Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif addressing at the council of Heads of States Shanghai Cooperation Organization at Congress Centre in Samarqand, Uzbekistan (16th September, 2022)

ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) تي زور ڏنو آهي ته عالمي گرمي پد جي پاڪستان تي تباهي آڻيندڙ اثرن جي ڏس ۾ ايس سي او جا ميمبر ملڪ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان پاڪستان بابت خصوصي پروگرام جوڙين، ٻوڏ جي تباهي آڻيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايس سي او ۽ عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي، ايس سي او دهشتگردي جي خاتمي، ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ افغانستان ۾ استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، پاڪستان ايس سي او جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. هو شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ان حقيقت جي باوجود ته اسان جو ڪاربان جو اخراج هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پاڪستان کي شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۾ سخت موسمياتي تبديلي درپيش آهي، شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جا ميمبر ملڪ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان پاڪستان بابت خصوصي پروگرام جوڙين، وزيراعظم جي ايس سي او جي ميمبر ملڪن کي اها اپيل پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ ڪئي وئي آهي جنهن سڄي ملڪ ۾ معيشت ۽ انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ٻوڏ جي تباهي جو مقابلو ڪري رهيو آهي، جتي برساتن ۽ ٻوڏ سان 400 ٻارن سميت 1400 ماڻهو فوت جڏهن ته لکين گهرن کي جزوي يا مڪل طور تي نقصان پهتو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي تاريخ ۾ ڪڏهن به اهڙي ماحولياتي تبديلي کي منهن نه ڏيڻو پيو جنهن انساني جانين، انفراسٽرڪچر، چوپائي مال ۽ فصل کي تباهه ڪيو هجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ عالمي برادري جي مدد جي سخت ضرورت آهي ته جيئن متاثر ماڻهن جي امداد ۽ بحالي سان گڏوگڏ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين تي ضابطو آڻي سگهجي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۽ پاڪستان پاڙيسري ملڪ آهن، افغانستان ۾ امن پاڪستان ۾ امن جي ضمانت آهي، هن چيو ته افغانستان کي نظرانداز ڪرڻ وڏي غلطي هوندي، افغانستان ۾ امن جا خطي تي مثبت اثر پوندا، وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم ۽ ع المي برادري تي زور ڏنو ته اهي افغانستان جي مدد ۽ ملڪ ۾ معاشي ۽ سياسي استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن ان موقعي تي اظهار ڪيو ته افغانستان جي حڪومت به خاص طور تي اقليتن ۽ عورتن سميت انساني حقن جو احترام ڪندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان به دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي ۽ اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، ان جنگ ۾ اسان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي پليٽ فارم تان اسان کي گڏجي دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻو پوندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي بابت به شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن کي آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ چار سئو ٻارن سميت 1400 ماڻهو ٻوڏ ۾ لُڙهي ويا، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ايتري وڏي پئماني تي تباهي ڏسڻ ۾ ناهي آئي، لکين جانور ٻوڏ ۾ لُڙهي ويا، بيٺل ٻوڏ جي پاڻي سان هر قسم جون بيماريون پکڙجي رهيون آهن، اربين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، ان مشڪل وقت ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ۽ عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم تي زور ڏنو ته ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪري، پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ موسمياتي تبديلين ۽ ان جي نتيجي ۾ غيرمعمولي برساتن جو نتيجو آهي جنهن سان پورو ملڪ شديد متاثر ٿيو آهي ۽ وڏو حصو پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي، پاڪستان جو گلوبل وارمنگ ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي جڏهن ته ان کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ پاڪستان شامل آهي، عالمي برادري ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ان صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪري، وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي نئين اسٽريٽجڪ پارٽنر بشمول سعودي عرب، ترڪيءَ، بحرين، قطر، ميانمار ۽ ٻين کي شنگهائي تعاون تنظيم ۾ ڀليڪار چيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اها تنظيم وڌيڪ مضبوط ٿيندي. وزيراعظم يقين ڏياريو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي هدفن کي حاصل ڪرڻ کانسواءِ خطي جي استحڪام جي ڏس ۾ افغانستان کي مضبوط بڻائڻ لازمي آهي. هن شنگهائي تعاون تنظيم تي زور ڏنو ته اها افغانستان جي اثاثن کي غيرمنجمند ڪرڻ ۽ انساني حقن خاص طور تي عورتن ۽ اقليتن جي احترام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي پليٽ فارم تي ايران کي مڪمل ميمبرشپ حاصل ڪرڻ تي ايراني صدر کي مبارڪباد ڏني.