اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن اسان اهو فيصلو ڪري وٺون ته پاڪستان کي عظيم تر ملڪ بڻائڻو آهي ته اهو ڪم مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن نه آهي، بار ۽ بئنچ جيڪڏهن گڏ نه ٿيندا ته آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي ڳالهه ڪير ڪندو، ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اسان پنهنجو پاڻ کي نه بدلايو ته تاريخ اسان کي معاف نه ڪندي، گذريل حڪومت آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي جي پاسداري نه ڪئي، 75 سالن کانپوءِ اڄ به ڪستو کڻي ڦري رهيا آهيون ۽ اسان جا پاڙيسري اسان کان معاشي ۽ سماجي لحاظ کان بازي کڻي ويا، وڪيلن کي الاٽمينٽ ليٽرز حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، جيڪڏهن اسان فيصلو ڪري ڇڏيون ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ بڻجي ويندو جڏهن ته اهو تقريرن سان نه عمل ۽ عزم سان ٿيندو، هتي وسيلا، انساني قوت موجود آهي، سردين ۾ گئس جي انتظام ۾ لڳل آهيون، جڏهن گئس سستي ترين هئي اسان پرواهه نه ڪئي، دنيا ڊگهي مدي وارا معاهدا ڪيا، اڄ 40 سينٽ ۾ گئس مهانگي ملي رهي آهي، توهان اهڙي پيشي سان واڳيل آهيو جيڪو باوقار آهي. وڪيلن جي ڪنوينشنک ي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته وڪيلن جو هڪ پراڻو مطالبو پورو ٿي ويو آهي ۽ هڪ مڪمل ضابطي تحت ڪُڻن کانپوءِ الاٽيز ۾ الاٽمينٽ ليٽر ورهايا ويا، ان هائوسنگ ڪالوني ۾ پلاٽ حاصل ڪندڙن کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، قانون واري وزير ۽ هائوسنگ واري وزير ان ڏس ۾ ڀرپور ڪم ڪيو، هاڻي هي پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي، ان هائوسنگ اسڪيم ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته پوري ملڪ ۾ ٻوڏ هڪ تباهي مچائي رکي آهي جنهن جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي، سڄي ملڪ مان آيل وڪيلن پنهنجي علائقن ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ شديد تباهي جو مشاهدو ڪيو هوندو، هي قدرتي آفت هڪ اهڙي وقت ۾ آئي جڏهن اڳ ۾ ئي ملڪ ڪنگال ٿيڻ جي ويجهو هو، حڪومت اتحادين سان گڏجي ملڪ کي ڪنگال ٿيڻ کان بچايو ۽ معاشي عدم استحڪام کي ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ڪيو پر مهانگائي پنهنجي عروج تي آهي، ان ۾ ڪنهن کي ڪو شڪ نه آهي، 11 اپريل تي جڏهن حڪومت تبديل ٿي ته ڏيڍ مهينو اسان کي فيصلا ڪرڻ ۾ ٻڏتر جو شڪار هئاسين. وزيراعظم چيو ته آئون هتي سياست نه قومي معاملن تي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ آيو آهيان، آءِ ايم ايف سان معاهدي جي گذريل حڪومت پاسداري نه ڪئي ۽ بري طرح ان جون ڌڄيون اڏايون جنهن تي آءِ ايم ايف گذريل حڪومت جي طئي ڪيل شرطن تي عملدرآمد سان پروگرام کي مشروط ڪري ڇڏيو. هن چيو ته هو وڪيل برادري جي آڏو اهو سوال رکي ٿو ته ڇا اڄ 75 سالن کانپوءِ پاڪستان جنهن مقام تي بيٺل آهي ڇا پاڪستان ان جي لاءِ وجود ۾ آيو هو ۽ قائداعظم جيڪو قانوني ماهر هو هن جنهن ڏاهپ ۽ ويزن سان علامه اقبال سان گڏجي پاڪستان جو خواب ڏٺو هو ۽ ان جي لاءِ عظيم تحريڪ هلائي هئي ۽ لکين ماڻهن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، لکين ماڻهن هجرت ڪئي انهن قربانين جي طفيل پاڪستان وجود ۾ آيو. هن چيو ته بلوچستان جو دورو ڪيو، هن وقت به ان علائقي ۾ پاڻي بيٺل آهي، پٽ فيڊر ڪينال جي صفائي جي لاءِ قدم جاري آهن، اتي لکين ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي نه ملي رهيو آهي، لکين ماڻهو کليل آسمان هيٺ پنهنجي پيارن کان وڇري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، توهان کي گذارش آهي ته توهان ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ پاسداري چاهيو ٿا هن ملڪ جي بدقسمتي آهي هتي نظريه ضرورت به دريافت ٿيو، پاڪستان ئي نه دنيا جي تاريخ ۾ وڪيلن پنهنجي عظيم تحريڪ سان ججز بحالي جي تحريڪ هلائي، وڪيلن کي اهو مقام جدوجهد سان مليو آهي، انهن ان جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، انهن سمورين ترجيحن ۽ ڪاميابين کانپوءِ اڄ 75 سالن کانپوءِ اسان هڪ دائري ۾ ئي هلي رهيا آهيون. هن چيو ته ائٽمي طاقت هجڻ کانپوءِ پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو ٿي ويو آهي پر معاشي لحاظ کان تمام ننڍا ملڪ اسان کان اڳتي نڪري چڪا آهن، اڄ 75 سالن کانپوءِ به اسان ڪستو کڻي ڦري رهيا آهيون. هن چيو ته گئس سان چولها به ٻرن ٿا، گاڏيون به هلن ٿيون ان جي کوٽ درپيش آهي، قوم اسان کان اهو سوال پڇي ٿي ته قائداعظم جو خواب اڄ به شرمنده تعبير نه ٿي سگهيو ۽ اڄ به اسان هن ملڪ جي اندر غربت جي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون، بيروزگاري جي خلاف وڙهي رهيا آهيون، جن ملڪن سان اسان جو مقابلو هو، ڀارت ۾ رپئي جي قدر اسان کان گهٽ هئي، اڄ اهو اسان کان تمام گهڻو اڳتي آهي، اسان چاهيون ٿا ته سمورا طبقا جيڪي تاريخ جو رخ موڙڻ جي صلاحيت رکندڙ هئا انهن کان قوم اهو سوال پڇي ٿي ته اسان جو مستقبل ڇا آهي، ٻوڏ متاثرين جي زندگي مشڪلات جو شڪار آهي، 6 لک متاثر علائقن جون عورتون حاملا آهن، انهن جي لاءِ ڪيتريون ئي مشڪلاتون آهن، هتي ويهي ان جو اندازو نه ٿو ڪري سگهجي، ٻوڏ سان 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، هن وقت گرمي جي موسم آهي جڏهن ته سرديءَ موسم ۾ انهن کي شديد مشڪلاتون درپيش ٿينديون. وزيراعظم چيو ته هن وقت هينئر نه يا ڪڏهن نه واري صورتحال آهي، جيڪڏهن قوم کي اسان فائدو نه پهچايو ۽ ايثار ۽ قرباني جو مظاهرو نه ڪيو ته قوم اسان کي معاف نه ڪندي. هن چيو ته بار ۽ بئنچ گڏ گنه ٿيندا ته انصاف ۽ قانون ۽ آئين جي حڪمراني جي ڳالهه ڪير ڪندو، آئين تي حملي آور ٿيندڙن جي خلاف ڪير بيٺل هوندو، وڪيلن جي تاريخ ان سان ڀريل آهي، اڄ اهو سوال اٿي رهيو آهي ته اسان کانپوءِ آزاد ٿيندڙ قومون اسان کان اڳتي ڪيئن وڌي ويون بطور وزيراعظم ان جو جواب سڀني کان اڳ مون کي ڏيڻو آهي، وڪيل ٻوڏ ۾ گهيريل انهن لکين ماڻهن بابت به سوچين جن جا گهر تباهه ٿي ويا آهن، جيڪي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا، هن ڏکويل انسانيت بابت به ضرور سوچو، جيڪڏهن اسان فيصلو ڪري ڇڏيون ته اسان کي هن ملڪ جي تقدير بدلائڻي آهي مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن نه آهي. وزيراعظم ان موقعي تي وڪيلن جي لاءِ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪُڻا ڪڍيا. وزيراعظم ان موقعي تي سينيئر وڪيلن ۾ الاٽمينٽ ليٽر به ورهايا.