APP46-080223 LAHORE: February 08 – Former Member Punjab Assembly, Rana Mashhood calls on Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif. APP/MAF/TZD/ABB

اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر راڻا مشهود، عنيزه فاطمه، راحيلا خادم ۽ رميش سنگهه اروڙه جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن سان ڳالهائيندي چيو ته عوامي ڀلائي ۽ ملڪي ترقي وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجيحن ۾ شامل آهن. ملاقات ۾ ملڪ ۽ پنجاب جي مجموعي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.