
اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن صدر کي پنهنجي سالياني رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقليتن جي ڪوٽا، سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا ۾ عورتن جي سيٽن ۽ بلوچستان جي لاءِ مخصوص جاين جي نه ڀرجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اهڙيون جايون معيار تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ ترجيحي بنيادن تي ڀرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو اعليٰ ترين امتحاني ادارو آهي، ان کي هر لحاظ کان بهترين هجڻ گهرجي، ڪميشن جي ميمبرن جي مهارت، امتحان، انٽرويو ۽ سرڪاري عهدن تي ڀرتي جي لاءِ موزون اميدوارن جي چونڊ جو طريقيڪار عالمي معيار موجب هجڻ گهرجي، ملازمت جي لاءِ مناسب شخص جي چونڊ کي يقيني بڻائي سول سروس جي معيار ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) جي چيئرمين ڪيپٽن (ر) زاهد سعيد ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ۽ کيس ايف پي ايس سي جي سالياني رپورٽ 2021ع پيش ڪئي. ايف پي ايس سي جو سيڪريٽري سيد حسنين مهدي ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ صدر سيڪريٽريٽ جا سينيئر عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صدر سرڪاري عهدن تي ڀرتي جي لاءِ امتحان جي طريقيڪار کي وقت سر اپ ڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته انٽرويوز جي لاءِ معياري سوالن جي چونڊ ۽ جائزو وٺندي جوابن کي شمارياتي ۽ سائنسي بنيادن تي جانچڻ گهرجي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ بهترين طريقن سان سکڻ، تعصب ختم ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ امتحان ۽ چونڊ جي معيار کي مسلسل بهتر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ايف پي ايس سي کي بهترين شهرت ۽ لاڳاپيل تجربو رکندڙ هڪ ڪنسلٽنٽ جون خدمتون حاصل ڪرڻ گهرجن ته جيئن ايف پي ايس سي کي پنهنجي امتحان ۽ چونڊ جي معيار جو جائزو وٺڻ، گهربل بهتري جي نشاندهي ڪرڻ ۽ ان کي دنيا جي بهترين چُونڊ ۽ ڀرتي وارين ايجنسين جي برابر آڻڻ جي لاءِ حل تجويز ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي. صدر چيو ته ڀرتي جي عمل کي جديد ترين انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ٽولز کي شامل ڪري وڌيڪ موثر ۽ شفاف بڻايو وڃي. هن چيو ته ايف پي ايس سي اعليٰ ترين پرک وارو ادارو هجڻ جي ناطي حڪومت جي لاءِ معياري انساني وسيلن جي دستيابي ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري ۽ چونڊ عمل کي عالمي معيار موجب اپ ڊيٽ ڪري. هن وڌيڪ چيو ته اعليٰ سطح جي چونڊ ۽ ڀرتي جي عمل کي جديد ترين امتحانن ۽ انٽرويو جي مهارتن جو استعمال ڪندي مسلسل بهتر بڻائڻو پوندو ته جيئن اميدوار گهربل معيار تي پورو لهي سگهن. هن اقليتن جي ڪوٽا، سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا ۾ عورتن جي سيٽن ۽ بلوچستان جي لاءِ مخصوص جاين جي نه ڀرجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وڌيڪ چيو ته اهڙيون جايون معيار تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ ترجيحي بنيادن تي ڀريون وڃن. ان موقعي تي ايف پي ايس سي جي چيئرمين ڪميشن جي سالياني رپورٽ 2021ع پيش ڪئي ۽ ٻڌايو ته گذريل سال ايف پي ايس سي ڪوويڊ 19 جي باوجود لاڳاپيل ايس او پيز تي عمل ڪندي قومي سطح جا امحان بهتر طريقي سان منعقد ڪيا. هن ٻڌايو ته جنرل ڀرتي تحت، ايف پي ايس سي کي 2021ع دوران 509،955 درخواستون مليون ۽ مختلف جاين تي مقرري جي لاءِ 2151 اميدوارن جي سفارش ڪئي. هن چيو ته 2021ع ۾ ايف پي ايس سي کي سي ايس ايس جي چٽاڀيٽي واري امتحان 2021ع جي لاءِ 39،650 درخواستون مليون، 17240 اميدوار امتحان ۾ شريڪ ٿيا جن مان 365 اميدوارن امتحان جي لکت واري حصي کي پاس ڪيو. هن چيو ته ڪميشن سي ايس ايس اميدوارن جي لاءِ پهريون ڀيرو گهڻ رخي چونڊ سوالن تي ٻڌل شروعاتي ٽيسٽ منعقد ڪئي، جنهن جي لاءِ 61،725 درخواستون مليون.