اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ دوائن جي عالمي معيار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ عالمي سطح جي ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري قائم ڪرڻ، اسلام آباد جي ڀرپاسي، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ صحت جون سهولتون پهچائڻ جي لاءِ موبائيل اسپتالون قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ جعلي دوائن جي خلاف صوبائي حڪومتن سان تعاون ۽ مشاورت سان آپريشن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ صحت ۽ دواسازي جي شعبي ۾ سڌارن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، احد خان چيما، وزيراعظم جي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد ڀرٿ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته جعلسازن کي انساني زندگين سان کيڏڻ جي اجازت نه ٿا ڏئي سگهون. صوبائي حڪومتن سان تعاون سان دواسازي شعبي جي ترقي ۽ بهتر ريگيوليشن جي لاءِ جامع پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ڊريپ ۾ دواسازي جي شعبي ۾ جعلسازي کي سهولتڪاري فراهم ڪندڙ آفيسرن جي نشاندهي ڪري انهن جي خلاف فوري ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته دوائن جي عالمي معيار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ عالمي معيار جي ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري قائم ڪئي وڃي، دواسازي جي شعبي ۾ تحقيق سان دوائن جي روانگي واپار ۾ اضافو يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان ۾ سڌاراجاتي پروگرام تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڊريپ جي پاليسي بورڊ ۾ سٺي شهرت رکندڙ لاڳاپيل تجربيڪار ماهرن جي ميرٽ تي مقرري يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته ڊرگ پرائسنگ ڪميٽي کي موثر ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم يقيني بڻايا وڃن. اجلاس ۾ وزيراعظم کي صحت ۽ دواسازي جي شعبي ۾ جاري سڌارن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ٺاهيل دوائن جي ڊيجيٽل نظام تحت رجسٽريشن جو نظام لاڳو ڪرڻ حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته قومي دوائون پاليسي تي مشاورت جاري آهي جنهن کي جلد منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو. اجلاس کي دوائن جي جانچ جي لاءِ 94 نئين ڊرگ انسپيڪٽرز جي مقرري ۽ موجوده 25 ڊرگ انسپيڪٽرز جي ڪارڪردگي جو جائزو پڻ پيش ڪيو ويو. وزيراعظم نئين ڊرگ انسپيڪٽرز جي مقرري جي عمل ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان مان دوائن جي موجوده برآمدات جو ڪاٿو 500 ملين ڊالر آهي جڏهن ته صحت واري وزارت سڌارن بشمول تحقيق جي سهولتن جي فراهمي سان روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪي دوائن جي برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ ڊريپ ايڪسپورٽ ڊائريڪٽوريٽ جو قيام پڻ حتمي مرحلن ۾ آهي. وزيراعظم کي جراحي جي اوزارن جي روانگي واپار جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ شعبي جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ عالمي معيار سان هم آهنگي جي لاءِ صحت واري وزارت پاران قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي.