گڏيل قومون – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ميزباني هيٺ ٿيل تعليمي ڪانفرنس ۾ دُنيا جي 130 مُلڪن فرسوده ۽ تنگ نظريي تي ٻڌل نصاب کي دنيا لاءِ خطرناڪ ۽ موجوده تعليمي نظام کي شاگردن ۽ معاشرن جي ناڪامي جو سبب قرار ڏيندي چيو آهي ته تعليمي نظام کي غيرتربيت يافته ۽ گهٽ پگهار کڻندڙ استادن تي نٿو ڇڏي سگهجي، جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس خبردار ڪيو آهي ته سڄي دنيا ۾ تعليم جو شعبو شديد بحران جو شڪار آهي ۽ ان بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ان شعبي جي لاءِ گهربل فنڊ مخصوص ڪرڻ ۽ ان سيڙپڪاري کي سکڻ جي عمل جو حصو بڻائڻ ضروري آهي. گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ ٽن ڏينهن جي تعليمي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري ويهڪ کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان سڀ اڄ جيڪو ڪجهه به آهيون تعليم جي ڪري آهيون. هن چيو ته زندگيون معيشتون ۽ معاشرن کي بدلائڻ لاءِ اسان کي موجوده تعليمي نظام کي بدلائڻو پوندو. ان موقعي تي پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پنهنجي جي – 77 ۽ چين جي نمائندگي ڪندي ٺوس، معياري ۽ سڀ خاص طور تي ڇوڪرين جي لاءِ برابر تعليم جي حوالي سان نتيجاخيز قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. نوبل انعام يافته پاڪستاني ۽ يو اين ميسينجر فار پيس ملالا يوسفزئي پنهنجي خطاب ۾ سڄي دنيا ۾ اسڪولن کي ڇوڪرين جي لاءِ محفوظ بڻائڻ ۽ هر هڪ ٻار جي لاءِ علم حاصل ڪرڻ جي حق جي تحفظ جو مطالبو ڪيو ته جيئن ٻارن جي لاءِ مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهجي. سربراهه اجلاس جي پڄاڻي تي جاري پڌرنامي ۾ ٻڌايو ويو ته هن اجلاس ۾ شريڪ 130 ملڪن جي اڳواڻن تعليمي نظام جي بنياد ۽ تعليم جي شعبي کي درپيش بحران کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. اهو عزم دنيا جي 115 ملڪن جي اڳواڻن، استادن، شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن جي سفارشن کي نظر ۾ رکند ڪيو ويو آهي. پڌرنامي ۾ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ تعليم جي بنيادي ڪردار کي به اجاگر ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن جي سربراهه ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته بهترين وسيلن ۽ اسڪولن ۽ يونيورسٽين تائين پهچ رکندڙ امير ماڻهو بهترين ملازمتون حاصل ڪري وٺندا آهن جڏهن ته غريب طبقو خاص طور تي ڇوڪريون، بي گهر ماڻهو ۽ معذور شاگردن کي اها تعليمي قابليت حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻيون رڪاوٽون درپيش هونديون آهن جيڪي انهن جي زندگين ۾ تبديلي آڻي سگهنديون آهن. انتونيو گوتريس چيو ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ کي ڌچڪو پهچايو آهي ۽ ان ۾ سڀني جي لاءِ برابر بنيادن تي معياري تعليم جو هدف سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. هن ٻڌايو ته ڪميشن آن دي فيوچر آف ايجوڪيشن رپورٽ ڪارڊ موجب تعليم جي نظام کي فرسوده ۽ تنگ نظريي تي ٻڌل نصاب ۽ غيرتربيت يافته ۽ گهٽ پگهار کڻندڙ استادن تي نه ٿو ڇڏي سگهجي. هن چيو ته موجوده تعليمي نظام شاگردن ۽ معاشرن کي ناڪامي ۾ وجهي رهيو آهي. وڌيڪ اهو ته ڊيجيٽل ذريعن تعليم تائين پهچ ۾ اڻ برابري صورتحال کي وڌيڪ سنگين ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته تعليم کي ماڻهن جي پوري زندگي جي دوران ان جي ترقي ۽ ذهني واڌويجهه ۽ خاص طور تي انهن جي مسئلن جي حل ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن ان موقعي تي افغانستان ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان سڀئي پابنديون ختم ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو. هن ان موقعي تي ماحولياتي تبديلين ۽ انساني حقن جي حوالي سان تعليم جي اهميت کي به اجاگر ڪيو. سربراهي اجلاس کي يونيسيف جي سربراهه ڪيٿرين رسل، يو اين ايڊز جي سربراهه بني بائي ايني ايما، يونيسڪو جي سربراهه آندري ايزولي ۽ ٻين به خطاب ڪيو.