APP42-250921 SIALKOT: September 25 - Minister of State for Information and Broadcasting, Farrukh Habib is addressing the inauguration ceremony of Gloves Factory launched through joint venture of Pakistan and Germany at Allama Iqbal Industrial Estate Sahianwala. APP photo by Tasawar Abbas

فيصل آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته گذريل سال دوران ڪورونا جي عالمي وبا سڄي دنيا کي بري طرح متاثر ڪيو ڇو ته اڃا تائين ڪورونا جا آفٽر افيڪٽس جاري آهن ۽ پهرين، ٻي، ٽئين کانپوءِ ڇوٿين لهر جو سلسلو به نه رڳو جاري آهي پر انڊين ڊيلٽا وائرس اڳ کان به وڌيڪ مهلڪ ثابت ٿي رهيو آهي جنهن جي ڪري پوري دنيا ۾ ڪورونا لاڪ ڊائون جي ڪري بزنس سڪڙجي ويو جڏهن ته برطانيا، جرمني سميت ترقي يافته ملڪن ۾ ڪاروبار سڪڙجو پر پاڪستان معاشي طور تي گروٿ ڪري رهيو آهي پر قرضن مان نڪرڻ جي لاءِ اسان وٽ پرڏيهي ناڻي جو اچڻ سخت ضروري آهي جنهن جا ٻه ئي طريقا آهن ته يا ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ 90 لک پاڪستاني مٽاسٽا جو ناڻو موڪلين يا پوءِ اسان جي روانگي واپار ۾ اضافو ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيڊمڪ ۾ جرمني ۽ پاڪستان جي حصيداري سان دستانا ٺاهڻ واري گلوز فيڪٽري جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ جرمني جو سفير فيسين ٽٽيل ۽ صوبائي وزير اجمل چيما سميت ٻيا اهم صنعتڪار پڻ موجود هئا. هن چيو ته اسان کي سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ موجود پنهنجي 90 لک اوورسيز پاڪستانين تي فخر آهي جن ڪورونا جي عالمي وبا دوران مشڪل حالتن جي باوجود 30 ارب ڊالر جي رقم پاڪستان موڪلي جنهن سان اسان جي معيشت ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي تمام گهڻو سهارو مليو ۽ اسان امتحاني صورتحال مان نڪري آياسين. هن چيو ته جيستائين اسان جي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ امپورٽ بل ۾ گهٽتائي نه ٿيندي ان وقت تائين اسان پاڻڀرا نه ٿا ٿي سگهون تنهن ڪري حڪومت جي سموري ڪوشش پنهنجي ايڪسپورٽ وڌائڻ طرف آهي ۽ ان ڏس ۾ ٽيڪسٽائيل سيڪٽر کي ڪيتريون مراعتون ۽ سهولتون ڏنيون پيون وڃن جنهن سان گڏوگڏ هاڻي حڪومت زرعي جنسن جي پيداوار سميت کير ۽ گوشت جي پيداوار وڌائڻ طرف پڻ خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن روغني جنسن ۽ ڪوڪنگ آئل ۽ دالين وغيره جي درآمد بدران ملڪ ۾ ئي انهن جي پوکيءَ وڌائي ملڪي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان ۾ هن سال چار سيڪڙو گروٿ ٿي جنهن ۾ ايندڙ سال وڌيڪ بهتري ايندي جڏهن ته ڪپهه جي پوکيءَ لائق زمين ۾ اضافي جا پڻ جلد ڪارائتا نتيجا حاصل ٿيندا ۽ جهڙي طرح گذريل سال دوران اسان ڪڻڪ، چانور، مڪئي، ڀاڻ وغيره جي بمپر ڪراپس حاصل ڪيون اهڙي طرح ڪپهه جي پڻ شاندار فصل حاصل ٿي سگهندي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ فيصل آباد انڊسٽريل اسٽيٽ ڊيولپمينٽ اينڊ مئنيجمينٽ ڪمپني جي اڪنامڪ زونز سميت پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت ٺهندڙ ملڪ جي پهرين ترجيحي اڪنامڪ زون علامه اقبال انڊسٽريل سٽي فيصل آباد کي ٽئين وڏي اسپيشل اڪنامڪ زون جو درجو حاصل آهي جتي سڄي دنيا جي وڏن وڏن سيڙپڪارن سميت اسان جا ملڪي صنعتڪار پڻ پنهنجا انڊسٽريل يونٽ قائم ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڪيترين ئي فيڪٽرين پنهنجي پروڊڪشن جي پڻ شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ ان انڊسٽريل سٽي جي مڪمل ٿيڻ سان روزگار جا لکين نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته هتي حڪومت بجلي جي گرڊ اسٽيشن ۽ گئس پڻ ڏني آهي. ٻئي طرف هڪ اڪنامڪ زون سنڌ ۾ حيدرآباد ويجهو ٺهي رهيو آهي پر اتي اڃا تائين ڪا سهولت نه آهي جڏهن ته وزيراعظم جي ڪري هاڻي تمام گهڻي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي ڇو ته عمران خان وفاق جي سمورين ڌرين جي هڪ جهڙي ترقي چاهي ٿو. هن چيو ته اڄ سموريون پاليسيون صنعتڪارن سان گڏجي انهن جي مشاورت ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي ٺاهيون پيون وڃن اهو ئي سبب آهي جو اسان جي آءِ ٽي ايڪسپورٽ ٻه ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي. هن چيو ته دستانا ٺاهڻ جو پراجيڪٽ پڻ برآمدات ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته اڳ ۾ به هتي اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي جڏهن ته هاڻي حڪومتي قدمن جي ڪري ۽ انويسٽرز پڻ پاڪستان جو رخ ڪري رهيا آهن. فرخ حبيب چيو ته چين 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو ۽ پنهنجو روانگي واپار وڌايو تنهن ڪري اسان به پنهنجي ايڪسپورٽ کي ترقي ڏينداسين ڇو ته ان سان ئي ملڪ ترقي ڪندو ۽ هتي ماڻهن کي روزگار پڻ ملندو.