APP21-300922 ISLAMABAD: September 30 – Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif addresses the earth breaking ceremony of Bara Kahu Bypass. APP

اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آڊيو ليڪس عمران خان نيازي جي ڪوڙي بيانيي ۽ موجوده حڪومت جي خلاف زهريلي پروپئگنڊه کي بري طرح بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي قوم جي سامهون حقيقت ظاهر ٿي چڪي آهي، اسان رياست کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي سياست کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو، ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، عوام سچ ۽ ڪوڙ، خدمت ۽ فراڊ، رياڪاري ۽ سچائي ۾ فرق ڪري، عوام سدائين صحيح فيصلو ڪندي آهي. بهاره ڪهو باءِ پاس منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هي هڪ عظيم عوامي منصوبو آهي جنهن کي شفاف واڪ تحت اين ايل سي کي ڏنو ويو آهي، منصوبي کي چئن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو معاهدو ٿيو آهي پر اين ايل سي عملدارن کي چوان ٿو ته ان کي ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جو هڪ نه، درجنين اهڙا مثال آهن ته اهڙي طرح جا منصوبا ڏيڍ ۽ ٻن مهينن جي عرصي ۾ مڪمل ٿيا آهن، جيڪڏهن ان منصوبي تي خرچن ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي ته ان جي لاءِ به ڪوششون ڪيون وڃن، منصوبو انتهائي اعليٰ معيار جو هجڻ گهرجي، ان منصوبي جي ڪري آزاد ڪشمير، جاڙن شهرن ۽ سڄي ملڪ مان سياحت جي لاءِ ويندڙ ماڻهن کي سهولت ملندي ۽ وقت جي بچت پڻ ممڪن ٿي سگهندي. وزيراعظم چيو ته جاڙن شهرن جي حوالي سان ٻيا منصوبا به جاري آهن، ان ۾ اينٽي گريٽڊ ٽرانسپورٽ جو منصوبو پڻ شامل آهي جنهن جي ذريعي اسلام آباد جي مختلف سيڪٽرز مان مسافرن کي اربن ٽرانسپورٽ نظام سان ڳنڍيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته نواز شريف دور جي شروع ڪيل عوامي ڀلائي جي منصوبن کي اڳوڻي حڪومت 4 سالن تائين معطل رکيو، انهن چئن سالن ۾ ڪنهن کي پبلڪ ٽرانسپورٽ جو خيال نه آيو، ميٽرو بس جي منصوبي کي به معطل ڪيو ويو جنهن کي نيو ايئرپورٽ تائين وٺي وڃڻو هو جڏهن ته انهن منصوبن تي اربين رپيا لڳي چڪا هئا اسان جي حڪومت ايندي ئي انهن منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪري ورتو آهي، اهڙي طرح اورنج ۽ بليو لائين منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن جنهن سان عوام جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم چيو ته منصوبا تڏهن مڪمل ٿيندا آهن جڏهن ٽنگ تي ٽنگ رکي ڪجهه نه ڪرڻ بدران دل ۾ عوام جي لاءِ درد ۽ تڙپ هجي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران نيازي ڏينهن رات نڪ جي پڪائي سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ اهو غلط رواج قائم ڪيو ته وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن کي ورغلايو وڃي. وزيراعظم چيو ته مون 40 سال پنهنجي وڏي ڀاءُ جي قيادت ۾ سياست جي ميدان ۾ گذاريا آهن، هر قسم جا لاها چاڙها ڏٺا، مارشل لاء جا دور به ڏٺا، پنهنجي سياسي مخالفن جون حڪومتون به ڏٺيون پر پنهنجي پوري زندگي ۾ ايترو غيرذميوار ۽ ڪوڙو ماڻهو نه ڏٺو. اڳوڻي وزيراعظم بنا ڪنهن شڪ جي ورلڊ ڪپ کٽيو ۽ اسپتال ٺاهي پر اهو ٽيم ورڪ جو نتيجو هو، ڪپتان کي ان جو ڪريڊٽ وڃي ٿو، توهان اسپتال ٺاهي اها سٺي ڳالهه آهي پر ڪنهن کي پري پري تائين اهو خيال نه هو ته ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ۽ اسپتال ٺاهيندڙ سياست جي ميدان ۾ سراپا ڪوڙ هوندو ۽ قوم کي دوکو ڏيندو. وزيراعظم چيو ته اسان جي مخلوط حڪومت آئيني طريقيڪار ۽ پارليامينٽ جي ووٽ جي ذريعي قائم ٿي پر هن شخص پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڪهڙا ڪهڙا حربا استعمال نه ڪيا، آڊيو ليڪس جو ذڪر ڪندي هن چيو ته آڊيو ليڪس سان هر شيءَ واضح ٿي وئي، پوري قوم ڏسي ورتو ته ڪهڙي طرح عمران احمد خان نيازي پنهنجي سيڪريٽري کي پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ترغيب ڏي ٿو ۽ سيڪريٽري ان کان هڪ قدم اڳتي وڌي ان جو ساٿ ڏي ٿو، آڊيو ليڪس سان پوري قوم جا ڪنڌ شرم سان جهڪي ويا آهن، 5 مهينن تائين عمران نيازي اهو راڳ آلاپيندو رهيو ته منهنجي حڪومت جي خلاف سازش ٿي آهي پر آڊيو ليڪس سان اها ڪهاڻي قوم آڏو ظاهر ٿي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي راءِ مختلف ٿي سگهي ٿي پر ڪنهن جي پاڪستانيت تي ڪير آڱر نه ٿو کڻي سگهي، عمران نيازي پنهنجي سمورن سياسي مخالفن کي غدار قرار ڏنو، گذريل ڏينهن پوري دنيا ڏٺو ته ڪهڙي طرح هڪ اڳوڻو وزيراعظم دنيا جو ڪوڙو ترين شخص نڪتو آهي، هن انسان پوري قوم جو وقار داءُ تي لڳايو، آڊيو ليڪس پوري پاڪستاني قوم ٻڌي ۽ ان کانپوءِ ڪنهن کي چوڻ جي ضرورت نه آهي ته اها پاڪستان جي خلاف بدترين سازش هئي، هن شخص قوم ۽ ادارن کي ورڇ ڪرڻ جي سازش ڪئي ۽ سڀ کان بدترين سازش اها هئي ته هن پاڪستاني سياستدانن کي دنيا ۾ بدنام ڪيو ۽ اهو تاثر ڏنو ته خدانخواسته پاڪستاني سياستدان ٻين ملڪن سان گڏجي پنهنجي ملڪ جي خلاف ڪم ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته هن قومي اسيمبلي جي فلور تي اهو بيان ڏنو هو ته جيڪڏهن اهو ثابت ٿي وڃي ته اسان غيرملڪي حڪومت جي سان گڏجي سازش ڪري حڪومت حاصل آهي ته اسان کي ڦاهي تي لٽڪايو وڃي، قوم جا 5 مهينا ضايع ٿي ويا آهن، پوري قوم کي ورڇ ڪيو ويو ۽ اها زهريلي پروپئگنڊه ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته آڊيو ليڪس کان اڳ به سمورا سنجيده ماڻهو اهو ڄاڻيندا هئا ته هي شخص ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ سڄي دنيا جي قائدين سان سندس ملاقاتون ٿيون، انهن اڳواڻن ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا جن جا عمران خان پنهنجي تقريرن ۾ حوالا ڏيندو رهندو آهي، اسان جي انهن سان تمام سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي، انهن پاڻ چيو ته اسان توهان کي زرعي ميدان ۾ مدد فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا، انهن اڳواڻن پيٽروليم ۽ گئس پائيپ لائين جي منصوبن ۾ تعاون تي پڻ ڳالهه ڪئي، ان کانپوءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي پڻ اسان جون ملاقاتون ٿيون. وزيراعظم چيو ته عوام سمجهي چڪي آهي ته سازشي ڪهاڻي ۾ دم نه آهي، هاڻي آڊيو ليڪس ان ڳالهه تي مهر لڳائي ڇڏي آهي ته هي دنيا جو ڪوڙو ترين شخص آهي. وزيراعظم چيو ته اسان سڀ خطاڪار ماڻهو آهيون ۽ الله کان هر وقت معاشي جا طلبگار رهون ٿا پر قوم جي خلاف جهڙي طرح جي سازش ڪئي وئي دنيا جي تاريخ ۾ تمام گهٽ ئي اهڙا مثال موجود هوندا، اڳوڻي وزيراعظم اسان جي ڀائر دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، آئين تحت راز نه ٿو کولي سگهي. وزيراعظم چيو ته جعلي ووٽن سان وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ هو قوم جو حال سنواري ها، غربت ختم ڪري ها، هڪ ڪروڙ گهر ۽ 50 لک نوڪريون ڏي ها پر ان جي ابتڙ هڪ سر نه رکي وئي ۽ ماڻهن کان نوڪريون کسيون ويون قوم کي مهانگائي جو طوفان ڏنو ويو، اسان حڪومت جي ذميواري کڻي وڏو پٿر کنيو، اسان رياست کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي سياست کي داءُ تي لڳايو، اهو فيصلو وقت ڪندو ته اسان جو فيصلو صحيح هو يا غلط پر قوم انهن جي پوڻا چئن سالن ۽ اسان جي 5 مهينن جي ڀيٽ نه ڪري، انهن جي حڪومت جي پهرين مهينن ۾ ڪرپشن جا وڏا ڪيسز سامهون آيا، اسان جي 5 مهينن ۾ هڪ رپئي جي ڪرپشن جو الزام ناهي لڳو، مهانگائي اسان کي ورثي ۾ ملي آهي، اسان سموريون ڪوششون ڪري ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، عمران خان جي اها خواهش ۽ تڙپ هئي ته پاڪستان ڏيوالپڻو ٿي وڃي، ان جي اها سوچ آهي ته جيڪڏهن آئون آهيان ته سڀ ڪجهه هجي ۽ جيڪڏهن آئون نه آهيان ته ڪير به نه هجي. وزيراعظم چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته پاڪستان جي معيشت کي پائيدار بنيادن تي مضبوط ڪيو وڃي، مهانگائي ۾ گهٽتائي آندي وڃي، اسان وٽ تيل ۽ گئس نه آهي، انهن جي درآمد تي اربين ڊالر خرچ ٿي رهيا آهن، اسان جا ذريعا محدود آهن پر اسان کي پريشان ۽ گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي، اسان ملڪ ۽ معيشت کي هن مشڪل صورتحال مان ڪڍنداسين، منهنجو اهو ايمان آهي ته جيڪڏهن اسان محنت ڪنداسين ته الله ان جو اسان کي صلو ڏيندو جيڪڏهن دبئي واريءَ مان ترقي ۽ خوشحالي آڻي سگهي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪهڙي شيءَ جي کوٽ آهي، اسان وٽ جبل، سمنڊ، درياءَ ۽ عظيم ماڻهو آهن جن ۾ ڊاڪٽرز، انجنيئرز، سائنسدان، مختلف شعبن جا ماهر ۽ پرعزم عوام شامل آهي، اسان ائٽمي قوت آهيون، جيڪڏهن ڪا گهٽتائي آهي ته اها ڪم ڪرڻ جي تڙپ جي گهٽٽائي آهي، جنهن ڏينهن اها تڙپ ايندي پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ٿيندو. وزيراعظم چيو ته عمران خان نيازي چوي ٿو ته آئون خيرات گهرڻ ٻاهر وڃان ٿو ڇا هو خيرات ورهائڻ ويندو هو، مون کي خبر آهي ته هي هڪ دوست ملڪ ويو ۽ منٿون ڪندو رهيو ته توهان اسان جي لاءِ قرض جو اعلان ڪريو، عمران خان کي پنهنجي گريبان ۾ جهاتيءَ پائڻ گهرجي ته هو ڪنهن کي دوکو ۽ فريب ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته آئون عوام کي هٿ ٻڌي چوان ٿو ته اها سچ ۽ ڪوڙ، خدمت ۽ فراڊ، رياڪاري ۽ سچائي ۽ خدمت ۽ ٽنگ تي ٽنگ رکي ويهڻ جي طرز عمل ۾ فرق ڪن، عوام سدائين صحيح فيصلو ڪندي آهي. شهباز شريف چيو ته گذريل ٽن مهينن ۾ پاڪستان جو ٽيون حصو پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي، سنڌ جا هيٺانهين وارا علائقا، بلوچستان، ڏکڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو، گذريل ٻن مهينن ۾ عمران نيازي جلسا ڪري الزام بازي ڪري رهيو آهي، انهن جلسن تي ڪروڙين رپيا استعمال ٿي رهيا آهن، ڪاش اهو پئسو ڏکويل انسانيت جي خدمت ۽ متاثرين جي لاءِ خيمن ۽ امدادي سامان جي خريداري تي خرچ ٿئي ها، جڏهن هي حڪومت ۾ هئا ته انهن مراعات يافته طبقن کي وڌيڪ مراعتون ڏنيون، دوست ملڪن کان تحفا وٺي وڪرو ڪيا ۽ پئسا کيسي ۾ رکيا، عمران خان کي خدا جو خوف هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته 75 سالن ۾ ملڪ کي ڪيترائي زخم لڳا آهن، اختلافن کي هڪ طرف رکي اسان کي هن ملڪ کي ٺاهڻو آهي پر عمران خان ته آهي ئي سازشي، هو چاهي ٿو ته پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي طرف نه وڃي. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم لاهور ۾ پي ڪي ايل آئي جي شاندار منصوبي کي برباد ڪري ڇڏيو هو، ان ۾ گردن ۽ جگر جي پيوندڪاري جي سهولت فراهم ٿيڻي هئي، ان منصوبي کي عمران خان اڳوڻي چيف جسٽس سان گڏجي برباد ڪيو ۽ قوم جا اربين رپيا ضايع ڪيا ويا، هن خيبرپختونخواهه ۾ ڪهڙي خدمت ڪئي آهي، اها قوم جي آڏو آهي، هڪ ڏينهن سچائي قوم جي سامهون ايندي، عمران خان جو مڪروهه چهرو پوري قوم ڏسي ورتو آهي. وزيراعظم چيو ته منهنجي دعا آهي ته الله کيس پاڪستان جي خدمت ۽ ملڪ جي لاءِ وڙهي مرڻ جي توثيق ڏي. تقريب ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي، طارق بشير چيما، انجم عقيل، زهره ودود فاطمه ۽ ٻيون شخصيتون پڻ موجود هيون. ان کان اڳ سي ڊي اي چيئرمين ڪيپٽن (ر) عثمان تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم ۽ ايندڙ مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اڄ تاريخي ڏينهن آهي، هن منصوبي سان نه رڳو جاڙن شهر پر پوري پاڪستان مان ايندڙ ماڻهن کي درپيش پراڻي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ڪجهه مهينا اڳ راول ڊيم چوڪ جي افتتاح جي موقعي تي وزيراعظم بهاره ڪهو باءِ پاس منصوبي جي افتتاح جي هدايت ڪئي. وزيراعظم جي هدايت تي سي ڊي اي ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ڪري اهو منصوبو شروع ڪيو آهي، هي منصوبو اين ايل سي جي حوالي ڪيو ويو آهي، جيڪو چئن مهينن ۾ مڪمل ٿيندو، منصوبي تحت 5.4 ڪلوميٽر باءِ پاس تعمير ڪئي ويندي جنهن ۾ هڪ انٽرچينج، هڪ فلائي اوور ۽ 4 انڊر پاسز شامل آهن. هن چيو ته وزيراعظم تعطل جي شڪار ٻين منصوبن جن ۾ اسلام آباد ايڪسپريس وي، مارگلا هاءِ وي، سيونٿ ايونيو، ريلوي پل سهالا ۽ نيلور هائيٽس شامل آهن کي به جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.