اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان پئڪيج 2025ع جي مانيٽرنگ جي نظام کي ساراهيندي چيو آهي ته ان پروگرام جي ذريعي 40 لک مستحق خاندانن ۾ 20 ارب رپيا ورهايا ويندا، ڊيجيٽل والٽ جي ذريعي مستحق خاندانن ۾ شفافيت سان رقم جي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم رمضان پئڪيج 2025ع جي مانيٽرنگ جي نظام جو جائزو وٺڻ جي لاءِ نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته رمضان ريليف پئڪيج تحت مستحق خاندانن ۾ رقم جي ورڇ جي لاءِ پهريون ڀيرو منفرد نوعيت جي ڊيجيٽل والٽ پروگرام کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي ۽ ان قدم سان شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي ۽ ماضي ۾ گهپلن ۽ غيرمعياري شين جي فراهمي جي شڪايتن جو ازالو پڻ ڪيو ويو آهي. ان پروگرام جي ذريعي چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 40 لک خاندانن ۾ في خاندان 5 هزار رپين جي حساب سان 20 ارب رپيا ورهايا ويندا. بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مانيٽرنگ سينٽر ۾ موصول ٿيندڙ ڪالز جي مڪمل ڊيٽا موجود آهي ۽ روزانو هزارن جي انگ ۾ عوام معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ سينٽر ۾ ڪال ڪري رهي آهي. سمورين ڪالز کي ضروري ڪارروائي کانپوءِ اڪلايو وڃي ٿو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 14 ارب رپين جي رقم مستحق عوام کي منتقل ڪئي وئي آهي ۽ هڪ هڪ مستحق جي مڪمل ڊيٽا موجود آهي، جيتوڻيڪ رقم وصول ڪندڙ مستحقين جو انگ اڃان گهٽ آهي. وزيراعظم ڊيجيٽل والٽ پروگرام کي ساراهيندي ڪاميابي سان پروگرام جاري رهڻ تي آءِ ٽي واري وزارت ۽ عملدارن کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته پهريون ڀيرو 20 ارب رپين جو رمضان پئڪيج ڊيجيٽل والٽ ذريعي حقدارن کي ڏنو پيو وڃي، 40 لک مستحق خاندانن ۾ شفافيت سان رقم جي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته ان کان اڳ يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعي ضرورت جي شين جي ورڇ جي عمل ۾ ڪرپشن ۽ ناقص ۽ غيرمعياري شين جي فراهمي جون شڪايتون هيون. موجوده پروگرام جي ذريعي ڪرپشن ۽ ٻين شڪايتن جو خاتمو ٿي ويو آهي. هن چيو ته عوام جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي. اهو جامع ۽ شاندار پروگرام ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم چيو ته رمضان المبارڪ ۾ مستحقين جي مدد ڪرڻ انتهائي نيڪ ڪم آهي. ڊيجيٽل والٽ جو پروگرام هڪ نئون خيال آهي. ان جي ذريعي مستحقين کي گهر ويٺي امداد ملندي، نه انهن کي لائينن ۾ لڳڻو پوندو ۽ نه ئي ضرورت جي شين جي معيار جي حوالي سان شڪايتون پيدا ٿينديون. هر خاندان پنهنجي مرضي موجب ان رقم کي استعمال ڪري سگهندو. وزيراعظم ان نيڪ ڪم ۾ تعاون ڪندڙ بئنڪن، ڪمپنين ۽ عملدارن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته مستحقين کي منتقل ڪيل رقم کي ڪڍرائڻ جي شرح تمام گهٽ آهي، ان حوالي سان عوام ۾ آگاهي فراهم ڪئي وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ لاڳاپيل عملدار گڏجي ڊيجيٽل والٽ جي طريقيڪار بابت عوام کي آگاهه ڪن. وزيراعظم 9999 تي ڪال ڪري پروگرام بابت معلومات حاصل ڪئي. هن 9999 تي ملندڙ شڪايتن بابت معلوم ڪيو. وزيراعظم چيو ته بنا ڪنهن رڪاوٽ ۽ دير جي حقدارن ۾ رقم جي ورڇ ممڪن ٿي رهي آهي. جديد نظام سان بدعنواني جو مڪمل خاتمو ٿي ويو. هي شاندار ۽ جامع پروگرام ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم آءِ ٽي، انڊسٽريز، اسٽيٽ بئنڪ سميت لاڳاپيل عملدارن کي پروگرام جي حوالي سان ضروري هدايتون ڪيون ۽ چيو ته ان تي فوري عملدرآمد ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. دوري دوران اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، صنعت ۽ پيداوار وارو خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل عملدار موجود هئا.