اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي غيرمعمولي موسمياتي تباهيون درپيش آهن، موسمياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گورننس، سڌارن ۽ صلاحيت ۾ اضافي تي ڌيان ڏنو آهي، ريزيليئنٽ جي تعمير، انفراسٽرڪچر ۽ پائيدار ترقي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ اسان کي وڌيڪ اڳڪٿي، قابل عمل ۽ گرانٽ تي ٻڌل مالي مدد جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار بريٿ پاڪستان عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن اهم ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي منتظمين مبارڪباد جا مستحق آهن، ان جو مقصد هن وقت وڏي اهم معاملي موسمياتي تبديلي جي چئلينجز جو احاطو ڪرڻ آهي، پاڪستان جو گئس خارج ڪرڻ ۾ حصو رڳو هڪ سيڪڙو آهي پر هو موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته غيرمتوقع موسمياتي تبديلين سان ٻوڏ، مسلسل گليشيئرز جو پگهرڻ، گرمي جي لهر ۾ شدت، ڏڪار جهڙا مسئلا درپيش آهن، ٻه سال اڳ ٻوڏ جي ڪري پاڪستان جو ٻه ڀاڱي ٽي علائقو ٻوڏ کان متاثر ٿيو جنهنجي ڪري 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا، 1700 ماڻهو فوت ٿيا، اهو شدت سان اڀرندڙ خطرو فوري ڌيان جو گهرجائو آهي، (نيشنل ڪلائميٽ چينج پاليسي 2021ع ۽ نيشنل اڊاپٽيشن پلان 2023ع) ۾ جوڙيوويو جيڪو اسان کي وراثت ۾ مليو جڏهن ته رڳو فريم ورڪ ڪافي نه آهي، ان تي عملدرآمد به يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گورننس ۾ سڌارن، پاليسي جي جوڙجڪ ۽ صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ لازمي آهي، اهڙن قدمن ۾ فائيو ايز ۽ فائيو سيز شامل آهن جيڪي اسان جا پنهنجا جوڙيل آهن. هن چيو ته اڏار پاڪستان تبديلي جو منصوبو آهي جنهن ۾ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز، ريزيليئنس، توانائي، ايڪويٽي، اجتماعيت ۽ ترقي شامل آهي. هن چيو ته ريزيليئنٽ جي تعمير، انفراسٽرڪچر ۽ پائيدار ترقي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ اسان کي وڌيڪ اڳڪٿي، قابل عمل ۽ گرانٽ تي ٻڌل مالي مدد جي ضرورت آهي، ان کانسواءِ موسمياتي ۽ گرين اينڊ ڪلين ٽرانسفارميشن جو خواب مڪمل نه ٿو ٿي سگهي، بريٿ پاڪستان جي قدمن جو مقصد ڪلين، گرين ۽ وڌيڪ مستحڪم پاڪستان کي يقيني بڻائڻ آهي.