برسبين – 16 – جنوري (اي پي پي) آسٽريليا وومين ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان کي پهرين ون ڊي مئچ ۾ 8 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو، فوبي ليچ فيلڊ ۽ ڪپتان ميگ ليننگ جي شاندار هاف سينچريون ٺـاهيون، آسٽريليا جي ٽيم ٽن مئچن جي سيريز ۾ برتري حاصل ڪري ورتي آهي. مئچ جو فيصلو ڊڪ ورٿ لوئيس سسٽم تحت ٿيو. ميزبان ٽيم گهربل هدف 28.5 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. فوبي ليچ فيلڊ 78 جڏهن ته ڪپتان ميگ ليننگ 67 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردا ادا ڪيو. فوبي ليچ فيلڊ کي مئچ جي بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ان کان اڳ آسٽريليا جي ٽيم پهرين ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان وومين ٽيم مقرر 40 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 160 رنسون ٺاهيون. ندا ڊار 59 ۽ ڪپتان بسمه معروف 28 رنسون ٺاهيون. آسٽريليا جي ڊارسي برائون ۽ جيس جانسن 2، 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. آسٽريلين وومين ٽيم 40 اوورن ۾ گهربل اسڪور پورو ڪري پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان طرفان ڊيانا بيگ ۽ عمائمه سهيل 1، 1 رانديگر کي آئوٽ ڪيو.