APP72-121222 ISLAMABAD: December 12 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif addressing a Press Conference. APP/FHA/MOS

اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ ڏيوالپڻو نه ٿيندو، اسحاق ڊار جي صدر سان ملاقات منهنجي اجازت سان ٿي، ملڪ جي معاشي بحالي، بقاءَ ۽ سلامتي جي لاءِ سئو قدم اڳتي وڃڻ جي لاءِ تيار آهيون، عمران نيازي ۽ ان جي حوارين الزام هڻڻ ۽ ملڪ تي دُنيا کلائڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، تحفي ۾ ملندڙ خانه ڪعبه جي ماڊل واري گهڙيءَ وڪرو ڪري ملڪ جي عزت کي نيلام ڪيو، اسان جي خاندان جي خلاف ڪڌي مهم هلائي وئي، اسان جي دور ۾ ملندڙ امداد کي شفاف طريقي سان استعمال ڪيو ويو، برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي آهي، ڊيلي ميل جي معاملي تي الله تعاليٰ اسان کي سرخرو ڪيو آهي، جنرل (ر) قمر باجوده عمران خان جو محسن آهي پر عمران نيازي محسن ڪش آهي، حڪومت جي ڀرپور ڪوشش آهي عوام کي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن م فائدو پهچائي، پاڪ افغان ڇڪتاڻ تي غور جي لاءِ فوري اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، نواز شريف جلد وطن واپس ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ وزيراعظم جا خاص معاونين عطا تارڙ ۽ فهد حسين پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف مون کي ۽ اسان جي خاندان کي بدنام ڪرڻ جي ڪريل ڪوشش ڪئي، اسان جي خاندان تي بي بنياد الزام هنيا ويا ۽ ڪڌي مهم هلائي وئي، پاناما کان اقاما تائين سمورا معاملا عوام آڏو آهن، اصل ڪيس پاناما جو هو پر سزا اقاما ۾ ڏني وئي، پاناما ۾ ته ميان نواز شريف جو نالو ئي نه هو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج شوڪت عزيز صديقي جو بيان سڀني جي سامهون آهي، سچ سامهون اچي رهندو آهي. وزيراعظم چيو ته برطانوي نيشنل ڪرائيم ايجنسي اسان کي ڪلين چٽ ڏني آهي، عمران نيازي ۽ ان جي حوارين ان کي هزارين ڪاغذ ڏنا، ٻه سال جاچ ٿيندي رهي، الله تعاليٰ منهنجي عزت رکي آهي، ڊيلي ميل جي ڊيوڊ روز کي پاڪستان جي سير ڪرائي وئي، ڊيلي ميل جي معاملي تي الله تعاليٰ اسان کي سرخرو ڪيو، ڊيلي ميل غيرمشروط معافي ورتي، ڊيلي ميل مون کان نه پاڪستاني عوام کان معافي ورتي، مون ڊيلي ميل جي خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو هو، اڳ ۾ ليگل نوٽيس موڪليو، ٽن سالن تائين اخبار دير سان ڪم وٺندي رهي، ڪيترائي ان ڪيس جي ٻڌڻي ۾ التوا جي درخواست ڪئي ۽ ڪوويڊ جو بار بار بهانو بڻايو، جيڪا به امداد فراهم ڪئي وئي هئي، اها ماءُ ٻار جي علاج ۽ پرائمري تعليم جي لاءِ خرچ ڪئي وئي، اخبار معافي نامو باقاعده شايع ڪيو آهي. هن چيو ته 2008ع کان 2018ع دوران 600 ملين پائونڊ جي رقم پاڪستان ۽ پنجاب جي لاءِ فراهم ڪئي وئي، اسان جي دور ۾ ملندڙ امداد کي شفاف طريقي سان خرچ ڪيو ويو، عمران نيازي ۽ ان جي حوارين الزام هڻڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، عمران نيازي ۽ ان جا حواري الزام ثابت نه ڪري سگهيا، عمران خان گارگند جي سياست کي فروغ ڏنو، عمران نيازي پاڪستان تي جڳ کلائڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، ذاتي سياست جي لاءِ ملڪ جو نقصان نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سعودي وزيراعظم ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان خانه ڪعبه جي ماڊل واري هڪ ئي گهڙيءَ ٺهرائي هئي ۽ اها گهڙيءَ پاڪستاني عوام جي عزت جي لاءِ ڏني، مسلمان خانه ڪعبه جي حرمت ۽ ناموس رسالت تي پنهنجي جان ڏين ٿا، عمران نيازي گهڙيءَ وڪرو ڪري انتهائي ڪريل حرڪت ڪئي. هن چيو ته عمران نيازي ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو، دوست ملڪن سان لاڳاپن کي خراب ڪيو، ٻاهرئين امداد روڪڻ جي لاءِ ڪوڙيون خبرون پکيڙيون، عمران نيازي جي بدعنوانين جي حوالي سان فنانشل ٽائيمز ٻڌايو، عمران نيازي جيڪڏهن سچو آهي ته فنانشل ٽائيمز جي خلاف ڪيس ڪري. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ مريم نواز کي گرفتار ڪيو ويو، عمران نيازي ۽ ان جي حوارين کي شرم به نه آيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مريم نواز کي ڪلين چٽ ڏني آهي، جڏهن ته عمران نيازي آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي عيد جي رات گرفتار ڪرايو، ٻئي طرف پنهنجي ڀيڻ کي ايمنسٽي اسڪيم جي ذريعي اين آر او ڏياري ڇڏيو جنهن جي دبئي ۽ آمريڪا ۾ جائيدادون پڪڙيون ويون. وزيراعظم چيو ته موجوده اتحادي حڪومت ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي، آءِ ايم ايف سان پروگرام ٻيهر بحال ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي، عمران نيازي هٿرادو طور تي تيل جون قيمتون روڪي رکيون هيون ۽ ايندڙ حڪومت جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ جي لاءِ انهن ۾ اضافو نه ڪيو، اسان کي مجبوري ۾ قيمتون وڌائڻيون پيون، اسان رياست بچائڻ جي لاءِ پنهنجي سياست قربان ڪري ڇڏي، اسان جي دور ۾ دوائون مفت ملنديون هيون، ڀاڻ، اٽو ۽ چنڊ سستي هئي، 75 سالن ۾ ملڪي وسيلا برباد ڪيا ويا ان جي ذميوار سياسي حڪومتون ۽ ڊڪٽيٽر به آهن، ريڪوڊڪ سان اسان تانبي جي پيداوار حاصل نه ڪري سگهياسين پر پاڪستان کي اربين کربين جو نقصان ٿيو آهي، اسان جي دور ۾ 14 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي وئي، اسان بجلي جا سستي منصوبا لڳايا، اسان سستي گئس جي لاءِ معاهدا ڪيا، اڳوڻي حڪومت جڏهن گئس سستي هئي ته ان جي خريداري جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، انهن مخالفن کي جيلن ۾ وجهڻ ۽ انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻائڻ تي ڌيان ڏنو، عمران نيازي جي چار سالا دور ۾ انتقامي ڪارروايون عروج تي هيون، راڻا ثناءُ الله جي به بريت ٿي وئي آهي، ان جي خلاف به ڪو ثبوت نه مليو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وفاقي حڪومت 70 ارب رپيا فراهم يا، اين ڊي ايم اي جي ذريعي ڪمبل، خيما، دوائون ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو آهي، اڃا وڏو چئلينج اسان جي سامهون موجود آهي، متاثرين جي لاءِ گهرن جي تعمير ڪرڻي پوندي، سخت سرديءَ جي موقعي ۾ اسان کي وسيلن جي ضرورت آهي، سرندي وارن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 100 گهر تعمير ڪيا آهن، اهڙا هزارين گهر اڃا تعمير ڪرڻا آهن. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي ملڪ کي ڏيوالپڻو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڏينهن رات الزام هڻڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، هن کنڊ برآمد ڪري سبسڊي ڏئي ڇڏي، پوءِ کنڊ درآمد ڪئي، اهڙي طرح ڪڻڪ به درآمد ڪئي، غريب عوام جي لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ تي حڪومت جو ڌيان آهي، يورپي ۽ دوست ملڪن جي سفيرن به ان سلسلي ۾ اڄ ملاقات ڪئي آهي، 1800 ارب رپين جو اسان آبادگار پئڪيج ڏنو آهي، خيبرپختونخواهه جي لاءِ به اٽي ۽ کنڊ جو انتظام ڪيو آهي، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻين ملڪن به اسان جي مدد ڪئي آهي پر اڃا اسان کي کربين رپيا وڌيڪ گهربل هوندا، عوام جي دعائن ۽ اتحادي حڪومت جي ڪوششن سان ملڪ صحيح رخ ۾ گامزن آهي ۽ ملڪ ڏيوالپڻو نه ٿيندو جڏهن ته عمران خان ته پوري ڪوشش ڪئي ته ملڪ سريلنڪا بڻجي وڃي، 190 ملين پائونڊ جو هن فراڊ ڪيو، بند لفافي سان ڪابينا جي ميمبرن کان منظوري ورتي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تحفي ۾ ملندڙ گهڙيءَ عمران خان جي نه 22 ڪروڙ عوام جي امانت هئي، ان جو ان کي حساب ڏيڻو پوندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جنرل (ر) قمر جاويد باجوه عمران نيازي جو محسن هو پر عمران نيازي محسن ڪش نڪتو آهي، نئون سپهه سالار پروفيشنل سولجر آهي ۽ شاندار ڪيريئر رکي ٿو، هو پاڪ فوج کي مضبوط ڪندو ۽ پنهنجي دائري ۾ رهي ملڪ جي خدمت ڪندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدر سان ملاقات منهنجي اجازت سان ٿي، صدر ملاقات جي خواهش جو اظهار ڪيو هو، ملڪ جي معاشي بحالي، بقاءَ ۽ سلامتي جي لاءِ 100 قدم اڳتي وڃڻ جي لاءِ تيار آهيون پر تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي، قومن جي زندگي ۾ اهڙا موقعا ايندا آهن، جڏهن وڏي مقصد جي لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي آهي پر محسن ڪش شخص سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪنداسين، اليڪشن ٿي ته عوام پنهنجو فيصلو ڏيندي، عمران خان انا پرست، فراڊيو ۽ ڪوڙو شخص آهي، پنهنجي اناءَ جي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري سگهي ٿو، سندس پاڪستان جي مفاد سان ڪجهه اچي نه وڃي. وزيراعظم چيو ته وفاقي ڪابينا جو اجلاس هر هفتي ٿئي ٿو ۽ سمورا فيصلا مشاورت سان ڪيا وڃن ٿا. پاڪ افغان سرحدي صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪ افغان سرحدي ڇڪتاڻ جي معاملي تي غور جي لاءِ فوري اجلاس طلب ڪيو آهي، بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪرڻ جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، افغانستان کان مطالبو ڪيو آهي ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي ڇو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نقصان پهچندو. مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي وطن واپسي جي حوالي سان شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ نواز شريف جا ڪروڙين چاهيندڙ آهن، هو جلد وطن واپس ايندو. هن چيو ته موجوده اتحادي حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته غريب عوام تي ڪنهن به طور تي بار نه وڌو وڃي، عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي پهچايو ويندو.