اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد جي ناليواري اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني کي سندس ٻي ورسيءَ تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سيد علي شاهه گيلاني هڪ بهادر ۽ ثابت قدم اڳواڻ هو، هن گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪشميرين جي نسلن کي انهن جي جدوجهد ۾ متاثر ڪيو. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتازه زهره بلوچ پڻ هڪ بيان ۾ سيد علي شاهه گيلاني کي ٻي ورسيءَ تي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ سندس جدوجهد کي ياد ڪيو. ترجمان چيو ته سيد علي شاهه گيلاني هڪ دلير اڳواڻ هو جيڪو ڪشميرين جي نسلن جي حوصلا افزائي ڪندو رهندو جيڪي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي منصفاڻي جدوجهد ۾ ثابت قدم آهن.