اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بجلي جي شعبي ۾ سڌارن جا مثبت ثمر سامهون اچي رهيا آهن، بجلي چوري جي خلاف مهم تيز ڪري سمورين ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي خساري ۾ 100 سيڪڙو گهٽتائي آڻينداسين، بجلي شعبي جي سڌارن سان گهريلو صارفين ۽ صنعتن جي لاءِ ٽيرف ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن تي عملدرآمد بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس لغاري، خاص معاون محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي بجلي شعبي جي سڌارن جي ايندڙ ٽن سالن جي هدفن ۽ بجلي شعبي جي ڪارڪردگي تي ٺوس بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بجلي شعبي جي سڌارن ۽ بجلي چوري جي خاتمي واري مهم جي نتيجي ۾ ڊسمبر 2024ع تائين ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جون وصوليون بهتر ٿي 93.26 سيڪڙو تي پهچي ويون. اجلاس کي گردشي قرض ۾ مرحليوار گهٽتائي جي حڪمت عملي، بجلي جي پهچ جي لاءِ چٽاڀيٽي مارڪيٽن جي قيام، بجلي جي ٽيرف ۾ گهٽتائي ۽ ٻين سڌارن جي مقرر مدي جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي 500 ڪي وي لائين جي مٽياري – مورو – رحيم يار خان ۽ غازي بروٿا – فيصل آباد ٽرانسميشن لائينز منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي تحليل ۽ نئين ڪمپني انرجي انفراسٽرڪچر، ڊيولپمينٽ اينڊ مئنيجمينٽ ڪمپني قائم ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم سمورن سڌارن ۽ منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن جي بگاڙ کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ وزارت ۽ لاڳاپيل ادارا تعاون سان ڪم ڪري رهيا آهن جيڪو خوش آئنده آهي، پهرين اول پنهنجي عوام سان واعدو ڪيو هو ته انهن کي گهٽ لاڳت ماحول دوست بجلي جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته آءِ پي پيز سان معاهدن تي نظرثاني سان قومي خزاني کي بچت ۽ صارف جي لاءِ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، بجلي چوري جي خاتمي واري مهم سان ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي خساري ۾ گهٽتائي خوش آئنده ۽ بجلي واري وزارت ۽ معاون ادارن جي محنت جو نتيجو آهي، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ نجي شعبي مان سٺي شهرت جي بورڊ ميمبرن جي مقرري سان ڪمپنين جي ڪارڪردگي ۾ بهتري اچي رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙيون ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جن ۾ بورڊ ناهن جوڙيا ويا انهن ۾ به جلد نجي شعبي مان سٺي شهرت جا بورڊ ميمبر مقرر ڪيا وڃن، بجلي جي پهچ نقصانن ۾ گهٽتائي پڻ سڌارن جي مثبت نتيجن جو واضح ثبوت آهي، بجلي شعبي جي سڌارن سان گهريلو صارف ۽ صنعتن جي لاءِ ٽيرف ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻينداسين.