اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اقتصادي ڪائونسل جي جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، قومي اقتصادي ڪائونسل جا ڪل 13 ميمبر آهن، وزيراعظم چيئرمين هوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب قومي اقتصادي ڪائونسل ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ مالياتي، واپاري، معاشرتي ۽ اقتصادي پاليسيز جي حوالي سان منصوبابندي جي ذميوار آهي. صدر قومي اقتصادي ڪائونسل جي جوڙجڪ جي مننظوري آئين جي آرٽيڪل 156 هڪ ۽ رولز آف بزنس تحت ڏني آهي. قومي اقتصادي ڪائونسل ۾ وزيراعظم ۽ چئني صوبن جا وڏا وزير شامل آهن. قومي اقتصادي ڪائونسل ۾ چئني صوبن مان نگران حڪومتن جا نمائندا به شامل آهن، پنجاب مان توانائي ۽ انڊسٽري، ڪامرس، سيڙپڪاري ۽ هنرمندي واري نگران وزير ايس ايم تنوير کي ڪائونسل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سنڌ مان ناڻي، اوڳاڙين، منصوبابندي ۽ ترقي واري نگران وزير يونس ڍاگا، خيبرپختونخواهه مان ناڻي، اوڳاڙين، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ منشيات جي خاتمي واري نگران وزير احمد رسول بنگش، بلوچستان مان ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وزير امجد رشيد کي قومي اقتصادي ڪائونسل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. وفاق مان ناڻي، اوڳاڙين، اقتصادي معاملن ۽ نجڪاري واري نگران وزير به ڪائونسل ۾ ميمبر هوندي. منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وارو نگران وزير ۽ مواصلات، ريلويز ۽ سامونڊي معاملن وارو نگران وفاقي وزير پڻ ڪائونسل ۾ شامل هوندا. قومي اقتصادي ڪائونسل ۾ توانائي ۽ پيٽروليم واري نگران وفاقي وزير کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي.