ممبئي- 14 نومبر (اي پي پي) ڀارت ۾ جاري 13هين آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو پهرين سيمي فائنل مرحلو (اڄ) اربع کان شروع ٿيندو. ميزبان ڀارت ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ ميگا ايونٽ جي پهرين سيمي فائنل ميچ اڄ کيڏي ويندي. ميزبان ڀارت، ڏکڻ آفريقا، آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ جون ٽيمون ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ پهچي چڪيون آهن. ميگا ايونٽ جي پهرين سيمي فائنل ميچ 15 نومبر تي ميزبان ٽيم ڀارت ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ وانکيڊي اسٽينڊيم، ممبئي ۾ کيڏي ويندي.