهيا آهيون. ڪانفرنس ۾ عالمي اڳواڻ عالمي ادارن ۽ انساني همدردي جي تنظيمن جا نمائندا ۽ پاڪستان جا دوست ان سان تعاون ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندا. وزيراعظم چيو ته اسان ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ پڻ پيش ڪنداسين، جنهن کي ورلڊ بئنڪ، گڏيل قومن، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ يورپي يونين جي تعاون سان تيار ڪيو ويو آهي. متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي فوري چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٽن سالن جي مدي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 16.3 ملين ڊالر جي فنڊنگ جي ضرورت آهي. ان ڏس ۾ پاڪستان اڌ رقم پنهنجيوسيلن سان پورو ڪندو پر ان فرق کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيدارن جي مسلسل مددگار گهربل هوندي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي موسمياتي لچڪ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڊگهي مدي واري ويزن تحت 10 سالن جي مدي ۾ 13.5 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري جي ضرورت پوندي. بهتر مواصلاتي انفراسٽرڪچر ۽ آبپاشي جي وڌيڪ مضبوط نظام جي تعمير ۽ مستقبل جي قدرتي آفتن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر شروعاتي خبردار ڪندڙ نظام کي ڊيزائن ڪرڻ پاڪستان جي لاءِ هاڻي هڪ لازمي امر آهي. هن چيو ته جنيوا ڪانفرنس هڪ ڊگهي ۽ مشڪل سفر جي شروعات آهي، ان سان لکين متاثرين کي يقين ملندو ته انهن کي فراموش ناهي ڪيو ويو ۽ عالمي برادري جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ مدد ڪندي. هن چيو ته اسان سڀ فطرت جي قوتن جي رحم ۽ ڪرم تي آهيون جيڪي سرحدن جو لحاظ نه ٿيون ڪن ۽ اسان رڳو گڏيل ڪوششن سان ئي انهن مسئلن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. اميد آهي ته جنيوا ڪانفرنس اسان جي گڏيل انسانيت ۽ سخاوت جي جذبي جي علامت ۽ انهن سمورن ماڻهن ۽ ملڪن جي لاءِ اميد جو ذريعو بڻجندي جن کي مستقبل ۾ قدرتي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.