پوچيفسٽروم -16 جنوري (اي پي پي) آءِ سي سي ويمنز انڊر 19 ورلڊڪپ ۾ اڱاري ڏينهن وڌيڪ چئن ميچن جو فيصلو ٿيندو. پهرين ميچ نيوزيلينڊ ۽ آئرلينڊ، ٻي ميچ زمبابوي ۽ روانڊا، ٽين ميچ انگلينڊ ۽ پاڪستان، جڏهن ته چوٿين ويسٽ انڊيز ۽ انڊونيشيا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. پهرين عورتاڻي انڊر 19 ورلڊڪپ جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو ڏکڻ آفريقا م جاري آهي جنهن ۾ 16 ٽيمن شرڪت ڪئي آهي. ٽورنامينٽ جون پلي آف ميچز 20 جنوري جڏهن ته سپر سڪس مرحلي جي شروعات 21 جنوري کان ٿيندي. ٽورنامينٽ جا ٻئي سيمي فائينل مقابلا 27 جنوري ۽ فائينل 29 جنوري تي کيڏيو ويندو.