ڪراچي – 31 – آگسٽ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي معياري تعليم کي ڪنهن به قوم جي ترقي جي لاءِ اهم قرار ڏيندي يقين ڏياريو آهي ته حڪومت تعليم ۽ تحقيق جي معيار کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هو وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ريجنل آفيس ڪراچي ۾ سنڌ جي سرڪاري شعبي جي يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ايڇ اي سي جو چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد پڻ موجود هو. اعليٰ تعليم جي معيار جي بهتري جي حوالي سان منقعد سيشن ۾ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز پنهنجي يونيورسٽين جي ڪارڪردگي، مالياتي ۽ ٻين مسئلن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تدريسي ۽ تحقيقي معيار کي وڌائڻ جي لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون. اجلاس کي خطاب ڪندي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کيس هدايت ڪئي آهي ته هو تعليمي ادارن جو دورو ڪري انهن جي مسئلن جو جائزو وٺي ۽ انهن جي حل لاءِ قدم کڻي. نگران وفاقي وزير چيو ته هن اسلام آباد ۾ اسڪولن جا دورا ڪيا ۽ مسئلن جي حل لاءِ هدايتون جاري ڪيون ۽ هاڻي سنڌ جي يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان ملاقاتون ڪري رهيو آهيان. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اجلاس ۾ تعليم جي معيار ۽ وسيلن جي کوٽ سميت سمورن مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، رابطن جوسلسلو جاري رهندو، صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ حل ڳولڻ جي لاءِ هو يونيورسٽين جا دورا پڻ ڪندو. اعليٰ تعليمي ادارن ۾ بهتري جي لاءِ وائيس چانسلرز کان تجويزون طلب ڪندي هن چيو ته يونيورسٽيون تعليم ۽ تدريس جي اعليٰ جڳهه آهن ۽ انهن کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ سندس بنيادي ذميواري آهي. ايڇ اي سي چيئرمين ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ يونيورسٽين کي انتظامي ۽ تعليمي معاملن ۾ مڪمل خودمختياري حاصل آهي پر ان سان گڏ ذميواري ۽ جوابدهي جا تصور پڻ واڳيل آهن. ايڇ اي سي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم ۽ تحقيق جي لاءِ گهٽ کان گهٽ معيار طئي ڪرڻ ۽ انهن کي يقيني بڻائڻ ۽ ان مقصد جي لاءِ رهنمائي ۽ وسيلا فراهم ڪرڻ جي ذميوار آهي جڏهن ته ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو وڃي ٿو ته يونيورسٽين کي هڪ مقرر معيار جي بنياد تي وسيلن ۾ انهن جو حصو ملي. هن چيو ته يونيورسٽيون نصاب کي اپ ڊيٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون سفارشون موڪلي سگهن ٿيون ۽ ايڇ اي سي ان سلسلي ۾ تعاون ڪندي. مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز تجويز پيش ڪئي ته نئين شامل ٿيندڙ استادن جي تربيت، تدريسي طريقيڪار کي بهتر بنائن، نئين شاگردن جي لاءِ فائونڊيشن سيمسٽر شروع ڪرڻ، اڪيڊمي ۽ انڊسٽري جي وچ ۾ رابطو قائم ڪرڻ، اخلاقي تعليم تي ڌيان ڏيڻ، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، اڪيڊمي ۽ اسڪالرز جي مٽاسٽا جي پروگرام جي لاءِ قدم کنيا وڃن. بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نگران وفاقي وزير چيو ته معياري تعليم ۽ تحقيق ڪنهن به قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ پاڪستان وٽ درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعليم جي فروغ کانسواءِ ڪو آپشن نه آهي. هن چيو ته ايڇ اي سي سڄي ملڪ جي يونيورسٽين کي دستياب وسيلن مان فنڊز فراهم ڪرڻ کانسواءِ اعليٰ تعليمي ادارن کي رهنمائي ۽ ريگيوليٽري سپورٽ فراهم ڪري رهيو آهي ۽ مسئلن جي حل لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي ايڇ اي سي چيئرمين ۽ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز وفاقي وزير کي سووينيئر پڻ پيش ڪيو.