راولپنڊي_ 02 مارچ(اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ ۾ واحد ميچ اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ڪراچي ڪنگز وچ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ (اڄ) جمعي تي کيڏي ويندي، ميچ شام جو 7 وڳي شروع ٿيندي ، پي سي بي جي انتظام هيٺ پي ايس ايل جي اٺين ايڊيشن جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي، راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ اڄ جمعي تي ليگ جي 19هين ميچ اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ڪراچي ڪنگز جي ٽيمن وچ۾ مقابلو ٿيندو، واضع رهي ته اسلام آباد يونائيٽڊ پوائنٽس ٽيبل تي 6 پوائنٽس سان ٽئين ۽ ڪراچي ڪنگز 4 پوائنٽس سان پنجين نمبر تي آهي.