اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۾ معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي جي ترقي ۽ معدني وسيلن جي فروغ جي لاءِ مختلف حڪومتي ۽ غيرملڪي ڪمپنين جي وچ ۾ مفاهمت جون يادداشتون ۽ معاهدا طئي ٿي ويا آهن. پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم 2025ع جي موقعي تي مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ۽ وڏا وزير معدنيات جي شعبي ۾ مختلف مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن واري تقريب ۾ موجود هئا. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيندڙ ان تقريب ۾ سڄي دنيا مان 300 کان وڌيڪ نمائندا شريڪ آهن. ان موقعي تي جيالوجيڪل سروي آف پاڪستان ۽ چائنا جيالوجيڪل سروي جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت جي مٽاسٽا ڪئي وئي جنهن تحت جيالوجيڪل سروي آف پاڪستان ۽ چائنا جيالوجيڪل ملڪ ۾ معدني وسيلن جي ڳولا جا قدم کڻندا. اهڙي طرح جيالوجيڪل سروي آف پاڪستان ۽ برطانيا جي جيو سائنس سروسز پڻ ايم او يو جي مٽاسٽا ڪئي جنهن تحت معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ معيار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. فورم جي موقعي تي جيالوجيڪل سروي آف پاڪستان ۽ روس جي جي ايس سي ڪمپني جي وچ ۾ جيو سائنٽيفڪ ريسرچ جي حوالي سان پڻ ايم او يو جي مٽاسٽا ڪئي وئي. وڌيڪ اهو ته جيالوجيڪل سروي آف پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪمپني معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ ڊيجيٽائيزيشن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي فروغ جي لاءِ ايم او يو جي مٽاسٽا ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي بلوچستان جي کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي اداري ۽ چيني ڪمپني اي سي سي جي وچ ۾ پڻ ايم او يو جي مٽاسٽا ڪئي وئي. ماڙي منرلز ۽ ليبيا مائننگ جڏهن ته پي پي ايل ۽ ميٽسو کانسواءِ پي پي ايل ۽ بارٽي لميٽيڊ جي وچ ۾ پڻ ايم او يوز جي مٽاسٽا ڪئي وئي. پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم 2025ع جي موقعي تي بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ ايف ڊبليو او، نارن مائننگ، بي ايم آر ايل ۽ مقامي نمائندن جي وچ ۾ پڻ ايم او يو جي مٽاسٽا ڪئي وئي. فورم جي موقعي تي ڪيل گڏيل تعاون جي معاهدن ۾ ايف ڊبليو او ۽ آذربائيجان جي ڪمپني آذر گولڊ، معدني ذخيرن جي ڳولا لاءِ او جي ڊي سي ايل ۽ اين آر ايل جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشڊت پڻ شامل آهي. وڌيڪ اهو ته ايم ايس پي ۽ بيرڪ گولڊ جي وچ ۾ پاڪستان منرلز سيڪيورٽي حصيداري جي لاءِ پڻ ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون. فورم منعقد ڪرڻ سان پاڪستان ۾ معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن جي ترقي جڏهن ته روانگي واپار جي فروغ سان قومي معيشت جي استحڪام ۾ پڻ مدد ملندي.