اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران وفاقي ڪابينا غزه ۾ معصوم فلسطينين تي اسرائيلي بمباري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته غزه تي اسرائيلي بمباري فوري طور تي بند ڪئي وڃي، فلسطين مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي ۽ فلسطين جي 1967ع کان اڳ واري حيثيت بحال ڪئي وڃي، پي او آر ڪارڊز رکندڙ افغان پناهگيرن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي، غيرقانوني طور تي رهندڙ افغان پناهگيرن کي فوري طور تي پاڪستان ڇڏڻ جو چيو ويو آهي، وفاقي ڪابينا سهيل ناصر کي نيب جو ڊپٽي چيئرمين ۽ سيد احتشام قادر شاهه کي نيب جو پراسيڪيوٽر جنرل اڪائونٽيبلٽي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، ڪابينا پي آءِ اي جي نجڪاري جي لاءِ فنانشل ايڊوائيزري ڪنسورشيم جون خدمتون وٺڻ جي پڻ منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ غزه ۾ اسرائيل پاران معصوم فلسطينين خاص طور تي شهري آبادي تي بمباري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. ڪابينا اسرائيل پاران غزه جي گهيراءُ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڳنڀير صورتحال، خوراڪ ۽ پاڻي جي شديد کوٽ جهڙن مسئلن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته نگران وفاقي ڪابينا متفقه طور تي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته والاريل فلسطين ۾ تازي ڇڪتاڻ اسرائيل پاران 7 ڏهاڪن تي ٻڌل ناجائز قبضي، معصوم فلسطينين تي ظلم ۽ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن جي کليل خلاف ورزين جو نتيجو آهي. ڪابينا مطالبو ڪيو ته فوري طور تي غزه ۾ معصوم فلسطينين تي جاري بمباري روڪي وڃي ۽ ناجائز گهيراءُ کي ختم ڪري متاثرين تائين عالمي امداد کي پهچڻ ڏنو وڃي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڪابينا پاڪستان حڪومت جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو ته فلسطين مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ فلسطيني عوام جي امنگن موجب حل ڪري هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي جنهن جون سرحدون 1967ع ۾ اسرائيل جي غاصباڻي قبضي کان اڳ موجب هجن ۽ ان جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن ٻڌايو ته نگران وزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته وفاقي وزير رڳو ضروري نوعيت جا غيرملڪي دورا ڪن. ڪابينا لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج سهيل ناصر کي نيب جو ڊپٽي چيئرمين ۽ سيد احتشام قادر شاهه کي نيب جو پراسيڪيوٽر جنرل اڪائونٽيبلٽي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. هن چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري جي لاءِ فنانشل ايڊوائيزري ڪنسورشيم جون خدمتون وٺڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. ڪابينا رياستي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 21 ۽ 28 سيپٽمبر جي اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 3 آڪٽوبر 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا پرڏيهي وزارت جي سفارش تي برگيڊيئر شاهد عامر افسر کي پاڪ چين لاڳاپن جي فروغ لاءِ چين پاران عطا ڪيل ايوارڊ “PLA Commemorative Medal” وصول ڪرڻ جي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ طئي ٿيل حوالگي جي معاهدي تحت فراڊ ڪيس ۾ گهربل پاڪستاني شهري جوابدار شهزاد احمد ولد ولي محمد قريشي جي حوالگي جي منظوري ڏني، اهڙي طرح ڪويت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ طئي ٿيل حوالگي جي معاهدي تحت گهربل پاڪستاني شهري ارشد علي ولد مظهر علي جي حوالگي جي پڻ منظوري ڏني. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته غزه جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان عالمي سطح تي ٿيندڙ ڪوششن جو حصو هوندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اهڙن افغان شهرين جي خلاف ڪارروائي نه ٿي رهي آهي جن وٽ پي او آر ڪارڊز موجود آهن. هن چيو ته گذريل افغان حڪومت جن افعان شهرين جا سٽيزن شپ ڪارڊ جاري ڪيا هئا ۽ انهن جي تصديق جي عمل ۾ ان وقت جي افغان حڪومت جا نمائندا شامل هئا، انهن جي خلاف پڻ ڪارروائي نه ٿي رهي آهي. هن چيو ته 31 آڪٽوبر جي رضاڪاراڻي واپسي جي ڊيڊ لائين انهن جي لاءِ جن وٽ ويزا يا ڪي به قانوني دستاويز موجود نه آهن. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته هزارن جي انگ ۾ غيرقانوني رهندڙ ماڻهو واپس وڃڻ شروع ٿي ويا آهن. هڪ ٻئي سوال تي مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان جي چونڊ تاريخ ۾ شديد ترين سرديءَ ۽ شديد گرمي ۾ پڻ چونڊون ٿينديون رهيون آهن، 1970ع ۾ پاڪستان جي پهرين بالغ راءِ جون چونڊون ڊسمبر جي مهيني ۾ ٿيون هيون، ڊسمبر جي سرديءَ جنوري جي آخري هفتي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندي آهي، 2008ع جون چونڊون به جنوري ۾ شيڊيول هيون جيڪي بينظير ڀٽو جي شهادت جي ڪري فيبروري ۾ ٿيون، 2013ع جون چونڊون گرمي جي موسم مئي ۾ جڏهن ته 2018ع جون چونڊون شديد گرمي جي موسم جولاءِ ۾ ٿيون هيون. هن چيو ته حڪومت جي ذميواري آهي ته اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي عمل ۾ سمورا وسيلا فراهم ڪري.