اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ٻن صوبن ۾ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ واري صدر جي قدم کي غير آئيني قرار ڏيندي کيس خط لکڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته صدر صوبن ۾ چونڊن جي تاريخ ڏئي غيرآئيني قدم کنيو آهي، هُو 9 مهينا اڳ به قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر آمريڪي سازش جو الزام هڻي اسيمبلي ٽوڙڻ جو غيرقانوني قدم کنيو هو جهڙي غير آئيني قدم جو حصو بڻيو، اسان ان جو جواب چاهيون ٿا ۽ آئين ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪنداسين. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي وزيرن سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته وفاقي ڪابينا صدر کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته هن صوبن ۾ چونڊن جي تاريخ ڏئي غيرآئيني قدم کنيو آهي، هو 9 مهينا اڳ به هڪ غيرآئيني قدم جو حصو بڻيو هو، جڏهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر آمريڪي سازش جو الزام هڻي اسيمبلي ٽوڙڻ جو غيرقانوني قدم کنيو هو، هاڻي عمران خان هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته ان قدم جو ذميوار آمريڪا نه آهي، ان جي آمريڪا بابت بيانيي سان ملڪ کي نقصان ٿيو، اسان ان جو جواب چاهيون ٿا ۽ آئين ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته گوادر ۾ وڏن جهازن جي قيام لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ڪابينا اجلاس ۾ هڪ وفاقي وزير ٻڌايو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجا خرچ پاڻ برداشت ڪري ٿو، وقت سر چونڊون آئيني ضرورت آهن، وفاق، پنجاب صوبي ۽ خيبرپختونخواهه صوبي اليڪشن ڪميشن وٽ پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي، ان بابت فيصلو ڪرڻ اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ادارن جي ذميواري آهي، اسان ان فيصلي تي عمل ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان سمورين عدالتن جو احترام ڪريون ٿا، اها اسان سڀني جي آئيني ذميواري آهي ۽ غيرجانبداري جي اميد رکون ٿا. هن چيو ته نواز شريف کي اقامي ۽ پاناما تي سزا ڏياري وئي، اها لڪل ڳالهه نه آهي، عمران خان جي گهر کي ريگيولرائز ڪيو ويو، غريبن جا گهر ڊاهيا ويا، اهو ناانصافي جو وڏو مثال آهي. هن چيو ته هي ملڪ بحرانن مان نڪري عظيم ملڪ بڻجندو. ڪابينا جي انگ ۾ گهٽتائي جي حوالي سان هن چيو ته ان معاملي تي تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي، هاڻي وفاقي ڪابينا جا ميمبر هڪ رپئي کانسواءِ خدمت ڪندا. هن چيو ته اتحادي حڪومت جي سمورن ڏاهن، وزيرن ۽ صلاحڪارن جو ٿورائتو آهيان جو انهن رضاڪاراڻي طور تي ڪفايت شعاري قدمن تي عملدرآمد جو فيصلو ڪيو آهي.