اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي معاشي ترقي جي لاءِ روانگي واپار ۾ اضافو ضروري آهي، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان صنعتن جي پيداواري لاڳت گهٽ ٿيندي، پيداواري لاڳت گهٽ ٿيڻ سان پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو، آمريڪا سان واپاري لاڳاپن جي فروغ ۽ ٽيرف تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پاڪستان جو اعليٰ سطحي وفد موڪليو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جي ميمبرن سميت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، علي پرويز ملڪ، سردار اويس خان لغاري، صلاحڪارن محمد علي، سيد توقير شاهه، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي معاشي ترقي خاص طور تي روانگي واپار ۾ اضافي جي حوالي سان مستقبل جي حڪمت عملي تي تجويزون پيش ڪيون. شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي حڪومت پاران صنعتن کي فراهم ڪئي ويندڙ بجلي جي قيمتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي تي خراج تحسين پيش ڪيو. شرڪت ڪندڙن منرلز انويسٽمينٽ فورم کي خاص طور تي ساراهيو ۽ ان کي پاڪستان جي معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي جي ترقي جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. شرڪت ڪندڙن حڪومتي پاليسي سازي کي خام مال بدران ويليو ايڊيشن ۽ تيار مصنوعات جي برآمد تي ڌيان ڏيڻ جي تجويز ڏني. شرڪت ڪندڙن سامان جي صنعتن کان بندرگاهن تائين پهچ لاءِ مواصلاتي ڍانچي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، ملڪي افرادي قوت کي فراهم ڪيل هنر کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن جي ذريعي پاڪستاني شين جي تشهير ۾ بهتري، ايڪسپورٽ پروموشنل ڪائونسلز جي قيام، خصوصي اقتصادي زونز ۽ صنعتي علائقن ۾ سهولتن جي وڌيڪ بهتري جون تجويزون پيش ڪيون. شرڪت ڪندڙن قابل برآمد مصنوعات ۽ انهن جي خام مال جي حاصل ٿيڻ سان تياري جي مرحلن جي حوالي سان جامع تحقيق جي تجويز پيش ڪئي جنهن سان پاڪستاني صنعتڪارن کي عالمي منڊي ۾ چٽاڀٽي ۽ روانگي واپار ۾ اضافي ۾ مدد ملندي. وڌيڪ اهو ته شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي بئنڪنگ شعبي جي برآمدات ۾ سهولت لاءِ سڌارن جون تجويزون پڻ پيش ڪيون. شرڪت ڪندڙن آمريڪا پاران تازي ٽيرف جي لاڳو جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پاڪستان جي اعليٰ سطحي وفد موڪلڻ جي فيصلي کي ساراهيو. شرڪت ڪندڙن ڪائونسل ۾ هر شعبي مان نمائندگي کي ساراهيو. وزيراعظم حڪومتي معاشي ٽيم کي ڪائونسل ميمبرن جي تجويزن جي حوالي سان هڪ قابل عمل ايڪشن پلان جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اقتصادي مشاورتي ڪائونسل تحت مختلف شعبن جون جدا جدا ذيلي ڪميٽيون ٺاهڻ جي هدايت ڪئي جيڪي انهن شعبن جي حوالي سان قابل عمل تجويزون جوڙي پيش ڪنديون. وزيراعطم چيو ته پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ روانگي واپار ۾ اضافو ضروري آهي. آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ۽ ان کي قائل ڪرڻ کانپوءِ بجلي جي قيمتن جي گهٽتائي جو ڪريڊٽ معاشي ٽيم ڏانهن وڃي ٿو. مقامي صنعتن جي پيداواري لاڳت گهٽ ڪرڻ سان پاڪستاني مصنوعات جي عالمي سطح تي چٽاڀيٽي ممڪن ٿي سگهندي، صنعتي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، صنعتي ترقي سان ملڪ ۾ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ماهرن جي تجويزن سان معيشت ۾ وڌيڪ بهتري آڻي رهيا آهيون، جامع مشاورتي عمل سان پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ انشاءَالله جلد ممڪن ٿيندو، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيڪس نظام جي ڊيجيٽائيزيشن سان سڌارن جي ذريعي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته معيشت جو استحڪام، مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي، وياج جي شرح ۾ خاطرخواهه گهٽتائي، عالمي ادارن جي اعتماد ۾ اضافي ۽ دوست ملڪن مان سيڙپڪاري حڪومتي معاشي ٽيم جي محنت جو ثمر آهي. وزيراعظم چيو ته فيصلو ڪيو آهي ته آمريڪا سان واپاري لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ ۽ ٽيرف تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پاڪستان جو اعليٰ سطح جو وفد موڪليو ويندو، وفد ۾ پاڪستان جون ناليواريون ڪاروباري شخصيتون ۽ برآمد ڪندڙ شامل هوندا، اقتصادي مشاورتي ڪائونسل ۾ شامل شعبي جا ماهر پنهنجي ڪارائتين تجويزن سان ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن.