APP42-270122 ISLAMABAD: January 27 – SAPM for Overseas Pakistan and Human Resource Development Syed Tariq ul Hasan calls on Prime Minister Imran khan. APP

اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته 90 لک پرڏيهي پاڪستانين کي وڌ کان وڌ خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ مهيني ۾ جامع پاليسي جوڙي وڃي، انهن جي سهولت لاءِ 8 اوورسيز مرڪز به قائم ڪيا وڃن. وزيراعظم عمران خان سان پرڏيهي پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي لاءِ وزيراعظم جي خاص مددگار سيد طارق الحسن ملاقات ڪئي. ان دوران پرڏيهي پاڪستانين جي سهولت بابت معاملا بحث هيٺ آندا ويا. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته 90 لک پرڏيهي پاڪستاني جيڪي هن ملڪ جو قابل قدر اثاثو آهن کين وڌ کان وڌ خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ مهيني ۾ جامع پاليسي جوڙي وڃي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي پاڪستانين لاءِ هڪ ڇت هيٺان مختلف خدمتن جي فراهمي لاءِ ون ونڊو سهولت لاءِ 8 اوورسيز مرڪز به قائم ڪيا وڃن.