اسلام آباد- 21 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته چانور جي روانگي واپار بابت اعتراض سامهون ضرور آيا آهن، جيت مار دوائون استعمال ڪرڻ سبب معمولي اثر ظاهر ٿين ٿا جنهن سبب چانور جي روانگي واپار کي روڪيو ويندو آهي، اهڙن چانورن کي ري ايڪسپورٽ ڪري سگهجي ٿو، رائيس ايڪسپورٽرز سان گڏجي انهن مسئلن کي حل ڪيو ويندو. سينيٽ اجلاس ۾ چانورن جي روانگي واپار بابت سينيٽر سرمد علي جي ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته هن وقت اهڙي ڪا صورتحال ناهي جنهن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان ۾ 2-3 ڏينهن لاءِ رڪاوٽ آئي، چانور جي روانگي واپار ۾ جيڪي رڪاوٽون اچي رهيون آهن اهي معمولي آهن، اسان جي چانور جي روانگي واپار ۾ 75 جي ويجهو رڪاوٽون آيون جڏهن ته ڀارت ۾ چانور جي روانگي واپار ۾ 455 رڪاٽون آيون آهن، آبادگار فصل ٿيڻ کان پهرين جيت مار دوائون استعمال ڪندا آهن ان سبب اثر ظاهر ٿين ٿا جنهن سبب چانور کي روڪيو ويندو آهي، هي صحت لاءِ نقصانڪار ناهن هوندا، اهڙن چانورن کي ري ايڪسپورٽ ڪري سگهجي ٿو، رائيس ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن سان ان حوالي سان ميٽنگ ڪئي وئي آهي جنهن سان هو مطمئن آهن. ان کان اڳ سينيٽر سرمد علي ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان 4 ارب ڊالرن جو ساليانو چانور روانگي واپار ڪري ٿو جيڪو اسان جي مجموعي روانگي واپار جو 13 سيڪڙو ۽ وڏو مقدار آهي، 60 لک ٽن ساليانو چانور روانگي واپار ڪيو ويندو آهي جنهن مان 4 لک ٽن يورپ ڏانهن روانو ڪيو ويندو آهي. انٽرنيشنل فوڊ سيفٽي اينڊ فائيٽو سينيٽري اسٽينڊرڊ سرٽيفڪيشن کي حاصل ڪرڻ ۾ دير سبب چانور جي روانگي واپار ڪندڙن ۾ بي چيني ڏٺي وڃي ٿي.