اسلام آباد- 21 جنوري (اي پي پي) سينيٽ ميمبرن سنڌو درياهه تي بئراج، ڊيمز ۽ لنڪ ڪينالز ٺاهڻ جي فيصلي تي اعتراض واريندي معاملي کي سي سي آءِ ۽ آئيني بئنچ آڏو رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سينيٽ اجلاس ۾ سنڌو درياهه تي ڪمرشل ڪموڊٽي فارمنگ لاءِ ڪيترائي بئراج، ڊيمز ۽ لنڪ ڪينالز تعمير ڪرڻ جي حڪومتي فيصلن بابت التوا هيٺ رٿ تي بحث جي شروعات ڪندي شيري رحمان چيو ته سڄي سنڌ ۾ هر طبقو، لاڳاپيل ڌُرين، آبادگار ايسوسيئيشنز سڀني ان ڳالهه تي احتجاج ڪيو آهي ته نگران وفاقي حڪومت اها منصوبا بندي ڪئي هئي، غلط تمام واضح آهي ته پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ جي معاهدي جي حوالي سان ڪا صلاح مشورو نه ٿيو، بلوچستان ۾ فارمنگ لاءِ پاڻي کي اُتان موڙيو پيو وڃي، اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ٿئي، اسان جي معيشت زراعت تي ٻَڌل آهي، ارسا رپورٽ ڪري رهي آهي ته سسٽم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آهي، بلوچستان ۽ سنڌ ان حوالي سان اعتراض ڪري چڪا آهن، پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آهي، ڪراچي ۾ پاڻيءَ جي حوالي سان ڦر ڦران ٿيندي آهي، سي سي آءِ جي ميٽنگ گُهرائي وڃي. شبلي فراز چيو ته پ پ حڪومت جي اتحادي آهي، حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته پ پ جي شنوائي نه پئي ٿئي، ان معاملي کي سي سي آءِ ۾ وڃڻ گهرجي، سي سي آءِ جو اجلاس ٿيڻ گهرجي. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته جيڪڏهن اوهان وٽ پاڻي گهڻو آهي ته واهه ضرور ٺاهيا وڃن، گذريل ڏهاڪن جي معاهدن موجب به پاڻي موجود ناهي، پنجاب ان حوالي سان گهٽ متاثر ٿئي ٿو، بلوچستان ان ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو، اهڙن واهن سبب صوبن ۾ وڇوٽيون پيدا ٿينديون، ان فيصلي کي معطل ٿيڻ گهرجي. صوبن کي ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. سينيٽر ڄام سيف الله چيو ته بلوچستان ۾ لکين ايڪڙ زمين پاڻي نه پهچڻ سبب بنجر ٿي چڪي آهي، ان معاملي کي آئيني بينچ ڏانهن اُماڻڻ گهرجي. ان سان گهڻا ماڻهو متاثر ٿيندا. سينيٽر عرفان الحق صديقي چيو ته 1991ع ۾ نواز شريف جي حڪومتي دؤر ۾ پاڻيءَ جو معاهدو ٿيو هو جنهن جي سي سي آءِ توثيق ڪري ٿي، ان معاهدي تحت طئي ٿيو ته صوبن ۾ پاڻي وِرهايو ويندو، ان معاهدي ۾ شرح جو تعين ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته اهڙن معاملن تي ويهي طئي ڪرڻ گهرجي، ڪنهن جو حق نه ماريو وڃي، جيستائين اسان ان معاهدي اندر رهنداسين ۽ اڳتي نه وڌنداسين ته پوءِ اعتراض نٿو بڻجي، پنهنجي حصي جي پاڻي کي استعمال ڪرڻ تي ڪو اعتراض نه هئڻ گهرجي. سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته 1991ع جي معاهدي ۾ پنجاب ۽ سنڌ جي حصي ۾ وڌيڪ پاڻي اچي ٿو، ان معاهدي ۾ بلوچستان کي نظرانداز ڪري گهٽ حصو ڏنو ويو. 1991ع جي معاهدي تي جيئن جو تيئن عمل ڪرڻ گهرجي. گرين پاڪستان جو انيشيئٽو تمام سٺو آهي. سينيٽر پونچو ڀيل، سينيٽر منظور احمد ڪاڪڙ، سينيٽر جان محمد بليدي، سينيٽر دوست علي جيسر، سينيٽر سيد علي ظفر ۽ سينيٽر ناصر بٽ به التوا هيٺ رٿ تي خيالن جو اظهار ڪيو.