ٿرپارڪر – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿر ۾ وفاقي حڪومت پاران اسپتال ٺاهڻ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٿر جو صحرا اڄ پوري پاڪستان جي لاءِ روشني ڦهلائي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو مرڪز بڻجي رهيو آهي، زراعت، ٽيڪنالاجي، واپار، سيڙپڪاري ۽ اڪنامڪ زونز جو قيام سي پيڪ جو ايندڙ مرحلو آهي جنهن کي هاڻي اڳتي وڌائڻ جو وقت اچي ويو آهي، اتحادي حڪومت گڏجي پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍندي، پاڪستان جي ترقي جي دشمنن ۽ بدخواهن کي شڪست ڏسڻي پوندي، پاڪستان جو آئين اسان سڀني جي لاءِ مقدم آهي، پاڪستان جي وسيع تر مفاد جي لاءِ اسان کي پنهنجي ذات کي قربان ڪرڻو پوي ته اها ڪا قرباني نه آهي، ڪير قانون ۽ آئين کان مٿانهون نه آهي، ڪير هن ملڪ جي اندر دهشتگردن کي پناهه نه ٿو ڏئي سگهي، دهشتگردن کي ڍال بڻائڻ ناقابل برداشت آهي، ان جي اجازت نه ڏني ويندي. هو ٿر ۾ مقامي ڪوئلي سان هلندڙ توانائي جي 2 منصوبن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير احسن اقبال، چوڌري سالڪ حسين، انجنيئر خرم دستگير، مريم اورنگزيب، چيني نائب ناظم الامور پانگ چن شوئي، سنڌ جو توانائي وارو وزير امتياز شيخ ۽ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جا عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اڄ پوري پاڪستان جي لاءِ هي خوشي جو ڏينهن آهي ته اڄ ٿر جي صحرا ۾ وڌيڪ محنت ۽ ڏينهن رات ڪوششن سان 330 ميگاواٽ جو هڪ منصوبو ٿر نووا ٿر ۽ 1320 ميگاواٽ جو هڪ ۽ ٻيو منصوبو شنگهائي اليڪٽرڪ جيڪو ٿرڪول بلاڪ سان واڳيل آهي، جو اڄ افتتاح ٿيو آهي، ان کانسواءِ ڪوئلو ڪڍڻ جي هڪ ٻئي منصوبي جو پڻ افتتاح ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته ٿر هڪ صحرا هو ۽ هتي واري جُون ڀٽُون هُيُون ۽ ان کانسواءِ ڪجهه نه هو، ڏهاڪن جي ٺوس منصوبابندي ۽ حڪمت عملي جي ڪري اڄ هي صحرا صنعت ۽ هُنر ۾ بدلجي چڪو آهي، واريءَ وارا ميدان هتي اڄ هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن جنهن جي روشني پوري پاڪستان ۾ ڦهلجي رهي آهي ۽ اهي صحرا پوري پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو ڳڙهه بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته جيڪي ماڻهو اڄ اهو چئي رهيا آهن ته ڪوئلي جي بنياد تي بجلي نه ٺهڻ گهرجي اهي ماڻهو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جا مخالف آهن، ٿر ڪوئلي جا ذخيرا الله تعاليٰ اسان کي تحفي طور عنايت ڪيا آهن ۽ 100 سالن تائين گهربل ذخيرو هتي موجود آهي جيڪو هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته 2200 ميگاواٽ بجلي هتي ٺاهي پئي وڃي، جيڪڏهن اها ئي بجلي درآمد ٿيل ڪوئلي جي بنياد تي ٺاهي وڃي ته اربين ڊالر ڪوئلي جي درآمد تي خرچ ٿيندا ان جي مقابلي ۾ الله تعاليٰ اسان کي مقامي ڪوئلي جي صورت ۾ جيڪو تحفو ڏنو آهي جيڪڏهن ان کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي ۽ وڌيڪ آندو ويندو ته اربين ڊالر جو ڪوئلو درآمد نه ڪرڻو پوندو ۽ هتي هر طرف خوشحالي نظر ايندي ۽ هي صحرا ترقي، ڪارخانن ۽ صنعت جو مرڪز بڻجي ويندو ۽ عوام کي روزگار ملندو. وزيراعظم چيو ته ڪراچي هڪ ڪمائو شهر آهي ۽ اڳ ۾ ئي سنڌ ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ٿر ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي جنهن عظيم منصوبي جي شروعات ٿي آهي اهو پاڪستان جي ترقي، معيشت ۽ خوشحالي ۾ ايندڙ سالن ۾ تمام گهڻي سگهه ڏيندو. هن چيو ته اسان کي ان بابت ڪنهن ڪنفيوزم جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي ۽ وفاق ۽ سنڌ کي گڏجي سيڙپڪاري ۽ منصوبابندي ڪرڻ گهرجي، اهڙي طرح ايندڙ سالن ۾ پاڪستان ترقي جي ڊوڙ ۾ تمام گهڻو اڳتي نڪري سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته ٽرانسميشن لائينز تي تيزي سان ڪم ڪيو پيو وڃي، بدقسمتي سان گذريل چئن سالن دوران ان حوالي سان ذري برابر جو ڪم به نه ڪيو ويو، 30 اپريل تائين ٽرانسميشن لائينز جو ڪم ڪيو ويندو جنهن سان هتي پيدا ٿيندڙ بجلي پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پهچي ويندي. وزيراعظم چيو ته ان حوالي سان فارن ايڪسچينج جو مسئلو هو جيڪو هاڻي حل ٿي چڪو آهي ۽ ٻاهران مشينري اچڻي هئي اها اچي وئي آهي. وزيراعظم توانائي واري وزير کي هدايت ڪئي ته ان ڪم کي تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ائين نه ٿئي جو بجلي موجود هجي پر ان جي پهچ ۾ مسئلو هجي، 30 اپريل تائين ان ڪم کي هر صورت ۾ مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، توانائي واري وزير ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ عملدارن کي ان منصوبي تي شاباس ڏيندي چيو ته ٿر جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي. هن چين ۽ پاڪستان جي سيڙپڪارن کي پڻ مبارڪباد ڏني جن ان منصوبي تي ڪم ڪيو. وزيراعظم چيني صدر ۽ چين جي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن جا پڻ ٿورا مڃيا جيڪي سمورين مشڪلاتن جي باوجود سي پيڪ جي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪوششون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته زراعت، ٽيڪنالاجي، ٽريڊ، سيڙپڪاري ۽ اڪنامڪ زونز جو قيام سي پيڪ جو اڳيون مرحلو آهي. ان سلسلي ۾ اسان چيني قيادت سان ڳالهه ڪئي آهي، پرڏيهي وزير به ان سلسلي ۾ پوري طرح متحرڪ آهي، چيني عملدارن کي درخواست ڪندس ته هاڻي موقعو اچي ويو آهي ته سي پيڪ جي اڳئين مرحلي کي به اڳتي وڌايو وڃي. وزيراعظم چيو ته اتحادي حڪومت سي پيڪ کي ترقي جو ذريعو سمجهي ٿي، انشاءَ الله اسان گڏجي پاڪستان کي موجوده مشڪلاتن مان ڪڍنداسين ۽ پاڪستان جا بدخواهه پاڪستان جي ترقي جا دشمن آهن انهن کي شڪست ڏسڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته آئون هتي اڄ سياسي حوالي سان ڪا ڳالهه نه ٿو ڪرڻ چاهيان پر اهو چوڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان جو آئين اسان سڀني جي لاءِ مقدم آهي، پاڪستان جي وسيع تر مفاد لاءِ اسان کي پنهنجي ذات کي قربان ڪرڻو پوي ته اها ڪا قرباني نه آهي ۽ ڪير قانون ۽ آئين کان مٿانهون نه آهي، ڪير هن ملڪ جي اندردهشتگردن کي پناهه نه ٿو ڏئي سگهي، گذريل ڏينهن پاڪستان جي فوج جا آفيسر شهيد ٿيا آهن ۽ اهو شهادت جو داستان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي ۽ جيڪڏهن اسان انهن دهشتگردن کي پناهه ڏيون ۽ انهن کي شيلڊ بڻايون ته ناقابل برداشت آهي، اهو ممڪن نه آهي ۽ ان جي اجازت نه ڏني ويندي. وزيراعظم منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني ۽ پاڪستاني ڪارڪنن کي شاباس ڏني ۽ سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي ته اها اڳتي وڌندي ٿر جي صحرا کي هڪ اهڙو شاندار علائقو بڻائي جو نه رڳو پاڪستاني پر دنيا جا ماڻهو ان تي رشڪ ڪري سگهن. وزيراعظم وفاقي حڪومت پاران ٿر واسين لاءِ اسپتال جي تعمير جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته اسان گڏجي اها اسپتال ٺاهينداسين. وزيراعظم تقريب جي پڄاڻي تي پاڪ چين دوستي زندهه آباد ۽ پاڪستان زندهه آباد ۽ قائداعظم زندهه آباد جا نعرا هڻايا. ان کان اڳ وزيراعظم مٺي ۾ 330 ميگاواٽ ٿر نووا ٿر پاور پلانٽ جو افتتاح ڪيو ۽ منصوبي تي ڪم ڪندڙ انجنيئرز سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٿر ۾ 1320 ميگاواٽ جي شنگهائي اليڪٽرڪ پاور پلانٽ جو پڻ افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هن پلانٽ جي مختلف حصن جو معائنو پڻ ڪيو. وزيراعظم کي ٿر بلاڪ ون مائن مان ڪوئلي جي فراهمي، بوائلرز، ڪولنگ ٽاورز بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.