لاهور – 04 اپريل (اي پي پي) عيسائي مذهب ۾ اڄ 4 اپريل تي ملهائجندڙ ايسٽر جي تهوار کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي، مسيحي برادري جي عقيدي موجب حضرت عيسيٰ عليه السلام کي دفنائڻ کانپوءِ ٻيهر زندهه ٿيڻ جي واقعي جي ياد ۾ اهو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو ۽ عيسائين جو سڀ کان وڏو تهوار سمجهيو وڃي ٿو. هر سال ايسٽر جي تاريخ جو تعين شمسي ۽ قمري ٻنهي ڪئلينڊرن جي مدد سان ڪيو وڃي ٿو. 21 مارچ کانپوءِ جنهن تاريخ تي پورو چنڊ هوندو آهي ان کانپوءِ جي پهرين آچر ايسٽر سنڊي هوندو آهي. اهڙي طرح ايسٽر سنڊي 22 مارچ کان وٺي 25 اپريل دوران ڪنهن به ڏينهن ٿي سگهي ٿو. روايتن موجب هزارين سال اڳ عيسيٰ مسيحي کي جڏهن سوليءَ تي لٽڪايو ويو هو ان کانپوءِ گڊ فرائيڊي جي ٽئين ڏينهن يعني پهرين سنڊي تي عيسيٰ مسيحي ٻيهر زندهه ٿي ويو. عيسائين جو عقيدو آهي ته ٻيهر زندهه ٿيڻ کانپوءِ حضرت عيسيٰ 40 ڏينهن تائين پنهنجي پوئلڳن جي وچ ۾ رهيو ۽ بعد ۾ جنت ۾ هليو ويو. اهو جشن 40 ڏينهن تائين جاري رهي ٿو ۽ آخري سنڊي تي ختم ٿئي ٿو. عيسائي مذهب جا پوئلڳ ان کي برائي تي سٺائي جي فتح ۽ موت کي شڪست ڏئي ٻيهر اٿڻ جي جشن طور پڻ ملهائين ٿا. ايسٽر ڊي جي شروعات گرجا گهرن ۾ دعائيه تقريبن سان ٿئي ٿي، ڪيڪ ڪاٽيا وڃن ٿا ۽ مختلف مذهبي پروگرام منعقد ٿين ٿا.
مريم هولي چرچ، نيو انارڪلي، لاهور جي مسيحي مذهبي پيشيوا فادر سيمسن دلاور ان موقعي تي چيو ته ايسٽر تهوار عيسائي عقيدي جو هڪ بنيادي جز آهي جيڪو مسيح کي سوليءَ، موت ۽ بيهر زندهه ٿي وڃڻ جي بنيادي عقيدي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته ايسٽر صدين کان ملهايو ويندڙ مذهبي تهوار آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ اڄ ڪرسمس وڌيڪ ڌام ڌوم ۽ شوق سان ملهايو وڃي ٿو پر ايسٽر ڊي به عيسائي عقيدي جو بنيادي ٿنڀ آهي، يسوع مسيح جي ٻيهر زندهه ٿيڻ جي ان عقيدي کانسواءِ اسان جو ايمان مڪمل نه ٿو ٿئي. هن چيو ته 40 ڏينهن جا روزا رکڻ کانپوءِ هفتي جي شروعات پام آچر کان ٿئي ٿي ۽ ان کانپوءِ گڊ فرائيڊي کان ٽي ڏينهن عبادت ٿئي ٿي ۽ اها يسوع مسيح جي زندهه ٿيڻ جي موقعي تي ايسٽر آچر تائين جاري رهي ٿي. ايسٽر ڊي تي عبادت جو مقصد عيسيٰ مسيح جي سوليءَ تي چڙهڻ ۽ ان جي ٻيهر زندهه ٿيڻ تي شڪرگذاري ڪرڻ آهي. فادر سيمسن دلاور وڌيڪ چيو ته حضرت عيسيٰ مسيح پنهنجي زماني ۾ معاشري ۾ ٿيندڙ ناانصافين ۽ براين جي خلاف آواز اٿاريو جنهن جي لاءِ کيس تڪليفن کي منهن به ڏيڻو پيو. هن چيو ته ايسٽر جو ڏينهن اسان کان ان ڳالهه جي گهرج ڪري ٿو ته اسان اڄ دنيا ۾ ٿيندڙ ناانصافين ۽ براين جي خلاف آواز اٿاريون، جهڙوڪ يسوع مسيح رومين جي خلاف آواز اٿاريو جيڪي اهو سمجهندا هئا ته انهن حق، امن ۽ محبت جي آواز کي سدائين جي لاءِ ختم ڪري ڇڏيو آهي پر حضرت مسيح جي ٻيهر زندهه ٿيڻ انهن کي غلط ثابت ڪيو.
لاهور ڪيٿڊرل چرچ جي ڊين، قادر شاهد معراج چيو ته ايسٽر ڊي مذهبي رسمن ۽ عبادت جي روح بابت رڳو خوشي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، هن چيو ته ايسٽر ڊي تقويٰ، توبهه، طهارت، پاڪيزگي، امن، محبت، صلح ۽ ڇوٽڪاري جو درس ڏي ٿو. قادر شاهد معراج چيو ته هي ڏينهن انهن سمورن ماڻهن جي لاءِ هڪ آفاقي پيغام آهي جيڪي سچائي ۽ انصاف جي فتح لاءِ ڪوشش ڪن ٿا، سچائي تي ڪوڙ کي ڪڏهن به فتح نه ٿي ٿي سگهي ۽ اونداهي ڪڏهن به روشني تي قابو نه ٿي آڻي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته حضرت مسيح پنهنجي رت سان دنيا جي گناهن کي ڌوئي ڇڏيو ۽ برائي ۽ ناانصافي جي طاقتن جي خلاف ان جي مزاحمت ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ روشني ۽ مشعل راهه آهي. هن چيو ته ايسٽر زندگي ۽ اميد جو تهوار آهي ۽ ڪورونا وبا جي موجوده صورتحال ان ڳالهه جي گهرج ڪري ٿي ته اسان قوم جي حيثيت سان مستحڪم ڪوششن ذريعي ان وبا کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪريون. ان موقعي تي ٻنهي عيسائي مذهبي پيشوائن ٿورا مڃيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جنهن ايس او پيز موجب عيسائي برادري کي ايسٽر جو تهوار ملهائڻ جي اجازت ڏني.
انساني حقن ۽ اقليتي معاملن واري صوبائي وزير اعجاز عالم آگيسٽن ايسٽر جي موقعي تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته ايسٽر جو اصل پيغام محبت، مسرت ۽ خوشيون ورهائڻ آهي، عيسائي مذهب ۾ ان جي تمام گهڻي اهميت آهي. هن چيو ته سمورن اقليتن کي رياست ۾ برابر حق حاصل آهن ۽ پاڪستان جو آئين انهن کي مذهبي آزادي جي حقن جو مڪمل تحفظ ڏي ٿو. صوبائي وزير چيو ته محبت، امن ۽ قرباني کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ يسوع مسيح جي تعليم تي عمل ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. هن موجوده ڪورونا حالتن جي ڪري عيسائي برادري کي اپيل ڪئي ته اها حفاظتي قدمن تحت ايسٽر جو تهوار پنهنجي گهرن ۾ ملهائي، سماجي فاصلي کي برقرار رکڻ کانسواءِ تقريبن ۾ فيس ماسڪ جي استعمال کي پڻ يقيني بڻائين ته جيئن اهي ان موذي وبا کان پاڻ به پنهنجي خاندان کي به محفوظ رکي سگهن.