اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جون ماحولياتي پاليسيون موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ايندڙ نسل جي لاءِ هڪ سرسبز ۽ صاف پاڪستان جي عزم جي عڪاس آهن، ڪو ملڪ اسان جي تجربن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو ته تعاون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ڪانفرنس ۾ پاڪستان کي نه گهرائڻ تي اٿندڙ آوازن تي حيرانگي ٿي آهي.