اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي خصوصي صنعتي زونز صنعتي اسٽيٽس جي لاءِ هڪ جهڙي ٽيرف ۽ ان کي هڪ پوائنٽ تي بجلي فراهمي ۽ ان جي انتظاميا کي پاڻ ڪنيڪشن ڏيڻ، بل گڏ ڪرڻ ۽ ٻيا معاملا اڪلائڻ جي اجازت ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت صنعتي ترقي جي لاءِ وڏو قدم کنيو آهي، حڪومت توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي ۾ خصوصي صنعتي زونز صنعتي اسٽيٽس جي لاءِ هڪ جهڙي ٽيرف جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ خصوصي صنعتي زونز ۽ صنعتي اسٽيٽس کي بجلي فراهمي جو نئون نظام منظور ڪيو ويو. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي پاور ڊويزن جي سمري تي انڊسٽريل اسٽيٽس ۽ اسپيشل صنعتي زونز کي هڪ پوائنٽ تي بجلي فراهمي ۽ ان جي انتظاميا کي پاڻ ڪنيڪشن ڏيڻ، بل گڏ ڪرڻ ۽ ٻيا معاملا اڪلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ان نظام تحت خصوصي صنعتي زونز انڊسٽريل اسٽيٽس ۾ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي آفيسرن جي مداخلت کي ختم ڪيو ويو. ان ڏس ۾ هڪمخصوص آپريشنز اينڊ مئنيجمينٽ مڪينزم ٺاهيو پيو وڃي. پاور ڊويزن ۽ نيپرا ان مڪينزم تي ايندڙ ٻن کان ٽن مهينن ۾ عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيندو. نظام تحت زون ڊيولپر کي زونز ۾ موجود صنعتن کي بجلي جي فراهمي جي لاءِ ڪو اضافي لائيسنس گهربل نه هوندو، ان نظام تحت صنعتن کي هڪ جهڙي ٽيرف جي ڪري چٽاڀيٽي ۾ آساني ٿيندي، صنعتي ترقي ۽ برآمدات ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف نئون نظام سمورن خصوصي صنعتي زونز تي لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ صنعتي ترقي اهميت رکندڙ آهي، الله جي فضل ۽ ڪرم سان ڪاروبار ۾ آساني جي پنهنجي وچن جي تڪميل طرف تيزي سان گامزن آهيون. هن چيو ته صنعتن کي هڪ جهڙي ٽيرف تي بجلي جي فراهمي سان ملڪي صنعتي ترقي جي رفتار ۾ اضافو ٿيندو، صنعتن جو ڦيٿو هلڻ سان روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا، روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته خصوصي صنعتي زونز کي بجلي جي پهچ نظام جي بهتري سان صنعتون معيشت جي وڌيڪ ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪنديون. اجلاس کي پاور ڊويزن پاران جولاءِ کان نومبر 2024ع جي گردشي قرض جي رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي بجلي شعبي جي سڌارن جي قدمن جي مثبت نتيجن جو سلسلو جاري آهي، پهرين 5 مهينن ۾ گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال گردشي قرض ۾ اضافي بدران گهٽتائي ٿي آهي، جولاءِ کان نومبر 2023ع ۾ گردشي قرض ۾ 368 ارب رپين جو اضافو ٿيو هو جڏهن ته 2024ع ۾ پهرين 5 مهينن ۾ گردشي قرض ۾ ڪنهن به قسم جي اضافي بدران 12 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي، اهڙي طرح مالي سال، گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ گردشي قرض ۾ مجموعي طور تي 380 ارب رپين جي بهتري آئي، 4 سيڪڙو اضافي کانپوءِ هلندڙ مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ بجلي شعبي جون اوڳاڙيون 96 سيڪڙو تي پهچي ويون. بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ بهتري کانپوءِ نقصانن جي مد ۾ 53 ارب رپين جي گهٽتائي آئي، بجلي جي مجموعي قيمت ۾ هلندڙ مالي سال 4.64 رپين جي گهٽتائي ڪئي وئي جيڪو سڌارن کانپوءِ ممڪن ٿيو. وزيراعظم چيو ته تاريخ گواهه آهي ته الله رب العزت جڏهن جڏهن موقعو ڏنو ملڪ کي اونداهين مان ڪڍيو، بجلي شعبي جي سڌارن جو عمل تيزي سان جاري آهي جنهن جا ثمر اچڻ جو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته عوام کي گهٽ لاڳت، ماحول دوست ۽ تسلسل سان بجلي جي فراهمي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، آءِ پي پيز جي معاهدن تي نظرثاني سان بجلي جي صارفين جي لاءِ لاڳت کي وڌيڪ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته پاور ڊويزن ۽ لاڳاپيل ادارا گردشي قرض گهٽ ڪرڻ ۽ شعبي جي سڌارن جي لاءِ ساراهه جوڳا آهن. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، سردار اويس خان لغاري، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، خاص معاون محمد علي، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.