APP67-27 ISLAMABAD: January 27 - Ambassador of Islamic Republic of Iran to Pakistan H.E. Agha Mehndi Hunar Dost in a call on meeting with Minister of State for IB&NH Ms. Maryam Aurangzeb. APP

اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ايران سان ثقافتي وفدن ۽ ماڻهن سان رابطن کي وڌائڻ سميت مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپن جي فروغ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو، پاڪستان ۾ ايران جي سفير مهدي هنر دوست مملڪتي وزير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته ثقافتي رابطن کي وڌائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ايران جي حڪومت طرفان کنيل ڪنهن به قدم جي آجيان ڪئي ويندي.