اسلام آباد-02 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان جي معاشي سڌارن ۽ ترقيءَ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان جي مالياتي نظم و ضبط ۽ سڌارن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ عالمي حصيدارن جي حمايت حاصل آهي. حڪومت جي ڪوششن سان ناڻي واڌ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آندو ويو آهي. هن چيو ته جون تائين پاڪستان جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 14 ارب ڊالر، جڏهن ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح به جون تائين 10.6 سيڪڙو تائين پهچي ويندي. وفاقي وزير ڪالهه اسٽينڊرڊ اينڊ پور (ايس اينڊ پي) گلوبل ريٽنگز جي نمائندن سان زوم ميٽنگ ڪئي. اها ميٽنگ پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ جي جائزي جي سلسلي جو حصو هئي. ناڻي واري وزير ميٽنگ دوران حڪومتي معاشي سڌارن جو خاڪو پيش ڪيو ۽ پائيدار ۽ جامع ترقيءَ لاءِ روانگي واپار وڌائڻ ۽ پيداواري صلاحيت ۾ واڌ تي زور ڀريو. هن ٽيڪس، توانائي، سرڪاري ادارن جي نجڪاري، مالي نظم و نسق ۽ قرضن جي انتظام جي شعبن ۾ سڌارا جاري رکڻ جي خاطري به ڪرائي. هن ٻُڌايو ته مهانگائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ان سال ضابطي ۾ رهيو آهي، جنهن سان معيشت ۾ استحڪام آيو آهي. ناڻي واري وزير پرائمري بيلنس ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ سرپلس کي اهم ڪاميابي قرار ڏنو. هن چيو ته ملڪ جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا جون جي آخر تائين 14 ارب ڊالرن تائين پهچي ويندا ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اداره جاتي ۽ واپاري سيڙپڪاريءَ جي آمد ۽ پرڏيهه مان موڪليل ناڻي ۽ تيل جي گهٽ ٿيندڙ قيمتن جو نمايان ڪردار آهي. هن مالياتي نظم و ضبط ۽ وفاقي صوبائي حڪومت وچ ۾ مضبوط هم آهنگي کي پرائمري سرپلس حاصل ڪرڻ جو سبب قرار ڏنو. ناڻي واري وزير نيشنل فسڪل پيڪيت، نيشنل ٽيڪس ڪائونسل ۽ زرعي آمدنيءَ تي ٽيڪس جهڙن قدمن کي مرڪز ۽ صوبن ۾ مضبوط هم آهنگي جي عڪاسي قرار ڏنو ۽ چيو ته جون جي آخر تائين ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 10.6 سيڪڙو تائين پهچڻ جي توقع آهي جيڪو 13 سيڪڙو جي هدف طرف اڳڀرائي آهي. هن ٻُڌايو ته ٽيڪس پاليسي آفيس کي ايف بي آر کان ڌار ڪيو ويو آهي ته جيئن ٽيڪس پاليسيون، معاشي سوچ ۽ـ فڪر جي تابع ٿي سگهن. ناڻي واري وزير پنهنجي هاڻوڪي آمريڪا جي دؤري ۾ ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار جي موسم جي اجلاسن جي موقعن تي اهم عالمي حصيدارن سان 70 کان وڌيڪ ملاقاتن جو ذڪر ڪندي چيو ته ان ملاقاتن ۾ عالمي حصيدارن پاڪستان جي معاشي سڌارن کي ساراهيو آهي ۽ ان تي عمل جاري رکڻ جي مڪمل تائيد ۽ حمايت به ڪئي آهي.