APP45-0501123 ISLAMABAD: January 05 - Federal Minister for Information and Broadcasting Marriyum Aurangzeb addressing a press conference. APP/ABB

اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان چار حڪومتون کڻي ويٺو آهي ۽ چوي ٿو ته آئون بيوس آهيان، عمران خان جي ڪوڙن تي اعتبار ڪندڙ ماڻهن کي سمجهڻ گهرجي ته هي ٻهروپيو آهي جيڪو ڪوڙ ڳالهائي ٿو ۽ پنهنجي چيل ڳالهه تان ڦِري وڃي ٿو، اهو هڪڙو ئي ماڻهو آهي جيڪو 22 ڪروڙ عوام جو ڏوهاري آهي جنهن معاشي تباهي ڪئي، هي ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري ڪرڻ جو ڏوهاري آهي، انهي هڪ ئي ماڻهو ملڪ تي وڏن قرضن جو بار وڌو، ملڪ ۾ اخلاقيات جو جنازو ڪڍيو، نوجوانن کي بيروزگار ڪيو، بجلي ۽ گئس جو کي مهانگو ۽ غائب ڪيو، عمران خان کي پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کي جواب ڏيڻو پوندو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي خطاب تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان اڄ اهوئي رونشو، ڪوڙ، لفظن جي هيرڦير کڻي ٽي وي اسڪرين تي نمودار ٿيو، هي شخص ٻه جهنڊا رکي ڪوڙ ڳالهائي ٿو ۽ هڪ ئي ڳالهه ورجائي ٿو جنهن جي هاڻي ڪا معنيٰ ناهي رهي. هن چيو ته اڄ عوام به عمران خان کي ٽي وي اسڪرين تي ڏسي حيران ٿي وئي ڇو ته ان شخص جمعي تي اسيمبلي ٽوڙڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ هاڻي سڀاڻي ٻيهر جمعو آهي ۽ عوام اميد ڪري رهي هئي ته عمران خان سڀاڻي جمعي تي نمودار ٿي اسيمبلي ٽوڙيندو پر هي ٽي وي تي اچي پنهنجي بيوسي جو اعلان ڪندو رهيو. هن چيو ته عمران خان اهو شخص آهي جيڪو چار سال ملڪ تي مڙهيل رهيو، وزيراعظم جي ڪرسيءَ ۽ عهدي تي ويٺل رهيو ۽ چار سالن کانپوءِ چئي رهيو آهي ته آئون بيوس هئس ۽ بيوس آهيان. هن چيو ته عمران خان هڪ ئي ڳالهه ورجائي رکي آهي ته هڪ ئي ماڻهو جنهن منهنجي حڪومت بدلي، رجيم چينج جي ڳالهه هاڻي آمريڪا کان هڪ ماڻهو تي اچي وئي آهي، هي پهرين چوندو هو ته آمريڪا رجيم چينج ڪئي ۽ اڄ چئي رهيو آهي ته هڪ ماڻهو منهنجي حڪومت بدلي، رجيم چينج ڪئي، مون کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته توهان بلڪل ٺيڪ چئي رهيا آهيو ته اهو هڪ ئي ماڻهو آهي جنهن جو نالو عمران خان آهي جنهن هن ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪيو، اهو هڪ ئي ماڻهو آهي جنهن هن ملڪ جي غريب عوام کان ماني ڳڀو کسيو، ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو، ڪشمير جو سودو ڪيو، ملڪ کي قرضن جي بار هيٺان دٻايو، ملڪ کي ٻنهي سان ڦريو، ملڪ ۾ مافياز کي مڙهي چوري ۽ ڌاڙا هنيا. هي اهو ئي شخص آهي جنهن هن ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان برپا ڪيو، ملڪ جي نوجوانن کي بيروزگار ڪيو، ملڪ جي عورتن، مائرن، ڌيئرن، ٻارڙين کي رمضان جي مهيني ۾ هڪ ڪلو کنڊ جي لاءِ قطارن ۾ بيهاريو. هن چيو ته عمران خان بجلي ۽ گئس جون قيمتون وڌايون، آبادگارن جو جيئڻ جنجال ڪيو، ميڊيا جي زبان بندي ڪئي، ميڊيا جي ماڻهن کي جيلن ۾ وجهي پيغام ڏنو ته انهن جي خلاف ڳالهائيندا ته پيٽ ۾ گوليون هڻنداسين، هن صحافين جُون پاسراٽيُون ۽ نڪ جون هڏيون ٽوڙيون. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان اهو شخص آهي جنهن هن ملڪ جي اخلاقيات جو جنازو ڪڍيو، نوجوانن جي اندر عدم برداشت جو ڪلچر پيدا ڪيو، انهي جي ڪري راندين جا ميدان به آباد نه هئا. هن چيو ته عمران خان 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ ۽ سئون ڏينهن ۾ معيشت صحيح ڪرڻ جا ڪوڙا واعدا ڪيا پر هن پنهنجي دور ۾ 60 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ويهي چوندو هو ته 40 سيڪڙو آبادي جي دماغن کي ٺيڪ ڪندس. هن چيو ته هي اهو ئي شخص آهي جنهن عورتن تي حملا ڪيا، صحافين تي حملا ڪيا، شهيدن جي خلاف غليظ مهم هلائي ۽ اڄ چوي ٿو ته آئون بيوس هئس. هن چيو ته عمران خان وٽ آزاد ڪشمير، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان جون حڪومتون آهن ۽ پوءِ به بيوس آهي، هي پنهنجي چار سالن جي بيوسي جو داستان ٻڌائي ٿو ۽ چوي ٿو ته آئون ملڪ نه هلائي رهيو هئس، سڄو ڪم هڪ ئي ماڻهو ڪري رهيو هو، ان جي بيوسي وڏي لاجواب آهي، ڇا هو ان وقت به بيوس هو جڏهن بشريٰ بي بي کي ٽي قيراط جو نه پنج قيراط جو هيرو گهربو هو، توشه خانه ڦري رهيا هئا، 190 ارب رپين جو لفافو جڏهن ڪابينا ۾ آيو هو ته ان وقت بيوس نه ٿيو. هن چيو ته جڏهن فرنس آئل ۽ پيٽرول جي مافياز هن ملڪ کي ڦري رهيا هوندا آهن ته تڏهن توهان بيوس نه هئا. هن چيو ته پنجاب ۾ حڪومت انهن جي آهي، ميڊيڪل بورڊ انهن جو آهي جنهن چيو ته عمران خان کي ڪا گولي ناهي لڳي. ان جي پنهنجي فرانزڪ رپورٽ ۽ پنهنجو ميڊيڪل بورڊ اهو چئي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان تي قاتلاڻو حملو پنجاب ۾ ٿيو جتي ان جي پنهنجي حڪومت آهي جيڪا ان تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ کي پڪڙي به ناهي سگهي. مريم اورنگزيب چيو ته اڄ خيبرپختونخواهه م مهانگائي ۽ دهشتگردي آهي، اتي 9 سالن کان توهان جي حڪومت آهي. خيبرپختونخواهه جو ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ، سي ٽي ڊي ڪرائي جي ٻن ڪمرن ۾ موجود آهي، هي اهو ئي سي ٽي ڊي آهي جيڪو نواز شريف جي نيشنل سيڪيورٽي پاليسي ۽ نيشنل ايڪشن پلان تحت ٺهيو هو. هن چيو ته نواز شريف هن ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪيو هو. هن چيو ته اڄ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي ان جي لاءِ ڪر کڻي رهي آهي ڇو ته اتان جو وڏو وزير زمان پاڪ جي غلامي ۽ نوڪري رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي بيوسي فارن فنڊنگ ۾ ڪم نه ٿي اچي، فرح گوگي جي ڦرلٽ جي اڳيان ڪم نه ٿي اچي، گهڙيون چوري ڪري وڪرو ڪرڻ وقت ڪم نه ٿي اچي. هن چيو ته عمران خان جي پنهنجي مرضي جي بيوسي آهي جتي بيوسي وجهڻي هجي اتي بيوسي آهي. هن چيو ته عمران خان تمام بيوس هو جنهن طيبه گل کي وزيراعظم هائوس ۾ بند ڪيو، نيب جي چيئرمين کي وڊيو ڏيکاري ڪوڙا ڪيسز ٺهرايا، شهزاد اڪبر کي اين سي اي موڪليو ۽ چيو ته شهباز شريف جي خلاف ڪيسز ٺهرائي. هن چيو ته عمران خان مريم نواز کي سندس والد جي سامهون گرفتار ڪرايو تڏهن هو بيوس نه هو، مسلم ليگ (ن) جي سڄي قيادت کي هن گرفتار ڪرايو ۽ ثبوت نه هجڻ جي ڪري هو عدالتن کان التوا گهرندا رهيا. هن چيو ته هن هڪ شخص کي پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کي جواب ڏيڻو پوندو، هن عوام سان هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو ۽ 60 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو. ملڪ ۾ مهانگائي کي 16 سيڪڙو تائين پهچايو، اڄ پاڪستان جي اندر مهانگائي ۽ معاشي تباهي جو ذميوار عمران خان آهي جنهن آءِ ايم ايف جي سخت شرطن تي صحيحون ڪيون هيون، ان وقت اها بيوسي ڪٿي هئي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي جن شرطن تي عمران خان صحيحون ڪيون ان جي ڪري مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو، عمران خان ملڪي تاريخ جا سڀ کان وڌيڪ 45 هزار ارب رپين جا قرض ورتا، هي اهو ئي شخص آهي جنهن هن ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪيو، پرڏيهي پاليسي تباهه ڪئي، ڪشمير جو سودوڪيو، ان کي پنهنجي ڪارن ڪرتوتن جو جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته منهنجي ماڻهن گهرايو پيو وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته پئسا وٺو ۽ منهنجي خلاف ووٽ ڏيو، ته اهي ماڻهو ڪٿي هئا جنهن آڊيو ليڪ ۾ توهان چئي رهيا هئا ته مون پنجن ماڻهن جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، سياسي منڊيون ڪير لڳائي رهيو هو؟ اهي منڊيون اهو ئي شخص لڳائي رهيو هو جنهن جو نالو عمران خان آهي، جيڪو چوندو هو ته سائفر سان کيڏو، جلسي ۾ بيهي سائفر تي سياست ڪري رهيو هو. هن چيو ته اها توهان جي بيوسي نه اهي توهان جا اعمال آهن جيڪي روزانو سامهون اچن ٿا، اڄ توهان مايوسي جي عالم ۾ ذهني مريضن وانگر ڳالهائي رهيا آهيو. هن چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام عمران خان جو چهرو چڱي طرح سڃاڻي چڪي آهي، هي اهو ئي شخص آهي جنهن بيوسي جو ڊرامو ۽ ڍونگ رچايو. ان کي اهي ڊراما ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، سڀاڻي جمعو آهي، جيڪو اعلان توهان ڪري رکيو آهي اهو واعدو پورو ڪريو ڇو ته ملڪ ڦرڻ وقت توهان خودمختيار هئا. توهان کي پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کي جواب ڏيڻو پوندو.