APP29-270922 DADU: September 27 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif talks to the media at a tent city established at Village Jakhrol. APP

دادو – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ ۾ رهجي ويل ٻوڏ متاثرين کي به جلد 25 هزار رپين جي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جا ڪم جاري آهن، ٻوڏ متاثرين ۾ 42 ارب ورهايا ويا آهن، رهجي ويلن کي به جلد روڪ رقم ملندي، هي وقت نمبر گيم يا جلسن جلوسن جو نه پر متاثرين جي مدد ڪرڻ جو آهي، عالمي برادري، دوست ملڪن جا ٿورا مڃان ٿو جن هن مشڪل وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي، اسان کي گڏجي پاڪستان کي عظيم بڻائڻو آهي، سڀني وسيلن ۽ صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي هن مصيبت مان نڪرنداسين. هو دادو جي دوري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي ڪابينا جا ميمبر به ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سيوهڻ شريف جو دورو ڪيو، هاڻي دادو ۾ موجود آهيان، هر جڳهه پاڻي تباهي مچائي آهي، سيوهڻ شريف ۽ دادو ۾ اڃا به پاڻي موجود آهي، 1600 کان وڌيڪ ماڻهو جن ۾ ٻار ۽ ٻارڙيون شامل آهن، الله کي پيارا ٿي ويا آهن، 13 لک چوپايو مال پاڻي ۾ لُڙهي ويو، لکين ايڪڙ تي بيٺل وونئڻن جي فصل ۽ سارين جي فصل کي نقصان پهتو آهي، لکين گهر تباهه ٿيا آهن. هن چيو ته پاڪستان کي تازي ٻوڏ سان 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، سمورن سرندي وارن جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃان ٿو جيڪي انهن متاثرين جي مدد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته صوبائي حڪومتون ڀرپور ڪم ڪري رهيون آهن، سنڌ ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۾ حڪومت متاثرين جي مدد هر ممڪن مدد ڪري رهي آهي، متاثرين جون خيما بستيون ٺهي ويون آهن، کاڌي پيتي جون شيون متاثرين تائين پهچي رهيون آهن، هٿياربند فوج، پي ڊي ايم اي ۽ ٻيا ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو ان ٻوڏ کان متاثر ٿيا آهن، سڄو پاڪستان متاثرين جي مدد لاءِ دل کولي مدد ڪري رهيو آهي، هزارين ڪلوميٽر روڊ، ريلوي جون پليون لُڙهي ويون آهن، سيوهڻ کانپوءِ پوري انڊس هاءِ وي پاڻي ۾ ٻڏي وئي آهي. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، سياست کان پرهيز ڪندي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. هي وقت نمبر گيم جو نه آهي، متاثرين جي مدد جو آهي. هن چيو ته ثمرقند ۾ ايس سي او ملڪن جي اجلاس ۾ پاڪستان جي ٻوڏ جي صورتحال سامهون رکي، جيڪي ملڪ هن مشڪل ۾ اسان جي مدد ڪري رهيا آهن، انهن جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ تقرير دوران پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ ان سبب پيش ايندڙ مشڪلاتون دنيا آڏو رکيون، دنيا هن مشڪل ۾ اسان جي مدد ڪئي، انهن جا ٿورا مڃان ٿو. وڌيڪ مدد جي ضرورت آهي. هن چيو ته گرمي پد وڌڻ سان موسمياتي تبديليون اچي رهيون آهن، گرمي پد وڌڻ ۾ پاڪستان جو هڪ سيڪڙو به حصو نه آهي. هن چيو ته متاثرين ۾ هيستائين 42 ارب رپيا ورهائي چڪا آهيون. متاثرين کي 25 هزار ڏنا پيا وڃن، سنڌ جا جيڪي علائقا رهجي ويا آهن، انهن کي به جلد 25 هزار رپين جي امداد ملي ويندي. هن چيو ته اسان پاڪستان کي عظيم کان عظيم بڻائڻ چاهيون ٿا. سڀني وسيلن ۽ قوتن کي استعمال ۾ آڻينداسين، هي مصيبت جو وقت آهي، ان مان ڪاميابي سان نڪرنداسين.