اسلام آباد-20 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي مفاد لاءِ سمورن شعبن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو پوندو، نئين وفاقي بجيٽ ۾ ريٽيل سميت سمورن شعبن جي نمائندن سان مشاورت جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. مينيوفيڪچرنگ، خدمتن ۽ پگهاردار طبقي تي ٽيڪسن جو بار غير متناسب آهي، زراعت، ريئل اسٽيٽ ۽ ريٽيل جي شعبن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. رائٽ سائزنگ جو عمل مرحليوار بنيادن تي مشاورت سان اڳتي وڌايو پيو وڃي. اهڙو اظهار هن پاڪستان ريٽيل بزنس ڪائونسل جي انتظام هيٺ رٿيل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته ڪلي معيشت جي حوالي سان پاڪستان صحيح رُخ ۾ گامزن آهي، ملڪي ڪرنسي مستحڪم آهي، مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. هن وقت ٻن مهينن جي آمدني واپار لاءِ مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا موجود آهن، ناڻي واڌ جي حوالي سان به اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي آئي آهي، ڪائيبور جيڪو 23 سيڪڙو تائين پهچي چڪو هاڻ 11 سيڪڙو جي سطح تي اچي ويو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ڊيٽ ۽ ايڪويٽي جي حوالي سان به اهم اڳڀرائي ٿي آهي. بين الاقوامي ڪريڊٽ ريٽنگ جي ادارن سان اسان جو رابطو آهي، ڪالهه اسان ريٽنگ ايجنسي فچ جي نمائندن سان سٺي ملاقات ڪئي آهي. گذريل هڪ سال ۾ پاڪستان جي ريٽنگ ۾ بهتري آئي آهي ۽ انشاءَ الله هن سال به اسان سنگل بي جي ڪيٽيگري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، ان سان پاڪستان کي فنڊنگ جي ذريعن کي مختلف قسمن جو بڻائڻ ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽن ۾ ٻيهر واپسيءَ ۾ مدد ملندي. ناڻي واري وزير چيو ته معيشت کي وڌيڪ بهتري ۽ اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ محتاط ۽ دانشمنداڻن قدمن جو سلسلو جاري آهي، ڇاڪاڻ ته اسان وڌيڪ ڪنهن بوم اينڊ بسٽ سائيڪل برداشت نٿا ڪري سگهون. پائيدار ۽ جامع اؤسر اسان جو هدف آهي، اسان جي توجهه ڍانچي جاتي سڌارن تي آهي، جن تي اڳ ئي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. توانائي، ٽيڪسيشن، ايس او ايز ۽ سرڪاري مالياتي خرچن ۾ سڌارا ٿي رهيا آهن. ٽيڪسيشن جي شعبي ۾ وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن، ايف بي آر جي اينڊ ٽو اينڊ ڊجيٽلائيزشن ٿي رهي آهي، ان سان ليڪجز ۾ گهٽتائي ۽ شفافيت کي يقيني بنائي سگهبو. ڪسٽم ۾ فيس ليس انٽر ايڪشن جي شروعات ٿي وئي آهي، ان ذريعي هاڻ 80 سيڪڙو آمدني واپار پراسز ٿي رهيو آهي، سامان جي ڪليئرنگ جو وقت 120 ڪلاڪن کان گهٽ ڪري 18 کان 19 ڪلاڪن تي آندو ويو آهي. اسان ٽيڪس انتظاميه تي اعتماد ۽ انهن جي ساک جي بحالي چاهيون ٿا. وزيراعظم پاڻ ان معاملي جي نگراني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته توانائيءَ جي شعبي ۾ به سڌارا ٿي رهيا آهن. چٽاڀيٽي توانائي لاءِ اسان سخت فيصلا ڪيا آهن. اهڙيءَ طرح سرڪاري ملڪيتي ادارن ۾ به سڌارا ٿي رهيا آهن. رائٽ سائزنگ جو عمل مرحليوار بنيادن تي مشاورت سان اڳتي وڌايو پيو وڃي، هن وقت رائٽ سائزنگ جي چوٿين مرحلي ۾ 20 وزارتن جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ جون جي پڄاڻيءَ تائين هي عمل مڪمل ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته اهڙيءَ طرح نجڪاري جو عمل به اڳتي وڌايو پيو وڃي، اسان کي ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيش آيون آهن، پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل ٻيهر شروع ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته ريٽيل شعبي جو ملڪي جي ڊي پي ۾ اهم ڪردار آهي، جڏهن ته اسان ٽيڪس جي شعبي ۾ ان جو ڪردار گهٽ آهي. هن وقت مينيوفيڪچرنگ، خدمتن ۽ پگهاردار طبقي تي ٽيڪسن جو بار غير متناسب آهي، هي پائيدار طريقو ناهي، زراعت، ريئل اسٽيٽ ۽ ريٽيل جي شعبن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، زرعي انڪم ٽيڪس جي حوالي سان اڳڀرائي سٺو سنوڻ آهي. ريٽيل سميت سمورن شعبن ۾ فارمل ۽ نان فارمل جي درجابندي موجود آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ملڪي مفاد لاءِ سمورن شعبن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو پوندو، اسان کي معيشت کي دستاويزي بڻائڻو پوندو، ڊجيٽلائزيشن سان معيشت کي دستاويزي بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ريٽيل جي شعبي کي سموريون سهولتون فراهم ڪندي، جڏهن ته ريٽيل جي شعبي کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن سال نئين وفاقي بجيٽ ۾ ريٽيل سميت سمورن شعبن جي نمائندن سان مشاورت جو عمل پهرين شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن سندن تجويزن جو سٺي نموني جائزو وٺي سگهجي. هن چيو ته ٽيڪس پاليسي آفيس کي ايف بي آر بدران ناڻي واري وزارت تحت ڪيو ويو آهي، هي اهم ڍانچه جاتي تبديلي آهي، ايف بي آر جي توجهه هاڻ صرف محصولن جي وصوليءَ تي هوندي.