APP83-301122 KARACHI: November 30 - Chairman PPP and Foreign Minister Bilawal Bhutto Zardari addressing to Public Gathering on the occasion of 55 Youm-e-Tasees (Foundation Day) of Pakistan People Party (PPP) at Nishtar Park. APP/TZD/FHA

ڪراچي – 30 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جيئي ڀٽو جو نعرو هڻندي يحييٰ خان، ضياءَ ۽ مشرف سان گڏوگڏ سليڪيٽيڊ جي سياست جو خاتمو ڪيو آهي، مُلڪ کي شهيد ڀٽو جهڙي قيادت گهرجي جيڪا شهادت ته قبول ڪري يوٽرن کي قبول نه ڪري، شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي 30 سالا سياست ۾ والد، ڀائرن جي شهادت ۽ پاڻ شهيد ٿي وئي پر نفرت جي سياست نه ڪئي ان جي ابتڙ اڄڪلهه ماڻهو آڱر ڪٽرائي شهادت جو رتبو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، ڪراچي جو ميئر چونڊڻ اسان جو حق آهي، ڪراچي جو ايندڙ ميئر جيالو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پيپلزپارٽي جي 55 هين يوم تاسيس جي موقعي تي نشتر پارڪ ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن تحت منعقد عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. جلسي کي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار احمد کهوڙو، جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، صوبائي وزير سعيد غني ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي پيپلزپارٽي جا اڳواڻ شيري رحمان، ميان رضا رباني، سيد قائم علي شاهه کانسواءِ صوبائي وزير، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر، سينيٽرز، پارٽي جا مرڪزي، صوبائي، ڊويزنل، ضلعي عهديدار پڻ موجود هئا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي جو ميئر چونڊڻ اسان جو حق آهي ۽ اسان ڪراچي جي عوام جي خدمت ڪنداسين. هن چيو ته آئون گلگت ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي مخاطب آهيان ته انهن بلدياتي چونڊن ۾ عمران خان جي نڪ جي هيٺان پيپلزپارٽي کي بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابيون ڏياريون آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جيئي ڀٽو جو نعرو لڳائيندي هڪ ٻه نه 3 آمرن جو مقابلو ڪيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي نفرت جي سياست بدران اميد جي سياست تي يقين رکي ٿي، اسان يڪجهتي جي سياست تي يقين رکون ٿا. هن چيو ته پيپلزپارٽي هن ملڪ کي ڳنڍي ٿي ۽ چئني صوبن جي زنجير آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن ڀٽو شهيد 55 سال اڳ هن پارٽي جو جهنڊو بلند ڪيو هن ملڪ ۽ قوم جي قيادت سنڀالي ته اسان ٻن حصن ۾ ورهايل هئاسين. هن چيو ته ڀٽو قوم کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو. هن چيو ته ڀٽو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آئين ڏنو. آئيني حق ڏياريا، ڀٽو اميد ۽ يڪجهتي جي سياست ڪندي سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته سڀ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو، اڳ ۾ رڳو امير ماڻهو ٽيڪس ڏيڻ وارا ووٽ وجهندا هئا. ڀٽو ووٽ جو غريبن کي حق ۽ ووٽ جو هٿيار ڏنو ان کان اڳ سرمائيدارن ۽ وڏيرن کي حق ڏنو ويو هو. بلاول ڀٽو چيو ته شهيد ڀٽو هن ملڪ جي غريبن ۽ پورهيتن کي معاشي حق ڏياريو، بي زمين هارين کي زمين، مزدورن ۽ پورهيتن کي يونين سازي جو حق ڏنو. بلاول ڀٽو چيو ته هن ملڪ جي نوجوانن ۽ اڄڪلهه جي نوجوانن کي اهو معلوم نه آهي ته انهن کي به حق ڀٽو ڏنو ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا، شاگرد يونين سازي جي اجازت ڏني. هن ملڪ جي پرڏيهي پاليسي سميت سموري مشاورت ڀٽو نوجوانن ۽ شاگرد يونين سان ڪندو هو. ڀٽو هر طبقي کي جمهوري ۽ آئيني حقن سان گڏوگڏ انهن جا معاشي حق اٽو، اَجهو ۽ لٽو ڏياريو. هن چيو ته اڄ هي ملڪ ائٽمي قوت ڀٽو شهيد جي ڪري آهي. هن چيو ته ڀٽو نفرت، انتشار تي نه پر يقين ۽ يڪجهتي جي سياست تي يقين رکندو هو. ڀٽو هن ملڪ کي ڳنڍي هلندو هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ اڄ اسان کي معاشي حق ڏيارڻا آهن، وڃايل مقام ٻيهر ڏيارڻو آهي اسان کي يڪجهتي ۽ اميد جي سياست کي اختيار ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو چيو ته اسان جيئي ڀٽو جو نعرو هڻندي يحييٰ خان، ضياءَ ۽ مشرف سان گڏوگڏ سليڪيٽيڊ جي سياست جو خاتمو ڪيو آهي. هن چيو ته قائد عوام شهيد ڀٽو جهڙي قيادت گهرجي جيڪا شهادت ته قبول ڪري يوٽرن کي قبول نه ڪري. اهو ئي نظريو شهيد بي بي کڻي اڳتي هلي هئي. هن چيو ته هن ملڪ جو سڀ کان وڏو سياسي قيدي آصف زرداري رهيو آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي 30 سالا سياست ۾ والد، ڀائرن جي شهادت ۽ پاڻ شهيد ٿي وئي پر نفرت جي سياست نه ڪئي ان جي ابتڙ اڄڪلهه ماڻهو آڱر ڪٽرائي شهادت جو رتبو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. بلاول ڀٽو چيو ته هن ملڪ ۾ جيڪڏهن سياست ڪرڻي آهي ته بي بي جي سياست ڪرڻي پوندي. هن چيو ته بي بي جي بهادري هڪ طرف ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ سمورن مردن جي سياست هڪ طرف هئي. شهيد چاهي ها ته پهرين ڌماڪي کانپوءِ گهر ۾ رهي وڊيو تي خطاب ڪري سگهي پئي. پر هو بهادر ڌيءَ هئي، اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه ڪندي هئي. هن چيو ته جڏهن بي بي سياست شروع ڪئي ته هن ملڪ ۾ آمر ضياءَ جو دور هو جنهن آئين ٽوڙي قبضو ڪيو هو. هن چيو ته بينظير ڀٽو 2 ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم بڻجي ۽ هن ٻن آمرن جو مقابلو ڪيو. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ايٽمي طاقت ڏياري ته بينظير ڀٽو هن ملڪ کي ٽيڪنالاجي ڏني. هن چيو ته بينظير ڀٽو والد وانگر ثابت ڪيو ته هن يوٽرن نه ورتو پر جان ڏني. بلاول ڀٽو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان سدائين جمهوريت کي بهترين انتقام سمجهيو. بي بي جي جدائي کانپوءِ اسان سڀني جي لاءِ امتحان هو. ملڪ ۾ نفرت جي سياسي بدران آصف زرداري پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو. هن چيو ته اسان جيئي ڀٽو جو نعرو هڻي اين ايف سي جو انعام ڏياريو. صدر زرداري پنهنجي حڪومت ۾ هڪ به سياسي قيدي نه رکيو. اسان سليڪيٽيڊ کي مزدورن جي معاشي قتل کان روڪيو. اسان ان سان مقابلو سياسي ميدان ۾ ڪنداسين جيڪو جمهوري طريقو هوندو.