گڏيل قومون-21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل قومن جي پروگرام اينڊ ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊجي ويو. ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ گذريل ڏينهن ٿيل چونڊ دوران پاڪستان کي گڏيل قومن جي پروگرام اينڊ ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. گڏيل قومن جي اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل جي سفارش تي ڪيل اها چونڊ عالمي برادريءَ طرفان گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اثرائتي ڪردار جي عڪاسي آهي. پاڪستان 1973ع کان گڏيل قومن جي هن 34 رڪني ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي ۽ ٻيهر چونڊجڻ کان پوءِ پهرين جنوري 2024ع کان 3 سالن جي مُدي لاءِ ڪم ڪندو. ڪميٽي منصوبا بندي، پروگرامنگ ۽ رابطه ڪاري لاءِ ECOSOC ۽ جنرل اسيمبليءَ جي اهم ذيلي اداري طور ڪم ڪري ٿي. جنهن ۾ ترجيحي پروگرامن جي سفارش ڪرڻ، قانونسازي کي پروگرامن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سفارشون ڏيڻ تي سيڪريٽريٽ جي رهنمائي، سڃاڻپ جي طريقيڪار جي ترقي ۽ اي سي او ايس او سي جي ان ڪوآرڊينيشن جي ڪمن ۾ مدد ڪرڻ شامل آهي. ڪميٽي اهم قانونسازيءَ جي فيصلن تي عملدرآمد جو وقت سر جائزو به وٺي سگهي ٿي.