APP86-301122 ISLAMABAD: November 30 - Federal Minister for Information and Broadcasting Marriyum Aurangzeb briefing the Media Person about the decisions taken in Federal Cabinet meeting. APP/TZD/FHA

اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڇا قائداعظم اهو چيو هو ته توشه خانه جي خانه ڪعبه جي عڪس واري گهڙيءَ وڪري ڪري ڇڏيو؟ ڇا قائداعظم اهو چيو هو ته آرمي چيف کي بند ڪمري ۾ ويهاري تاحيات توسيع جي دعوت ڏني وڃي، عمران خان پنهنجي ”حرڪتن“ جي قائداعظم جي اعليٰ فرمانن سان هڪ جهڙائي جي ڪوشش نه ڪري، وفاقي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ ايندڙ پنهنجي صوبائي حڪومتون ڪيرائڻ جو اعلان ڪري هليو ويو، حقيقي آزادي جي نالي تي لڳايل ڊرامي جو ڊراپ سين پوري قوم ڏٺو، عمران خان پنهنجو اقتدار بچائڻ جي لاءِ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، گورنرز کي آئين شڪني تي مجبور ڪيو، وفاقي ڪابينا قائداعظم يونيورسٽي ۽ بهاره ڪهو باءِ پاس تڪرار تي ڪميٽي جي سفارشن، واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ٻن عمارتن جي شفاف واڪن جي عمل جي ذريعي نيلام ڪرڻ سميت ٻين نقطن جي منظوري ڏئي ڇڏي. هو وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس جي شروع ۾ وزيراعظم شهباز شريف اعظم نذير تارڙ جي بطور قانون واري وزير جي خدمتن کي ساراهيو. وفاقي ڪابينا جا ميمبر اعظم نذير تارڙ جي گهر به ويا ۽ کيس وزيراعظم پاران استعيفيٰ منظور نه ڪرڻ جي فيصلي کان آگاهه ڪيو، اعظم نذير تارڙ وزيراعظم جي هدايت تي ٻيهر وزارت جو قلمدان سنڀاليو ۽ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ شرڪت به ڪئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪوئيٽا ۾ خودڪش حملي جي سخت مذمت ڪئي وئي، شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وئي. پاڪستان ۾ جهڙي طرح پوليو مرض جو خاتمو ڪيو ويو اهو ساراهه جوڳو آهي، وفاقي ڪابينا پوليو جي خاتمي لاءِ قومي ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن ٻڌايو ته خوراڪ واري وزارت پاران ملڪ ۾ ڪڻڪ جي صورتحال جي حوالي سان وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪڻڪ وڏي مقدار ۾ موجود آهي، گذريل سال ۽ موجوده سال جي ڀيٽ ڪئي وڃي ته ڪڻڪ جا ذخيرا وڏي مقدار ۾ موجود آهن، موجوده سال ۾ ڪڻڪ جي مجموعي ضرورت 30.79 ملين ميٽرڪ ٽن آهي، موجوده ذخيرا ٻه سيڪڙو وڌيڪ آهن. هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ موجوده ٻوڏ جي باوجود موثر حڪمت عملي جي ڪري ذخيرا وڌيڪ آهن ۽ اهڙا انتظام ڪيا آهن ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي غذائي کوٽ نه ٿئي. وفاقي ڪابينا خوراڪ واري وزير ۽ سندس ٽيم جي خدمتن کي ساراهيو. هن ٻڌايو ته واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي استعمال هيٺ 2 عمارتن جي معاملي تي بحث ٿيو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 2010ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم جي هدايت تي ٻنهي عمارتن جي رنگ روغن جي منظوري ڏني وئي هئي، اڃا تائين هڪ عمارت جي رنگ روغن جو 60 سيڪڙو ڪم مڪمل ناهي ٿيو جڏهن ته هڪ عمارت جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، 2018ع ۾ ان عمارت جو سفارتي اسٽيٽس ختم ڪيو ويو هو، هاڻي اها هڪ پرائيويٽ ملڪيت آهي ان تي ٽيڪس رجيم به گهٽ ٿي وئي، 2019ع کان وٺي هيستائين 8 لک 19 هزار ڊالر جو ٽيڪس ادا ڪري چڪا آهيون، وقت سر فيصلا نه ٿيڻ سان اسان ملڪيت استعمال نه ڪري رهيا آهيون پر ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهيون. ٽن مهينن ۾ هڪ لک جو ٽيڪس وڌيڪ وڌي ويندو. 2020ع ۾ هڪ وزيرن واري ڪميٽي ٺاهي هئي، ڪميٽي ورڪنگ ڪري 45 لک آمريڪي ڊالر ان جي قيمت لڳرائي هئي، آمريڪي ٽيڪس شعبي اهو چيو هو ته نه هاڻي وڪرو نه ڪريو نه استعمال ڪنداسين هاڻي ان جي نيلامي ڪرڻي پوندي. هيستائين ان عمارت مان 13 لک ڊالر وصول ڪرڻ جو چيو ويو آهي. چيو ويو ته جيڪڏهن پاڪستان نيلام نه ڪيو ته آمريڪي حڪومت ان عمارت کي نيلام ڪري ڇڏيندي. هاڻي 68 ملين ڊالر جو واڪ مليو آهي. ان واڪ جي عمل کي جيڪو صاف ۽ شفاف طريقي سان هلي رهيو آهي، پرڏيهي وزارت جي سمري تي وفاقي ڪابينا انهن کي شفاف عمل ذريعي وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته قائداعظم يونيورسٽي ۽ بهاره ڪهو باءِ پاس جو تڪرار هلي رهيو آهي، ڊاڪٽر عزيز الرحمان ۽ ٻين جي پٽيشن به هئي پر عدالت جو شروعاتي حڪم به آيو آهي جنهن ۾ اسٽيٽ کي چيو ويو ته اها ثالثي جو ڪردار اداڪري، عدالت سردار اياز صادق، مون کانسواءِ قمرالزمان ڪائره ۽ گهرو سيڪريٽري تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي هئي جنهن ۾ ڌرين جا نمائندا به شريڪ آهن، ان ڪميٽي ٻه اجلاس ڪيا جن ۾ ٻنهي ڌرين ۽ پٽيشنرز کي ٻڌو، ڪجهه مطالبا به سامهون آيا، حڪومت جي ترجيح هئي ته شفاف طريقي سان ڪنهن حتمي نتيجي تائين پهچجي، ان بابت هڪ ورڪنگ پيپر تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڏنل سفارشن جي ڪابينا منظوري ڏني آهي. سفارشن ۾ چيو ويو آهي ته بهاره ڪهو باءِ پاس جي لاءِ قائداعظم يونيورسٽي جو رستو ورتو ويندو ته باءِ پاس کان قائداعظم يونيورسٽي کي سڌوسنئون پهچ ڏني وڃي اهو يونيورسٽي جو وڏو مطالبو هو. سي ڊي اي جي ذميواري هوندي ته قائداعظم يونيورسٽي جي لينڊ ليز جيڪا 33 سالن کانپوءِ توسع ڪرڻي آهي ان جا انتظام ڪري، قائداعظم يونيورسٽي جي ليز رهتن جو معاملو حل ڪري قائداعظم يونيورسٽي کي سهولت ڏني وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فيفا ورلڊ ڪپ معاملي تي پي ٽي وي اسپورٽس سان تمام وڏي راند ٿي آهي، ان معاملي تي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، اڃا به اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته پي ٽي وي کي باقي مئچز جا رائيٽس ملي وڃن، پي ٽي وي جو ايم ڊي ۽ اسپورٽس ٽيم ان تي ڪم ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ عمران خان جي قيادت ۾ لسٻيلا هيليڪاپٽر حادثي کانپوءِ شهيدن کانپوءِ هڪ مهم شروع ٿي، غليظ ذهنيت ۽ مهم کانپوءِ انهن کان ٻي ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي، پاڪ فوج جي سربراهه کي عمران خان سڌوسنئون سياسي مداخلت جو چيو ۽ پوءِ چيو ته ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ بي اعتمادي رٿ کي روڪي سگهيو پئي. اڄ عمران خان قائداعظم جي فرمان سان نئين آرمي چيف کي مبارڪباد ڏيندي چئي رهيو هو ته رياست ۽ ماڻهن جي وچ ۾ جيڪا اعتماد جي کوٽ آهي اها ٺيڪ ڪندو، جيڪڏهن اعتماد جي کوٽ اها آهي ته آرمي چيف کي بند ڪمري ۾ تاحيات توسيع جي آفر ڪري، پاڪ فوج جي آفيسرن، شهيدن جي خلاف مهم هلائي، آرمي چيف کي سياست ۾ مداخلت جي لاءِ باقاعده دعوت ڏي، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، گورنرز جي ذريعي آئين شڪني ڪرائي مقصد پنهنجي اقتدار کي بچايو وڃي. ڇا قائداعظم جو اهو فرمان هو ته آرمي چيف کي بند ڪمري ۾ ويهاري تاحيات توسيع جي دعوت ڏني وڃي، ڇا قائداعظم جو اهو فرمان هو ته هيترن قيراط جي هيرن جي مُنڊي هجڻ گهرجي، ڇا قائداعظم جو اهو فرمان هو ته خانه ڪعبه جي عڪس واري گهڙي وڪرو ڪري ڇڏيو؟ عمران خان پنهنجي ”حرڪتن“ جي قائداعظم جي اعليٰ فرمانن سان هڪ جهڙائي جي ڪوشش نه ڪري. هن چيو ته عمران خان کي توشه خانه ۽ فارن فنڊنگ سميت سمورين بدعنوانين جو حساب ڏيڻو پوندو، عمران خان جو ذهن جمهوري نه، هو ناڪام، ڪرپٽ ۽ نااهل شخص آهي، عمران خان ملڪ ۾ عدم استحڪام ۽ ورڇ چاهي ٿو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ ايندڙ پنهنجي صوبائي حڪومتون ڪيرائڻ جو اعلان ڪري هليو ويو، حقيقي آزادي جي نالي تي لڳايل ڊرامي جو ڊراپ سين پوري قوم ڏٺو. هن چيو ته حڪومت هر قسم جي سياسي مهم جوئي جو ڄمي مقابلو ڪندي، عمراني دور پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ترين دور هو.