APP65-270922 ISLAMABAD: September 27 - Ambassador of the kingdom of Saudi Arabia to Pakistan, H.E. Nawaf Saeed Al Malkiy calls on Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif. APP

اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيدالمالڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سعودي ولي عهد سان ٽيليفون تي پنهنجي تازي ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي گڏيل خواهش آهي. ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضافي جي رفتار کي برقرار رکڻ جي لاءِ وزيراعظم مختلف سطحن تي باقاعده ٻطرفي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم سعودي عرب پاران امدادي سامان جي فراهمي سميت پاڪستان ۾ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ڀرپور حمايت جي اظهار تي سعودي عرب جي قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم امدادي سرگرمين ۾ سعودي عرب جي سفير جي اهم ڪردار کي پڻ ساراهيو جنهن ذاتي طور تي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪيو.